Pages

Friday 23 December 2016

دهشتگردن خلاف نرم رويو ۽ سياسي سرگرميون

صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي ملڪ جي لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترائي خاندان اجڙي چڪا آهن، ڪڏهن دهشتگرد امام بارگاهن تي حملو ڪن ٿا ته ڪڏهن وري اوليائن جي درگاهن تي آپگهاتي ڌماڪا ڪيا وڃن ٿا، جنهن سبب اُملهه حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن، پيپلزپارٽي جي حڪومت هجي يا وري نواز سرڪار جي حڪومت، دهشتگرد پنهنجي ڪاررواين کان هڪ تر به پوئتي نه هٽي رهيا آهن پر حڪومت مضبوط ۽ اثرائتي قدم کڻڻ بدران صرف بيانن مان ئي پنهنجي جان ڇڏائي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ جڏهن دهشتگردن خلاف ڪارروايون ٿينديون هيون ته ان وقت چيو ويندو هو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻ گهٽ دهشتگردي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ۽ هاڻ نواز سرڪار به ساڳيو ئي راڳ ڳائي رهي آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ دهشتگردي کي ماضي جي آمراڻي دور جو تحفو قرار ڏيندي هئي ۽ هاڻ نوازسرڪار ان ڏنل تحفي جي ڀيٽ پيپلزپارٽي جي گذريل دور سان ڪري رهي آهي پر افسوس جو نوازسرڪار اها ڀيٽ ڪرڻ کان اڳ دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي ها ته اڄ هن ملڪ ۾قيمتي انساني جانيون ضايع نه ٿين ها ۽ نه ئي ڪو ماڻهو بي روزگاري سبب آپگهات ڪري ها،  هونءَ ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ظاهري طور تمام گهڻا اختلاف نظر اچي رهيا آهن پر جڏهن اڳوڻو صدر ۽ پيپلزپارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي جلاوطني پاڻ مرادو ختم ڪري ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت وزيراعظم نوازشريف طرفان سندس اهڙي فيصلي جي تمام گهڻي واکان ڪئي هئي، جنهن مان لڳي رهيو هو ته بلاول ڀٽو زرداري جيڪي به نوازسرڪار خلاف بيان ڏئي رهيو آهي  اهو صرف سياست جي شروعات آهي ۽ اهي ڪي حقيقي اختلاف نه آهن،
جڏهن  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري وزيراعظم نوازشريف آڏو پنهنجا چار مطالبا رکيا هئا ۽ چيو هو ته جيڪڏهن سندس مطالبا نه مڃيا ويا ته دمادم مست قلندي ٿيندي ته ان وقت لڳي رهيو هو ته بلاول ڀٽو زرداري سياست ۾ قدم رکيو جيڪو سندس تمام سٺو فيصلو هو  ۽ هو ڪرپشن خلاف شرروع ٿيل هن جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو پر افسوس جو ائين هاڻ شايد نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جو منشور ئي هاڻ مفاهمت آهي ۽ نعرو به پيپلزپارٽي جو هاڻ اهو ٿيندو پيو وڃي ته  مفاهمت جو عمل جاري رهندو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مفاهمت جي نالي تي جيڪا ڪراچي اندر سياست چمڪائي و ئي هئي اها ڪيتري حد تائين ڪامياب رهي ۽ ان مفاهمت سان صرف پارٽي کي ئي فائدو ٿيو يا وري ملڪ جي غريب ۽ اٻوجهه عوام کي ڪو فائدو پهچندو. بهرحال هن وقت ملڪ اندر دهشتگردي جا واقعا جهڙي ريت پيش اچي رهيا آهن انهن بابت اهو چئي سگهجي ٿو ته دهشتگرد قانون کان به وڌيڪ مضبوط ٿيندا پيا وڃن جنهن سبب اهي درگاهه شاهه نوراني تي به ڌماڪو ڪري سگهن ٿا ۽ قيمتي انساني جانيون به کسي سگهن ٿا، جيڪڏهن هن وقت به دهشتردن کي نه چٿيو نه ويو ته اهي دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ڪامياب ٿيندا رهندا.  جڏهن ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ سينٽر تي دهشتگردن حملو ڪيو ويو هو ته ان وقت شروعات ۾ اهو چيو ويو هو ته هڪ ٻه دهشتگرد سينٽر اندر داخل ٿيا آهن بعد خبر  پئي هئي ته دهشتگردن جي حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، جيڪڏهن ان وقت ئي دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون درست نموني ڪي وڃي ها شايد نوراني جهڙو ٻيو افسوسناڪ واقعو پيش نه اچي ها ۽ ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي وڃن ها پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن دهشتگردن خلاف نرم رويو ختم ڪيو وڃي،
ماضي ۾ مختلف ملڪ اهو مطالبو ڪندا هئا ته سٺي ۽ خراب دهشتگرد جو فرق ختم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته دهشتگرد دهشتگرد ٿيندو آهي، جنهن کي سٺو يا ڀلو نه ٿو چئي سگهجي پر ان وقت به اهڙي مطالبي تي عمل نه ڪيو  ويو هو  پر  ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کان  استعيفيٰ جو مطالبو پيو ڪيو وڃي ۽ مٿس اهو الزام به لڳايو پيو وڃي ته ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف سندس نرم رويو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته وفاقي گهرو وزير لاءِ ڏينهن هون تڪليفون وڌنديون وينديون، ڇاڪاڻ ته هڪ يا ٻه نه پر ڪيتريون ئي پارٽيون هاڻ چاهين ٿيون ته نوازسرڪار استعفيٰ ڏئي ته جئين هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي سگهي، ڀلي کڻي اها دهشتگردي مشرف جو ڏنل تحفوط هجي پر ان کي ختم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي. پر افسوس جو حڪومت دهشتگردي کي ختم ڪڻ بدران انهن سان نرم رکيو آهي ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار تي الزام به لڳايو پيو ته چوڌري نثار ڳجهيون ملاقاتون ڪيو آهن جنهن سبب کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، اهڙي مطالبي کان پوءِ نواز ليگ جا وزير ڏمرجي پيا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته  چوڌري نثار کان استعفيٰ گهرندڙ پهرين پاڻ کي ڏسن ۽ اهو ساڳيو راڳ به ڳائي رهيا آهن، سنيٽر مشاهد الله خان به ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته سپريم ڪورٽ هو ته سنڌ ۾ ٽي سياسي پارٽيون ڀتي، خوري ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن، انهن ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا نالا به شامل آهن ۽ اهو به سوال ڪيو ته اورينگزيب فاروقي ڪراچي مان چونڊون وڙهندو آهي، ان تي ڇو خاموش ويٺا آهن، هوڏانهن سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو هو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي سينيٽ ۾نه اچڻ تمام گهڻو کيس ڏک رسيو ۽ رضا رباني چيو هو ته  چوڌري نثار کي سينيٽ ۾ اچڻ گهرجي ها، ڪڏهن به ڪنهن وفاقي گهرو وزير سان بدتميزي ناهي ڪئي. سندس مرضي آهي ته هو پاڻ سينيٽ ۾ اچي يا ڪنهن ٻئي کي اُماڻي، انهن ڳالهين سان اسان پاڻ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪري رهيا آهن،
بهرحال پارليامينٽ کي ڪير به ڪمزور ڪري پري دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي جنهن  لاءِ حڪومت کي اهڙا قدم نه کڻڻ گهرجن جنهن سان عوام جو اعتماد ختم ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار بابت  به جيڪي ڳجهين ملاقاتن جا انڪشاف ٿيا آهن انهن مان لڳي رهيو آهي ته  وفاقي حڪومت اڃا به سٺي ۽ خراب  دهشتگرد جو فرق ڪري ويٺو آهي جنهن سبب هن ملڪ ۾ دهشتگردي ختم نه ٿي رهي آهي، هونءَ ته حڪومت اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته هنن دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي آهي پر افسوس جو اهڙين ڪرتوتن بعد اهي سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿي رهيون آهن، هڪ طرف ڪجهه وزير اهو بيان ڏئي رهيا آهن ته نيشنل ايڪشن پلان ناڪام ٿي چڪو آهي ته ڪجهه چئي رهيا آهن دهشتگردن خلاف جنگ جاري آهي ۽ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، بهرحال هاڻ ملڪ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر سياستدان پنهنجي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿا آهن، ڪجهه  سياستدان پرڏيهه مان جلاوطني ختم ڪري ڏيهه پهچي رهيا آهن ته ڪجهه ڏيهه اچڻ جي تياريون ڪري رهيا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته 2018ع جي لاءِ سياسي پارٽيون پنهنجين پنهنجين چونڊ سرگرمين مصروف ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، اهي به پارٽيون ميدان ۾ لهي چڪيون آهن جن جي سربراهن پاڪ فوج ۽ ملڪ خلاف نعرا هنيا هئا ۽ ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي دهشتگردي ڪئي هئي، فيڪٽرين کي باهه ڏني وئي هئي، بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جيڪي ڪجهه مهينا نواز سرڪار جي اقتدار جا بچيا آهن انهن مهينن دوران وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار استعيفيٰ ڏيندا يا وري ڪو ٻيو نواز ليگ جو اڳواڻ پنهنجي وزارت تان هٿ ڌوئندو، اهو هاڻ وقت ئي ٻڌائندو.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment