Pages

Wednesday 28 December 2016

پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جو قلعو مضبوط ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڏيهه واپس پهچڻ بعد 27 ڊسمبر تي خوشخبري ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ تجزيه نگارن ۽  سياسي مبصرن ۾ بحث ڇڙي ويا هئا ته آخر اها خوشخبري ڪهڙي هوندي؟ ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجو  پنهنجو تجزيو پيش ڪري رهيو  پر  جڏهن 27 ڊسمبر  وارو ڏينهن آيو ته ان وقت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڏي آواز سان خطاب ڪندي خوشبري بابت ٻڌائندي چيو ته هو ۽ سندس فرزند بلاول ڀٽو زرداري چونڊن ۾ حصو وٺي پارليامينٽ جي سياست ڪندا، اهڙي اعلان کانپوءِ ڪجهه اڳواڻن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي ته  ڪجهه وري خوش به ٿيا، ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن جي قبرن تي گلن جو چادرون به چاڙهيون ويون. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجاب خطاب ۾ چيو ته بلاول ڀٽي زرداري جمهوري مطالبا ڪيا آهن ۽ احتجاج انهن جو جمهوري حق آهي. شهيد بينظير ڀٽو جي نائين ورسي جي موقعي تي  پيپلزپارٽي جي مختلف اڳواڻن به خطاب ڪيو،
بهرحال خوشبري ٻڌڻ کان پوءِ لڳي رهيو آهي ته آصف علي زرداري هن ڀيري پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي شايد کيس هاڻ خبر پئجي چڪي آهي ته پنجاب ۾ سندس پارٽي ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ ان جو اندازو کيس خالي تڪن تي ٻيهر ٿيل چونڊن مان ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصي کان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ سياسي اثر رسوخ وڃائيندي پئي وڃي پر پي ٽي آءِ پنجاب ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته عمران خان پاناما معاملي تي پنهنجو موقف واضع رکيو آهي ۽ سندس احتجاجن ۽ ڌرڻن کيس عوام ۾ وڌيڪ مقبوليت ڏياري آهي، اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم نوازشريف کان ويندي سعد رفيق تائين سمورا  نواز ليگ اڳواڻ عمران خان جي احتجاجي ڌرڻن کان خوفزده نظر ايندا آهن، بهرحال  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاناما معاملي تي وزيراعظم نوازشريف خلاف ته ڳالهايو آهي ۽ سندسن خاندان بابت بيان به ڏنا آهن، ايتري قدر جو عمران خان شايد ئي ڪو اهڙو نواز ليگ اڳواڻ ڇڏو هجي جنهن کي  پنهنجن تير جهڙن لفظن سان وار نه ڪيو هجي، صرف هڪ  اڳواڻ نواز ليگ جو اهڙو به آهي جنهن بابت هن وقت تائين عمران خان ڪو خاص بيان نه ڏنو آهي ۽ نه وري ان خلاف پنهنجن جلوسن ۽ احتجاجن ۾ ڳالهايو آهي، اهو ٻيو  ڪو نه پر صرف چوڌري نثار ئي آهي،
جيڪڏهن هن وقت پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ پوزيشن ڏٺي وڃي ته ٻين جي ڀيٽ سڀ کان وڌيڪ مضبوط پارٽي پيپلزپارٽي آهي ۽ هتان جا وڏيرا ۽ بااثر شخصيتون به پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي چڪيون آهن، جيڪو سلسلو شايد اڳتي به هلي سگهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي چيئرمين  بلاول ڀٽي زرداري جي قيادت ۾ ڪارڪن تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهن ۽ آصف علي زرداري به ڏيهه واپس اچي ويو آهي. ڪجهه سياسي اڳواڻ  اهو به چئي رهيا آهن ته آصف علي زرداري ڏيهه ته آيو آهي پر  وٽس ريٽرن ٽڪيٽ به موجود آهي. بهرحال پيپلزپارٽي چيئرمين پرڏيهه وڃي يا نه وڃي اهو بعد جو فيصلو آهي پر جهڙي ريت سنڌ ۾ وڏيرا، ڀوتار ۽ اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيون آهن تهڙي ريت هاڻ پيلپلزارٽي جو سمورو ڌيان پنجاب ۽ ڪي پي تي هوندو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جي مخالف هن وقت تائين ڪا ٻي پارٽي پيدا نه ٿي سگهي آهي جيڪا پيپلزپارٽي سان مقابلو ڪري سگهجي. فنڪشنل ليگ جو اهم اڳواڻ امتياز شيخ سميت ٻيا به اهم اڳواڻ پارٽيون ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن.
 هڪ طرف سنڌ ۾ مڪاني کاتن واريون چونڊون ڪرايون ويون ته ٻي طرف وري انهن کي اختيار نه پيا ڏنا وڃ پر افسوس جو  پيپلزپارٽي طرفان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو وڃي. 27 ڊسمبر جي جلسي ۾ آصف علي زرداري جي خطاب مان لڳي رهيو  آهي ته آصف علي زرداري هن ڀيري چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هن وقت کان ئي پنهنجيون مصروفيتون تيز ڪري ڇڏيون آهن.هڪ طرف پيپلزپارٽي ۾ اهم شخصيتون شامل ٿي رهيون آهن ته ٻي طرف وري رينجرز به آصف علي زرداري جي ويجهي دوستن خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيو آهن، جڏهن ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروايون شروع ڪيون هيون ته ان وقت جي سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو ۽ هو بيان ڏيندو هو ته کيس خبر ئي نه ٿي پئي ته ڪراچي ۾ جيڪو آپريشن ٿي رهيو آهي ان جو ڪپتان ڪير آهي ۽ پ پ اڳواڻن طرفان رينجرز جي ڪاررواين تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي ويندي هئي. ايتري قدر جو رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ واڌ ۾ تمام گهڻو سوچيو ويندو هو، بهرحال هن وقت به رينجرز جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن آصف علي زرداري ڏيهه واپس پهتو هو تڏهن به رينجرز سندس ويجهي دوست جي آفيس تي ڇاپو هنيو هو ۽ اتان هٿيار به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. جڏهن رينجرز اهڙي ڪارروائي ڪئي ته  پ پ اڳواڻ اهو ئي چئي رهيا هئا ته رينجرز کي ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ وڏي وزير کي ٻڌائڻو پوندو،
 وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ته اهو چيو ته هو اختيار اورنگهائيندڙن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اليڪشن کان اڳ ئي پيپلزپارٽي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي به هٽائي ڇڏيو آهي ۽ ان جي حمايت وفاق به ڪري رهي آهي ته کيس جبري طور هٽايو ويو آهي پر پيپلزپارٽي طرفان بيان ڏنا ويا ته جيڪڏهن اي ڊي خواجا ايڏو ئي ڀلو آهي ته کيس پنجاب جو آءِجي ڇو نه ٿو بڻائي وڃي. جيڪڏهن 27 ڊسمبر تي ٿيل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري جي  خطابن تي نظر ڦيرائينداسين ته خبر پوندي ته ٻنهي پي ءُ پٽن هاڻ موجوده پارلياماني سياست ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڪارڪنن کي سياسي لانگ مارچ ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي،  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي 27 ڊسمبر تي ٿيل خطاب ۾ چيو هو ته چار مطالبا مڃرائڻ لاءِ سڄي ملڪ جو هودورو ڪندو. سندس اهو به چوڻ هو ته عوام تيار رهي، غاصبن جو قبضو ختم ڪرائڻ هو وڃي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو وقت ملڪ ٽٽڻ وارو هو، سنڌ جي راڻي کي کسيو ويو، سنڌي ۽ ٻيا صوبا هڪ ويڙهه لاءِ تيار رهن ۽ هو سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جو پلان وٺڻ لاءِ نڪتو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته ڪابينا هڪ دهشتگرد کي به شامل  ڪيو  ويو آهي. جڏهن ته آصف علي زرداري چيو  ته بلاول جيڪي به مطالبا ڪيا آهن ۽ اهو سندس جمهوري حق آهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پيپلزپارٽي ڪهڙي ريت پنجاب ۽ ٻين صوبن پنهنجا پير ڄمائيندي ۽ ڪهڙي ريت پنجاب کي پ پ جو قلعو بڻائيندي، اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائندو، ڇاڪاڻ ته ماضي جي ڀيٽ پنجاب جون حالتون وڌيڪ تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ نواز ليگ لاءِ به پنجاب ۾ وڏا چئلنجز موجود آهن، جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي کان خالي ٿيل تڪن تي نواز ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿي رهيا آهن پر هن ڀيري جون مختلف هونديون ۽ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ نواز ليگ کڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندي ۽ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ واحد پارٽي هوندي جيڪا ووٽ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته هتان جون اهم شخصيتون ته پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي چيڪون آهن، باقي رهي ڳالهه پنجاب جي ته اتان جا چوڌري صرف پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ ۾ ئي شموليت اختيار ڪري رهيا آهن ۽ پيپلزپارٽي ڏينهون ڏينهن پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ ناڪام ٿيندي پئي وڃي.


No comments:

Post a Comment