صاحب خان ڀٽي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾
سنڌي شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي نائلا رند جي پراسرار موت سڄي سنڌ ۾ سوڳ وارو
ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ساڃاهه وند به سندس ڳجهارت بڻيل موت جي صاف شفاف جاچ لاءِ روڊن تي نڪري آيا آهن، سوشل
ميڊيا تي به تمام گهڻا بحث هلن پيا ته آخر شاگردياڻي آپگهات ڪيو آهي يا وري کيس
ڪنهن قتل ڪيو آهي. اهي سوال ان ڪري ٿي رهيا آهن جو جڏهن نائلا جو پکي ۾ لٽڪيل لاش
مارئي هاسٽل جي ڪمري مان هٿ آيو ته پوليس توڙي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا بنا ڪنهن
پوسٽ مارٽم ۽ جاچ چئي ڇڏيو ته شاگردياڻي آپگهات ڪيو آهي پر جڏهن نائلا جي آپگهات
واري هنڌ جون تصويرون سوشل ميڊيا توڙي ٽي وي چنلن تي نشر ٿيون ته ان وقت هر هڪ ان
کي آپگهات مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي به هر هڪ پنهنجو موقف پيش
ڪري رهيو پر پوليس توڙي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه انهن جي موقف کي مڃڻ لاءِ
تيار ئي نه هئي ۽ نه ئي هاڻ مڃي رهي آهي،
پوليس طرفان ته اهو بيان ڏنو ويو ته هو پنهنجي طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سوشل
ميڊيا تي ويٺل جيمز بونڊ پنهنجا فيصلا ڏئي رهيا آهن، جيتوڻيڪ نائلا جي وارثن طرفان
بيان ڏنو ويو آهي ته شاگردياڻي بهادر هئي ۽ تمام گهڻو ذهين هئي، هوءَ ڪڏهن به
آپگهات نه ٿي ڪري سگهي، پر انتظاميه جو شروعات کان وٺي هن وقت تائين ساڳيو ئي موقف
رهيو آهي ته نائلا آپگهات ڪيو، نائلا جي ڳجهارت بڻيل موت بابت هڪ طرف انتظاميا
ڏانهن آڱريون اٿي رهيون آهن ته ٻي طرف وري پوليس تي به سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي،
پوليس طرفان به جيڪي بيان ڏنا پيا وڃن انهن تي به کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو
وڃي،
جڏهن شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو هو ته ان وقت ئي
ميڊيا تي پوليس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميه طرفان ان کي آپگهات قرار ڏنو ويو هو. حيدرآباد جي وڪيلن طرفان به سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط
لکيو ويو آهي ته نائلا جي پراسرار موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽
جيڪو پوليس آفيسر هن وقت جاچ ڪري رهيو آهي ان کي فوري طور هٽايو وڃي ڇاڪاڻ ته ان
آفيسر کي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه طرفان تمام گهڻيون سهولتون مليل آهن. هڪ طرف
شاگردياڻي جا وارث اهو چئي رهيا ته نائلا کي غسل ڏيارڻ وقت تشدد جا نشان هئا پر
پوسٽ مارٽم ۾ ان بابت نه ڄاڻايو ويو هو، جيتوڻيڪ نائلا جي وارثن پوسٽ مارٽم رپورٽ
کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر پوليس پنهنجي بيان تان هڪ ڪک به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي.
نائلا جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ بعد اهي خبرون ٻڌڻ ۾ آيو ته نائلا جو جيڪو هاسٽل ۾
ڪمرو هو ۽ ٻيو هو ۽ جنهن مان لاش هٿ آيو اهو ٻيو هو، هاڻ سوچڻ جي ڳالهه آهي جيڪڏهن
لاش ڪنهن ٻي ڪمري مان هٿ آيو آهي ته اهو ڪمرو ڪنهن جو هو ۽ نائلا ان ڪمري ۾ ڪهڙي
وقت پهتي ۽ جيڪا کٽ تصوير ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ان بابت به سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو
بحث ٿي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي هر هڪ ماڻهو چئي رهيو آهي ته نائلا جي موبائل فون
جو ڪالز ۽ ايس ايم ايس جو ڊيٽا ڪڍرايو وڃي ها ته ان ۾ به ڪيس کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي
هئي پر پوليس نه ته هن وقت تائين نائلا جي پراسرار نموني موت جي جاچ ڪئي آهي ۽ نه
ئي وري ڪيس داخل ڪري سگهي آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نائلا جي پراسرار نموني موت
سان سنڌ يونيورسٽي توڙي ’ٻين يونيورسٽين تي تمام گهڻو اثر پئجي رهيو آهي ۽ خاص طور
شاگردياڻين ۾ خوف ڇانيل نظر اچي رهيو آهي، ان جو اندازو نائلا جي 42ورهين جي ساهيڙي
نسيم ملاح جي صدمي ۾ فوت ٿيڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جنهن ڏينهن کان
نسيم ملاح نائلا جي پراسرار نموني جي موت جي خبر ٻڌي تنهن ڏينهن کان هو بيمار ٿي
پئي هئي، جيڪا گذريل ڏينهن فوت ٿي وئي.جيتوڻيڪ نائلا جي پراسرار نموني موت جي جاچ
۾ هن وقت تائين ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي پر سوشل ميڊيا تي جيڪو بحث هلي رهيو
آهي ان سان سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميه جي پت وائکي ٿي وئي آهي، جيڪڏهن اسان ڪجهه
عرصي اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيل واقعن تي نظر ڦيرائينداسين ته ان مان اهو ظاهر ٿيندو
ته انتظاميه شاگردياڻين ۽ شاگردن کي تحفظ ڏيارڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي هئي. ڪجهه عرصو
اڳ سنڌ يونيورسٽي جي ڊرائيور هڪ ڇوڪري سان بدسلوڪي ڪئي هئي ۽ ان سان غلط ورتاءُ
ڪيو هو جنهن تي سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد ۽
شاگردڻيون سراپا احتجاج بنجي ويا هئا.
پر افسوس جو سنڌ يونيورسٽي
جي انتظاميه صرف ان ڊرائيور کي ڪجهه ڏينهن ڪڍڻ
بعد ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ ڪيترائي کوڙ سارا واقعا سنڌ
يونيورسٽي ۾ پيش اچي چڪا آهن، ڪڏهن شاگردياڻين سان امتحانن دوران حراسان ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن وري انهن کي عملي طرفان تنگ ڪيو ويو جنهن جون رپورٽون مختلف
اخبارن ۾ ڇپجنديون رهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سنڌ يونيورسٽي مان شاگردن کي امتحان
ڏيڻ دوران به کنڀيو ويو آهي ته ڪڏهن وري سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ کان روڪڻ جهڙا
واقعا به پيش اچي چڪا آهن، ان وقت به انتظاميه خاموش هئي پر هن ڀيري جڏهن نائلا جو
پراسرار نموني موت وارو واقعو پيش آيو آهي تنهن ڏينهن کان يونيورسٽي انتظاميه ۽ پوليس
ان کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ م پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن جنهن مان لڳي رهيو
آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته انتظاميه ڀلي کڻي نائلا جي پکي ۾ لٽڪيل
لاش هٿ اچڻ کي آپگهات قرار ڏئي ها پر
پوليس بنا جاچ جي بنا پوسٽ مارٽم جي اهڙو بيان نه ڏئي ها، ڇاڪاڻ ته ايترو جلدي اهو
ئي بيان ڏئي سگهو ٿو جنهن پوسٽ مارٽم جي
رپورٽ کان ويندي معاملي جي سمورن رخن سان جاچ ڪئي هجي ها.
بهرحال هن وقت پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميه جيڪو رويو آهي ان سان سنڌ
يونيورسٽي جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن هن وقت به انتظاميه معاملي جي جاچ ڪرائڻ ۾ سنجيده نه ٿي ته هزارين
شاگردياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي وينديون ۽ خاص طور ٻهراڙين جا والدين جيڪي روشن خيال ٿي
پنهنجي نياڻين کي يونيورسٽي ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪلين ٿا اهي ڪڏهن به نه موڪليندا،
ڪوبه والد ڪڏهن به اهڙي يونيورسٽي جي هاسٽل ترسائڻ پسند نه ڪندو جتي شاگردياڻين جا
پکي ۾ لٽڪيل لاش هٿ اچن ۽ نه ئي ڪو والد پنهنجي نياڻين کي اهڙي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ
پسند ڪندو جتي نياڻين کي حراسان ڪيو وڃي، اڳ ئي سنڌ ۾ ماڻهو پنهنجي نياڻين کي
يونيورسٽين تائين گهٽ پڙهائيندا آهن جيڪڏهن اهڙن واقعن تي ضابطو نه آيو ته اهڙو پاڪ ادارو جتان هزارين ڊگريون حاصل ڪري رهيا
آهن ان ۾ سنڌي نياڻين جا دروازا هميشه لاءِ بند ڪيا ويندا ۽ ان جو ذميوار ٻيو ڪير
نه پر اها يونيورسٽي جي انتظاميه ئي هوندي. تنهن جي ڪري ضروري آهي ته نائلا جي
پراسرار نموني موت جي صاف شفاف جاچ ڪري معاملي جي تهه تائين پهچيو وڃي ۽ قوم کي
آگاهه ڪيو وڃي ته آخر ڪهڙا ڪارڻ هئا جو نائلا جو پکي ۾ لٽڪيل لاش هٿ آيو.سنڌ هاءِ
ڪورٽ ، سپريم ڪورٽ ۽ اعليٰ اختيارين کي به نوٽيس وٺڻ گهرجي، خاص طور ته وفاق کي به
ان معاملي جي جاچ لاءِ اسلام آباد مان خاص ٽيم موڪلڻ گهرجي جنهن ۾ حساس ادارن جا
اهلڪار به شامل هجن جيڪي پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميه کان پڇا ڳاڇا ڪن ۽ نائلا جي
پراسر نموني موت جي جاچ ڪن ته جئين نائلا جي وارثن کي انصاف ملي سگهي ۽ هزارين نياڻين
جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي جيڪي اڄ خوف ۾ ورتل آهن، ڪجهه به نه پيون
ڳالهائن.
No comments:
Post a Comment