Pages

Tuesday 27 December 2016

سنڌ طاس معاهدو ٽوڙڻ جون تياريون

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري عرصي کان ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جنهن سبب ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن جا گهر ڊهي پٽ به ٿي ويا آهن، ڪڏهن ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ ڪندو آهي ته ڪڏهن وري پاڪستان تي پٺاڻ ڪوٽ جهڙن حملن جا الزام لڳائيندو آهي پر ان باوجود ڀارت ڪي به ثبوت گڏيل قومن  ۾ فراهم نه ڪري سگهيو آهي، گڏيل قومن جي اجلاس ۾ به پاڪستان طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جا ثبوت ته پيش ڪيا ويا پر ڀارت جيڪي به الزام لڳايا اهي پيش نه ڪري سگهيو، هڪ طرف ڀارت ڳالهين جي آڇ ڪندو آهي ته ٻي طرف وري اهڙا بيان به ڏيندو آهي جنهن سان حالتون بهتر ٿيڻ بدران ويتر خراب ٿي وينديون آهن، ايل او سي تي به ڀارتي فوج طرفان جارحيت جو سلسلو هلندڙ آهي جنهن جو پاڪ فوج طرفان ڀرپور جواب ڏنو ويندو آهي پر هاڻ ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي جي حد پار ڪندي سنڌ طاس معاهدي کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارت جي اهڙي فيصلي سبب هن ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر بي چيني پکڙجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته هڪڙو ته هن ملڪ ۾ پاڻي جي ورهاست تي سمورن صوبن ۾ اختلاف آهن ته ٻيو وري ڊيم به هن ملڪ ۾ نه ٺاهيان ويا آهن، جتي ڊيمن جي ضرورت آهي اتي ڊيمن ٺاهڻ کان لنوايو پيو وڃي ۽ جتي ڊيم ٺاهڻ تي سڀني کي اعتراض آهن اتي ڊيمن جو راڳ ڳايو پيو وڃي ۽ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، هڪ ته هن ملڪ گيس، پيٽرول ۽ قيمتي  ڪوئلو موجود آهي پر ان باوجود سڄو زور هڪ ئي صوبي  اندر ڊيم ٺاهڻ جا فيصلا ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب صوبن کي اعتراض ته ٿيندا، جيڪڏهن سمورن صوبن کي برابري جا حق ملن ها ته ڊيمن تي اختلاف نه ٿين ها، ٿر ۾ ڪوئلو نڪرڻ باوجود اتان جا ماڻهو پاڻي ڍڪ جي ترسي رهيا آهن جن کي ملڪ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين صاف پاڻي نه ملڪ سگهيو آهي، بهرحال اهو هن ملڪ جو اندروني معاملو آهي پر ڀارت طرفان هاڻ جيڪي آبي جارحيت جو فيصلو ڪيو ويوآهي ان هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ جي عوام ۾ بي چيني پکيڙي ڇڏي آهي.
ڀارتي وزيراعظم نريندڙ مودي وزارتي ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪم به جاري ڪيا ويا آهن ته سنڌ طاس جو جائزو به ورتو وڃي. ايتري قدر جو نريندر مودي پاڪستان طرف ويندڙ پاڻي جو مقدار گهٽائڻ لاءِ الهندي ۽ اڀرندي درائن تي ڪنٽرول جو حڪم ڏنو آهي. ڪشمير ۾ سنڌو، جهلم ۽ چناب تي به رٿائون جوڙڻ  تي ڀارت طرفان غور ڪيو پيو وڃي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڀارت دريائن جو رخ موڙي رٿائون جوڙڻ جون تارين ۾ مصروف ٿي ويو آهي جيڪو پاڪستان ۽ سنڌ لاءِ وڏو هاڃيڪار آهي، جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدو ٽوڙيو ته هن ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ تمام گهڻو وڌي ويندي، خبر نه ٿي پئي ته ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کانپوءِ هاڻ سنڌ طاس معاهدو ڇو ٽوڙي رهيو آهي، هي معاهدو ڪو هاڻ ته نه ٿيوآهي نه، هي معاهدو 50 سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي.
جيتوڻيڪ ڀارتي وزيراعظم وزيرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي سربراهي ناڻي واري وزير ارون جيٽلي کي ڏني وئي، جنهن ۾ قومي سلامتي جو مشير اجيت ڍول ۽ ٻيا سينيئر وزير شامل هوندا، پر اهو ڪئين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته 50 سالن کان وڌيڪ پراڻي معاهدي کي هڪدم ٽوڙيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ڀارت مختلف وقتن تي پاڪستان سان لڳاپا خراب ڪندو رهيو آهي پر ان باوجود  ڀارت ڪڏهن به آبي جارحيت جو فيصلو نه ڪيو آهي پر هاڻ سرجيڪل اسٽرائيڪ ۽ ڪشمير معاملي تي ڀارت ايترو ته ڏمرجي پيو آهي جو هو پراڻا معاهدا  ختم ڪري رهيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي نقصان پهچندو. جيتوڻيڪ پاڪستان جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار عالمي بئنڪ کي خط لکي سنڌ طاس معاهدي بابت اعتراض واريا آهن ۽ چيو آهي ته ٽياڪڙي جو عمل روڪڻ سان پاڪستان جا حق متاثر ٿيندا ۽ مفادن کي به نقصان پهچندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ طاس معاهدو 60 جي ڏهاڪي ۾ ٿيو هو جنهن تحت پاڪستان اڀرندڙ درائن ستلاج، راوي ۽ بياس جا پاڻي وارا حق ڀارت حوالي ڪيا هئا ۽ سنڌو سميت اولهندي درائن تي پاڪستان جو حق تسليم ڪيو ويو هو، هونءَ ته اسحاق ڊار سميت ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ۽ اديبن سنڌ طاس معاهدو ٽوڙڻ واري فيصلي ته به ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي.جيڪڏهن ڀارت طرفان آبي جارحيت جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان سان تمام گهڻيون ڏکيائون پيدا ٿي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي ڪئيهئي جنهن تي آمريڪا سميت ٻين تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي پر هاڻ سنڌ طاس معاهدو ٽوڙڻ وارو فيصلو  ڪيو آهي جنهن سان پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويندا، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار به جيڪوخط لکيو آهي ان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي تي ٽياڪڙي تي  چيئرمين مقرر ڪرڻ ۾ ضروري دير ڪئي وئي ۽ اهو عالمي بئنڪ جو فيصل پنهنجي فيصلن ۽ اصولن جي خلاف آهي.
هاڻ جڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدو ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، تڏهن عالمي بئنڪ کي به قدم کڻڻ گهرجن ته ڀارت پاڪستان جي دريائن جو رخ نه موڙي ۽ پاڻي نه بند ڪري جنهن سان خطي ۾ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي سان ٻنهي ملڪن کي نقصان پهچندو ۽ خطي تي به ان جا منفي اثر پوندا، تنهن لاءِ ضروري آهي ته عالمي طاقتن کي ڀارت کي اهڙي ڪڌي قدم کان روڪڻ گهرجي جنهن سان خطي جو سڪون برباد ٿئي، جيڪڏهن فوري طور تي عالمي طاقتن ڀارت جي آبي جارحيت واري قدم جي مخالفت نه ڪئي ته پوءِ خطي جي جيڪي به صورتحال ٿي ان جا ذميوار به پوءِ عالمي ڌريون ئي هونديو.هڪ طرف ڀارت جو سرحد وٽ جيڪو سلوڪ رکيو ويٺو آهي ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي به حڪم نريندر مودي اجلاس ۾ ڪري چڪو آهي ان تي عمل ٿيڻ به شروع نه ٿي ويو هجي،
 جيڪڏهن ائين آهي ته اها وڏي فڪر جوڳي ڳالهه آهي، سعودي عرب، چين، ايران، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي ٽوڙڻ واري فيصلي تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي ۽ ڀارت کي پاڪستان جي دريائن جو رخ موڙڻ کان پاسو ڪرايو وڃي ته جئين ٻنهي ملڪن  جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن عالمي عدالت سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ واري ڀارتي فيصلي تي ڌيان ڏئي ۽ آبي جارحيت جي ڌمڪي  تي نوٽيس وٺي ڇاڪاڻ ته ڀارت ته هو سرحد وٽ دهشتگردي ڪندو رهيو آهي پر پاڻي دهشتگردي ڀارت سميت سڄي خطي لاءِ وڏي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي عدالت کي ڀارت کان فوري طور تي جواب به طلب ڪرڻ گهرجي ته آخر 1960ع ۾ طئي ٿيل معاهدي کي ڇو پيو ٽوڙيو وڃي ۽ پاڪستان جي دريائن جو رخ ڇو موڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پاڪستان جي سياسي ڌرين کي هن اهم مسئلي تي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ گهرجي ته جئين بار بار ڀارت جيڪو سنڌ طاس معاهدو ٽوڙڻ جا اعلان ڪري رهيو آهي ان کي ڀرپور جواب ڏنو وڃي.


No comments:

Post a Comment