Pages

Tuesday, 3 January 2017

جاويد هاشمي جا الزام۽ وضاحت جي گونج

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس معاملي تي ڌرڻن جي سياست ۾ ٿوري ٺاپر مس آئي هئي ته سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي الزامن جو پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو، جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ ۾ بيان بازي وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جاويد هاشمي جي لڳايل الزامن ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو، پر هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته ڌرڻن سبب ماڻهو ته پريشان ٿيا پر ان سان گڏ حڪمرانن جون به ننڊون حرام ٿي ويون هيون. جڏهن کان جاويد هاشمي 2014ع ۾ لڳل ڌرڻن بابت انڪشاف ڪيا آهن، تنهن ڏينهن کان سياست ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي ۽ هر طرف 2014ع ۾ لڳل ڌرڻي جو بحث ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جاويد هاشمي جيڪي به ڌرڻن بابت انڪشاف ڪيا  آهن ان جو عمران خان درست نموني جواب نه ڏئي سگهيو آهي پر جاويد هاشمي جي بيان سان پي ٽي آءِ تي تمام گهڻو اثر پئجي رهيو آهي، هڪ طرف ملڪ اندر مختلف سياسي پارٽين ايندڙ چونڊن جي تياري ڪئي پئي وڃي ته ٻي طرف وري پي ٽي آءِ کان باغي ٿيل سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي به سندرا ٻڌي عمران خان جي آڏو بيهي رهيو آهي، جيڪو هاڻ عمران کي للڪاري به رهيو آهي پر هن وقت تائين کيس ڪا خاص موٽ نه ملي سگهي آهي،
 مخدوم جاويدد هاشمي جي انڪشافن تي ان ڪري به ماڻهو اعتبار ڪري رهيا آهن جو جاويد هاشمي پراڻو سياستدان آهي، جنهن نواز ليگ ۾ به ڪافي عرصو گذاريو آهي ۽ پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري بعد باغي ٿيو آهي، جنهن سبب ماڻهو جاويد هاشمي جي انڪشافن کي تمام گهڻو سنجيدگي سان جائزو وٺي رهيا آهن. جيڪڏهن 2014ع جي ڌرڻن جو جائزو وٺينداسين ته ان وقت به   افواهون هلنديون هيون ته پي ٽي آءِ جي جلسن ۽ ڌرڻن پٺيان هٿ ڪنهن ٻئي جو به آهي، پر ان وقت به عمران خان اهڙين افواهن کي رد ڪندو هو ۽ ان وقت جاويد هاشمي به عمران خان سان قدم سان قدم ملائي هلندو هو ۽ سندس جي نظر بهترين سياستدان عمران خان ئي هو، پر هاڻ جاويد هاشمي چئي رهيو  آهي ته عمران خان ۽ سندس جو ڊوپ ٽيسٽ ڪرايو وڃي. جاويد هاسمي ته اهو به چيو آهي ته گهٽ سيٽون ملڻ تي عمران خان پريشان ٿي ويو هو، عمران ٽيڪنو ڪريٽن جي حڪوت چاهي پيو. ٻي طرف وري تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به کيس ڀرپور جواب ڏئي رهيو آهي،
عمران خان سينيئر سياستدان جاويد هاشمي بابت چيو آهي ته سندس ذهني توازن درست نه آهي. ٻئي اڳواڻ ايترو ته پري هليا ويا آهن جو هاڻ سينير سيدان مخدوم هاشمي ۽ عمران هڪ ٻئي خلاف زهر سان ڀريل لفظ استعمال ڪرڻ کان نه پيا لنوائن. جاويد هاشمي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي مناظري جو چيئلنج به ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو به چيو تهه سندس ۽ عمران خان جي دماغ جي ٽيسٽ به ٿيڻ گهرجي. هن  2014ع جي ڌرڻي جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ته فوج جا غير مطمئن عنصر هر حال ۾ راحيل شريف کي به ناڪام ڪرڻ چاهين پيا ۽ عمران خان ذريعي پارلياماني نظام ۾ به تباهي آڻڻ چاهين پيا. جاويد هاشمي اهو به چيو هو ته عمران خان 65 سالن جو ۽ هو 67 سالن جو  ٿي چڪو آهي جڏهن ته کانس نواز شريف 4 مهينا ننڍو آهي، جاويد هاشمي انڪشاف اهو انڪشاف ڪيو هو ته جنرلن عمران کي چيو هو ته نواز شريف استعيفيٰ تي صحيح نه ڪندو. سندن جو ڪاروان اسلام آباد پهتو ته اسڪرپٽ لکندڙن چيو ته طاهر القادري پارليامينٽ ڏانهن ويندو.توهان ماڻهو پٺيان ويهندو. اهي سڀ ڳالهيون سندس ٿينديون هيون، هاڻ اتي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر مخدوم هاشمي جنهن اڳ نواز ليگ کان باغي ٿيو هو ۽ هاڻ  وري پي ٽي آءِ کان باغي ٿي عمران خان خلاف ڳالهائي رهيو آهي ته آخر ماڻهو جاويد هاشمي جي بيانن تي اعتبار ڪندو يا واري عمران خان جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي ان بابت سجيدگي سان سوچيو ويچاريو هوندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران خان جنهن ڏينهن کان ملڪ ۾ ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو هو تنهن ڏينهن کان سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿيو هو ۽ کيس سنڌ سميت ٻين صوبن ۾موٽ به ملي رهي هئي، ايتري قدر جو پي ٽي آءِ سربراهه موهن جي دڙي جهري ديس لڳ به پنهنجو جلسو ڪري چڪو آهي ۽ اڄڪلهه هن پنهنجي سياست جو رخ به سنڌ ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي، ان جو اندازو هاڻوڪي سندس ٻولي مان به لڳائي سگهي ٿو ۽ سندس سنڌين لاءِ نرم رويو ۽ فڪر مان محسوس به ڪري سگهجي ٿو ته هاڻ عمران خان  سنڌ مان ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺندو،
جيڪڏهن عمران خان واقعي سنڌ ۾ چونڊ وڙهيو ته  جيڪي به هن وقت سنڌ ۾ پ پ مخالف چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن انهن کان وڌيڪ سيٽون عمران ٻهاري ويندو، اهو صرف ان ڪري  ٿيندو جو سنڌ جي عوام ڪرپشن جي ڪلچر کان تنگ ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته هتي نوڪريون به پيسن تي وڪريون  ٿي رهيون آهن ۽ ميرٽ ان کي نالو ڏنو پيو وڃي  جيڪي پيسا ڏئي رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ ميرٽ ان کي ڪوٺيو پي  وڃي جن ادارن م غير سنڌي ڀرتي ٿيل آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنهن سنڌي کي ڪنهن اداري ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته اتي اهو ئي راڳ ڳايو وڃي ٿو ته  سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ آهي پر پرڏيهين جي لوڌ ڀرتي ڪئي وڃي ته انهن جي نظر ۾ اها ميرٽ هوندي آهي، جيڪڏهن اها ميرٽ آهي ته انهن ميرٽ جو راڳ ڳائيندڙن کي اهو راڳ پنهنجي گهر اندر ئي ڳائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ جيڪڏهن سنڌين کي نوڪرين ۽ حق نه ٿا ملن ته اها ميرٽ جي لتاڙ آهي، باقي ڌارين جي لوڌ کي ڏوڪڙن عيوض نوڪريون ڏيڻ ميرٽ آهي ته ان کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو  ويندو، ڇاڪاڻ ته  اها ميرٽ نه پر ڪرپشن آهي جيڪا ڪرپشن سنڌ ۾ وڏي پيماني ۾ ٿي رهي آهي، ڪڏهن سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي نوڪرين ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري انهن کي جعلي ڀرتين جو سبب ڄاڻائي نوڪرين تان ڪڍيو وڃي ٿو ان سڄي معاملي تي هتان جا ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن،
 اڄ به  ان ڪرپشن جي لعنت سبب سنڌ ۾ سرڪاري ملازم پگهارن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ بک هڙتالون ڪري رهيا آهن پر اڄ تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، پر ايترو ضرور ٿيو آهي ته هتان جي ڪامورن ٺيڪا چائنا کي ڏيڻ کي شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪراچي ۾ صفائي سٿرائي جو ٺيڪو هجي يا ٻيا ڪي ٺيڪا اهي به پرڏيهين کي ڏنا پيا وڃن، مطلب ته ڀنگي به هاڻ چائنا مان گهرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، خبر ناهي ته اهو معاملو هاڻ ڪٿي وڃي دنگ ڪندو. جيڪڏهن عمران خان جي ڪرپشن خلاف جنگ واري علان جو  جائزو ورتو وڃي ته ان بابت هر هڪ ماڻهو ان ڳالهه تي مطئمن هوندو ته واقعي ڪرپشن جهڙي لعنت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هر هڪ کي قدم اڳتي وڌائڻ گهرجي، جيڪڏهن عمران خان جي احتجاجن ۽ ڌرڻن سان ڪرپشن جو خاتمو اچي سگهي ٿو ته پوءِ سڄي قوم کي هڪ آواز ٿي عمران خان جو ساٿ ڏيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته هاڻ قوم سجاڳ ٿي چڪي آهي ۽ هو پنهنجو برو ڀلو سوچي سگهي ٿي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته هاڻ ميڊيا عوام ۾ وڏو شعور پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر هڪ شخص سياستدانن جي هر چال تي نظر رکندو پيو اچي، جيڪو اڳتي هلي حڪمرانن جون وڌيڪ ننڊون حرام ڪندو. جيتوڻيڪ هن وقت به عمران حڪمرانن کي چور ۽  ڪرپشن ڪندڙ قرار ڏئي رهيو آهي ۽ مطالبو به ڪيو آهي ته ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته هو ٻيهر روڊن تي نظر ايندا. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته باغي جاويد هاشمي جنهن ٻيهر عمران خان کان بغاوت ڪئي آهي، جنهن عمران خان خلاف ڪيتراي بيان ڏنا آهن ۽ هو هاڻ ڪيترا بيان ڏيندو ۽ مخدوم هاشمي عمران خان تي ڪيترو اثر اثر انداز ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مخدوم هاشمي جا بيان پري پري تائين پکڙجي وياآهن ۽ کانئنس وضاحت به گهري آهي.


No comments:

Post a Comment