صاحب خان ڀٽي
ڪجهه عرصو اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو هو ته ملڪ ۾
داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو ڪو به وجود نه آهي پر جيڪب آباد، شڪارپور، سيوهڻ ۽
لاهور سانحن ۾ ٿيندڙ جاچ اڳڀرائن مان اهو واضع ٿي ويو آهي ته داعش سميت ٻيون دهشتگرد تنظيمون پنهنجيون
قهري ڪارروايون ڪري رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ وقت تائين معصوم شهرين سميت
قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار پنهنجيون جانيون قربان ڪري چڪا آهن، جڏهن ضرب عضب آپريشن
شروع ڪيو ويو هو ته ان وقت ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي هئي پر پاڙيسري ملڪن
کي اهو هضم نه ٿيو، ڪڏهن ڀارت سرحد تي فائرنگ ڪئي ته ڪڏهن وري افغانستان سرحدي
ڀڃڪڙي ڪئي، ٻنهي ملڪن جي جارحيت سبب ڪيترائي پاڪ فوج جي اهلڪارن شهادت ماڻي، جنهن
سبب ڀارت ۽ افغانستان جي سرحد تي ڇڪتاڻ واري صورتحال هن وقت به برقرار آهي،
جيتوڻيڪ پاڪ فوج جي جوانن سرحد تي ڀرپور جواب ڏنو آهي پر ان باوجود ڀارت توڙي
افغانستان طرفان اڳرائي وارو سلسلو مختلف وقتن تي ٿيندو رهيو آهي.
بهرحال دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ عسڪري ۽ سياسي قيادت هن وقت هڪ
ٿي ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو وچن ورجايو آهي ۽
دهشتگردن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن ۾ تيزي آندي وئي آهي.جنهن ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو
آهي، جنهن ۾ داعش جا دهشتگرد به شامل آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن کان ملڪ ۾
آدمشماري ۽ پي ايس ايل جو اعلان ٿيو آهي
تڏهن کان ملڪ ۾ بدامني جي لهر هڪ ڀيرو ٻيهر پکڙجي وئي آهي. سيوهڻ ۾ دهشتگردن ڪيترن ئي بي گناهه ماڻهن
کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ لاهور ۾ به ڌماڪا ڪيا ويا، ايتري قدر جو ڪي پي ۾ به عدالت تي
حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن به شهادت ماڻي. هڪ طرف ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي
بحالي لاءِ پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف وري
دهشتگرد به سندرا ٻڌي ميدان تي لهي آيا آهن، جيڪي ملڪ ۾ خوف پکيڙي رهيا آهن، تحريڪ
انصاف سربراهه عمران خان چئي رهيو آهي ته ملڪ
۾ پي ايس ايل جو فائنل ڪرائڻ چريائپ آهي، سندس موقف آهي ته ملڪ ۾ سڪيورٽي خدشا آهن
جنهن سبب پي ايس ايل جو فائنل ملڪ ۾ نه ڪرائڻ گهرجي، بهرحال حڪومت اهو طئي ڪري چڪي
آهي ته فائنل هر حال ۾ ملڪ اندر ئي ڪرائڻ گهرجي جنهن جي سڪيورٽي به فوج جي حوالي
ڪئي ويندي، جنهن بابت آءِ ايس پي آر طرفان بيان به جاري ڪيو ويو آهي ته هو پرڏيهي
رانديگرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندا.
هڪ طرف پي ايس ايل وارو معاملو آهي ته ٻي طرف وري آدمشماري وارو
عمل به شروع ٿيڻ وارو آهي، ان بابت به اهو ئي چيو ويو هو ته آدمشماري فوج جي
نگراني ۾ ڪرائي ويندي، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت هميشه اها دعويٰ ڪندي رهندي آهي ته ملڪ
۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي وئي آهي پر اها دعويٰ ان وقت دعويٰ ئي رهجي ويندي
آهي جڏهن دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. جڏهن دهشتگردن کي چٿڻ
لاءِ ضرب عضب آپريشن شروع ڪيو ويو هو ته ان وقت ان جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي
هئي پر جڏهن دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي نه آئي ته ڪجهه سياسي اڳواڻن حڪومت تي
الزام لڳايو ته وفاقي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ اهو
به چيو ويو ته وفاقي حڪومت خراب ۽ سٺي دهشتگرد وارو تاثر ختم ڪري دهشتگردن خلاف
بنا فرق جي ڪارروائي ڪري، جڏهن لاهور ۽ سيوهڻ ۾ آپگهاتي ڌماڪا ٿيا تڏهن به وفاقي
گهرو وزير اهو ڪو خاص بيان نه ڏئي سگهيو جنهن سان قوم مطئمن ٿئي ها، بهرحال عسڪري
قيادت ضرب عضب کانپوءِ ردالفساد آپريشن جو اعلان ڪيو، جنهن بعد دهشتگردن خلاف ڪريڪ
ڊائون شروع ڪيو ويو ۽ ان ڪريڪ ڊائون ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو، ايتري قدر
جو پاڪ فوج طرفان دهشتگردن جي ٿاڪن تي به بمباري ڪئي وئي، ايتري قدر جو افغان سرحد
وٽ به ڪڙي نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سرحد وٽ هر چر پر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،
ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي هو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ جيڪي به وڏيون
دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن انهن ۾ملوث دهشتگردن جو تعلق به افغانستان سان به رهيو آهي،
سيوهڻ سانحي ۾ به آپگهاتي حملي آور جو تعلق افغانستان سان
ٻڌايو ويو آهي. جيتوڻيڪ افغانستان جي آرمي چيف اها خاطري به ڪرائي وئي آهي ته جيڪڏهن
کين ثبوت فراهم ڪيا ويا ته اهي پنهنجي ملڪ اندر انهن خلاف ڪارروائي ضرور ڪندا. جيتوڻيڪ
ملڪ ۾ ردالفساد آپريشن شروع ڪيو ويو آهي پر ان باوجود به هن وقت ملڪ ۾ لاهور ۽
سيوهڻ سانحي تي ڏک جي لهر پکڙيل آهي. ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن
ردالنثار ٿي ها ته اڄ ملڪ ۾ رد الفساد آپريشن جي ضرورت نه پئي ها، اهو صرف ان ڪري
چيو پيو و ڃي ته جڏهن به ملڪ ۾ ڪو دهشتگردي جو واقعو پيش ايندو آهي ته وفاقي گهرو
وزير اهو ئي چوندو آهي ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ ملڪ ۾ داعش جو
ڪو به وجود نه آهي، پر قانون ڪندڙ ادارن سان پنجاب توڙي سنڌ ۾ جڏهن به دهشتگردن
سان مقابلي ٿيو آهي ته ان دوران مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق داعش سان ئي ٻڌايو ويو
آهي، بهرحهال هن وقت داعش هجڻ يا نه هجڻ وارو بحث اهميت نه ٿو رکي، دهشتگرد،
دهشتگرد آهي، جنهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين
هزارين معصوم ٻارڙن ۽ شهرين کي دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ قانون لاڳو
ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به شامل آهي، اهڙي صورتحال ۾ مذهبي انتهاپسند دهشتگرد تنظيمن
خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته انهن دهشتگردن جو ڪو به دين ۽
ايمان نه هوندو آهي، جنهن سبب اهي ڪڏهن مسجدن ۾ ڌماڪا ڪندا آهن ته ڪڏهن وري امام
بارگاهن کي نشانو بڻائندا آهن ۽ اهي ئي دهشتگرد ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب
ڪري رهيا آهن، جنهن سبب اهي ملڪ ۾ خوف پکيڙڻ لاءِ آپگهاتي بم ڌماڪا ڪندا آهن،
هن وقت به جڏهن ملڪ ۾ پي ايس ايل ۽ آدمشماري جو اعلان ڪيو
ويو آهي ته تڏهن به دهشتگردن معصوم شهرين کي خوف پکيڙڻ نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو
آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد نه ٿا چاهين ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بحلي ٿئي ۽ اهو به نه ٿا
چاهين ته ملڪ اندر آدمشماري ٿئي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته دهشتگردي
مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪري ملڪ ۾ تباهي پکيڙي چاهين ٿا ۽ اهي نه ٿا چاهين ته
دنيا ۾ پاڪستان اندر امن امان جي صورتحال وارو تاثر بحال ٿي سگهي ۽ اهي انتهاپسند
دهشتگرد نه ٿا چاهين ته ملڪ ۾ آدمشماري درست نموني ٿئي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آدمشماري
ٿئي ته پرڏيهه مان آيل دهشتگرد وائکا ٿي ويندا ۽ انهن جي ٺڪاڻن ۽ انهن جي
سهولتڪارن جي سڃاڻپ ٿي ويندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ڪيترن ئي ماڻهن کي هتان جا
سڃاڻپ ڪارڊ آهن، جيڪي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ آهن، جن ۾ افغاني، بنگالي، برمي ۽
ٻيا کوڙ اهڙا پرڏيهي آهن جيڪي هن ملڪ ۾ غيرقانوني طور ترسيل آهن، هاڻ جڏهن کان
انهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيو آهي ته ڪيترن ئي کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي پر افسوس
جو اڃا تائين انهن کي هتان ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪيون ويون آهن جيڪڏهن
غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کي هتان ڪڍيو وڃي ته ڪافي حد تائين ملڪ ۾ امن امان جي
صورتحال بحال ٿي سگهي ٿي.
No comments:
Post a Comment