صاحب خان ڀٽي
ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف
ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن مان گرفتاريون به ٿي
رهيون آهن، ڪجهه ماڻهن جو تعلق افغانستان ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه ماڻهن جو تعلق مختلف
ملڪن سان ٻڌڻ ۾ آيو آهي، ملڪ ۾ جڏهن کان پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيو آهي
تنهن ڏينهن کان ڪي پي حڪومت ٿوڙو پريشان نظر اچي رهي آهي ۽ اهي رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون
آهن ته افغان شهرين جي آڙ ۾ پٺاڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ ٿوڙي
صداقت آهي ته پوءِ ڪي پي حڪومت جون دانهون جائز آهن پر جيڪڏهن واقعي گرفتار ٿيل
ماڻهو پٺاڻ هجڻ سان گڏ افغاني آهن ته پوءِ
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ملڪ اندر جيڪي افغاني شهري هتي آباد ٿي رهيا آهن اها
خيبرپختونخواهه حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي،
هونءَ ته اسان ڪافي عرصي کان اهو ٻڌندا پيا اچون ته ڪي پي ۾
ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي ڪي پي حڪومت جي رٽ قائم نه آهي ۽ اهو به ٻڌو آهي ته
جيڪي خيبرپختونخواهه جا ماڻهو ڪي پي رهن
ٿا انهن جو ڪيترائي مٽ مائيٽ افغانستان ۾ رهندا آهن، ملطب ته سرحد کان اچ وڃ ڪي پي
جي ماڻهن لاءِ اسان هوندي آهي جنهن سبب انهن کي ڪڏهن به اجازت جي ضرورت نه پئي
آهي، تنهن جي ڪري اهي هتي ترسيل آهن، جن خلاف اڳ ڪڏهن به ڪارروائي جو فيصلو نه ڪيو
ويو هو پر هاڻ سنڌ حڪومت سيوهڻ سانحي کانپوءِ انهن غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کي
گرفتار ڪري رهي آهي.
بهرحال هاڻ پاڪ افغان سرحد تي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، ان
جو سبب افغان شهري نه پر افغانستان جو رويو آهي. ڪجهه عرصي کان هڪ طرف ڀارت سرحد
تي اڳرائي ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف افغانستان جيڪو پاڻ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي،
اهو به سرحد تي اڳرائي ڪري پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان کان علاوه
ملڪ ۾ جيڪي به دهشتگردي جون ڪارروايون ٿيون
آهن انهن ۾ملوث ماڻهن جا پيرا به افغانستان سان ئي ملن ٿا، هڪ طرف دشمن ملڪ
ڀارت عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي سرحد تي ڇڪتاڻ پيدا ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف
افغانستان مان ايندڙ لوڌ ملڪ کي اندر ئي
اندر اڏوهي جيان کائي رهي آهي، سيوهڻ ۽ لاهور ڌماڪن بعد جهڙي ريت پاڪ فوج ضرب عضب
آپريشن کان پوءِ رد الفساد آپريشن شروع ڪيو آهي ان جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي،
ڪجهه ڏينهن اندر ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو به ويو آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته
مارجي ويل دهشتگردن ۾ داعش جا به دهشتگرد شامل آهن، ڪراچي کان ويندي لاهور تائين
افغان شهرين سميت ڪيترن ئي شڪي شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪو سٺو عمل آهي،
جيڪڏهن سنڌ حڪومت
تي نظر ڦيرائينداسين ته ان به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بهادري جو مظاهرو ڪندي غير
ملڪين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي گهٽ آهي، پر جيڪڏهن
اهو ڪريڪ ڊائون افغان مان ايندڙ ڌارين جي لوڌ جي آمد وقت ڪيو وڃي ها ته بهتر هجي
ها ۽ انهن پناهگيرن کي شهرن کان پري سنڌ پنجاب دنگ وٽ ڪيمپون لڳائي ترسايو وڃي ها
ته اڄ صوفين جي سرزمين دهشتگردي جي ور نه چڙهي وڃي ها ۽ نه ئي دهشتگرد هتي آساني
سان پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿين ها، بهرحال هن وقت افغان شهرين خلاف شروع ٿيل
ڪريڪ ڊائون صرف افغان شهرين تائين محدود نه ڪيو وڃي پر جيڪي به پرڏيهي آهن انهن
خلاف ڪيو وڃي، اهي ڀلي پاڙيسري ملڪ سان تعلق رکندڙ هجن يا وري ڪنهن ٻي متاثر ملڪ
سان تعلق ڇو نه هجي،
جيڪڏهن صرف ڪجهه
افغان پرڏيهين کي حراست ۾ وٺي ميڊيا آڏو
پيش ڪري اهو بانور ڪرائڻ ته پنهنجو فرض پورو ٿي ويو آهي، اهو ناڪافي آهي جيستائين
هن صوفين جي سرزمين ۾ هڪ به غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي ماڻهو آهي، تيستائين هتي
امن امان جي صورتحال قائم ٿيڻ انتهائي ڏکيو آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته
جيڪي به افغان بستيون قائم ٿي ويون آهن انهن سڀني افغان مهاجرن کي وڏي عزت ۽
احترام سان ڪٿي ڪيمپون ٺاهي ترسايو وڃي ته
جئين انهن کي ڪو ڏک ۽ تڪليف به نه پهچي،
هن وقت جيڪي به غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کي حراست ۾ ورتو
ويو آهي انهن جون تصويرون به ڪيترن ئي اخبارن ۾ ڇاپيون ويون آهن پر جيڪڏهن صرف
پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو ته ان سان هتي
غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي ڇاڪاڻ ته هن وقت جيڪي به
گرفتاريون ٿيون آهن انهن بابت اهو ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي ته انهن غيرقانوني طور
ترسيل پرڏيهين کي هتان ڪڏهن پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته سنڌ ۾ لکين افغان شهري ترسيل آهي، ڀلي کڻي انهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ موجود آهن پر
افغاني ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ پري کان پڌرو آهي، ان ڪري انهن
پرڏيهين کي به حراست ۾ ورتو وڃي جن جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو آهي، هونءَ ته وفاقي
حڪومت به دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي پر انهن دعوائن
تي ان وقت ئي اعتبار ڪري سگهجي ٿو
جڏهن غيرملڪين خلاف شروع ڪيل ڪريڪ ڊائون ۾ تيزي آندي ويندي
۽ هر هڪ غير ملڪي تي سخت نظر رکي ويندي خاص طور تي ته افغان شهرين تي ڪرڙي نظر رکڻ
جي ضرورت آهي، تڏهن ئي وڃي هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿيندي ۽ ان لاءِ هر
هڪ ماڻهو کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وقت دهشتگردن صوفين جي سرزمين
کي نشانو بڻايو آهي ۽ امن جو پيغام ڏيندڙ درگاهن تي حملا شروع ڪيا آهن، اهڙن
دهشتگردن کي چٿڻ تمام گهڻو اهم آهي، جيڪڏهن انهن دهشتگردن کي لغام نه ڏنو ويو ته
هتي امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي ويندي، بهرحال هن وقت ڪراچي، حيدرآباد،
سکر ۽ ٻين شهرن مان پوليس ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، جن ۾ افغان
شهري به ٻڌايا ويا آهن،
جيڪڏهن اهڙيون ڪارروايون جاري رهيون ۽ سمورين پرڏيهين کي
حراست ۾ ورتو ويو ته امن قائم ٿي ويندو ۽
ڪنهن به دهشتگرد کي سهولتڪار پيدا ڪرڻ جي به همت نه ٿيندي، هونءَ ته پوليس ڪيترن
ئي افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر انهن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ
لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترائي شڪ پيدا ٿي ويا آهن ته
انهن کي آزاد ڪري ٻيهر سنڌ ۾ رهڻ جي اجازت
ته نه ڏني ويندي، جيڪڏهن حراست ۾ ورتل غيرملڪين کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن نه
اماڻيو ويو ته ٻيا به ڪيترائي پرڏيهي هتي اچي آباد ٿيندا رهندا، تنهن جي لاءِ
ضروري آهي ته سنڌ حڪومت وفاق سان رابطو ڪري حراست ۾ ورتل غير قانوني طور ترسيل
ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻڻ جو بندوبست ڪرڻ جو چئي ته جئين سنڌ جي ماڻهن
پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي ۽ اهو عمل وقت جي ضرورت به آهي.
No comments:
Post a Comment