Pages

Sunday 16 April 2017

ڪلڀوشن جي سزا ۽ ڀارت جون ڌمڪيون

صاحب خان ڀٽي
2016ع ۾ جڏهن ڪلڀوشن ياديو کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو، تڏهن ڀارت پاران کيس قبولڻ کان انڪار ڪيو هو، پر جڏهن کان ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي ته ڀارت طرفان کيس پٽ جو درجو به ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن، جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ جو خدشو به وڌي ويو آهي، ڀارت طرفان ڪلڀوشن ياديو جي قونصل خاني تائين پهچ جو به مطالبو ڪيو آهي، ملڪ جا سياستدان به ڪلڀوشن معاملي تي هڪ ميز تي آهن،  وفاقي وزير چوڌري نثار، دفاع واري وزير خواجا آصف ۽ سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي به ڪلڀوشن جي موت واري سزا کي ملڪ جي قانون موجب قرار ڏنو آهي پر ان باوجود ڀارتي سرڪار پاڪستاني حڪومت تي ڏمريل نظر اچي رهي آهي، هڪ طرف ڀارت پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ٻي طرف پاڪستان مختلف الزام به لڳايا پيا وڃن، ڀارت جي اڳوڻي دفاع واري وزير منوج پاريڪر ته پاڪستان خلاف سخت بيان ڏئي رهيو آهي، گذريل ڏينهن به هڪ پرڏيهي خابرو اداري کي ڀارت جي اڳوڻي دفاع واري وزير منوج پاريڪر سان ڳالهائيندي  چيو ته ڪلڀوشن ياديو کي طالبان ايران مان اغوا ڪيو هو. بهرحال هن وقت ڀارت ڪلڀوشن معاملي تي ڌمڪيون تي لهي آيو آهي ۽ پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، پر هن وقت تائين ڪنهن به ٻئي ملڪ ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جي ڪوشش نه ڪئي اهي ۽ نه ڀارت کي ڌمڪيون ڏيڻ کان روڪي رهيو آهي، هڪ طرف ڀارت ڌمڪيون پيو ڏئي ته مٿان هڪ جاسوس کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز به ڪلڀوشن ياديو تي واضع  موقف اختيار ڪندي چيو هو ته ڀارت  جا لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڀارت کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي،
هونءَ ته ڪلڀوشن ياديو جاچ دوران ڪيترائي انڪشاف ڪيا هئا ۽ سندس نشاندهي تي ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو هو. جڏهن ڪلڀوشن جي گرفتاري عمل ۾ آئي هئي تڏهن سڪيورٽي ادارن طرفان ٻڌايو يو هو ته ڪلڀوشن ياديو وٽان مختلف ملڪن جا پاسپورٽ به هٿ ڪيا ويا هئا، سڪيورٽي ادارن طرفان چيو ويو هو ته ڪلڀوشن ياديو ملڪي سلامتي کي نقصان پهچايو ۽ سندس دهشتگرد ڪاررواين سبب ڪيترائي گهر اجڙي ويا هئا، هڪ ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو هو ڪلڀوشن ياديو را جي لاءِ جاسوسي ڪري رهيو هو، کيس قانون مججب فيلڊ ڪورٽ مارشل ڪيو  ويو ۽ ان ۾ ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان به پيش ڪيو ويو هو. سرتاج عزيز چيو هو ته ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان فوجداري ضابطي تحت رڪارڊ ڪيو ويو ۽ کيس صفائي پيش ڪرڻ لاءِ آفيسر جي سهولت به فراهم ڪئي وئي.سرتاج ڪلڀوشن بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 25 مارچ 2016ع ۾ ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان سامهون آيو هو، ان کان 23 ڏينهن اڳ کيس گرفتار ڪيو ويو هو، ڦاهي جي منظوري 10 اپريل تي ڏني وئي، بهرحال جڏهن کان ڀارت طرفان ڌمڪيون ڏيڻ جو  سلسلو شروع ٿيو آهي، تڏهن کان پاڪستان جا سياستدان به ميدان ۾ لهي آيا آهن، سياسي سماجي تنظيمن جا سياستدان چئي رهيا آهن ته ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ فيصلو درست آهي ۽ هڪ جاسوس جي سزا موت ئي هجڻ گهرجي،
هڪ طرف ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف واويلا ڪري رهي آهي ته مٿان وري ڀارتي سرڪار به ڪلڀوشن معاملي تي ميدان ۾ اچي وئي آهي، جنهن سبب پاڪستان به نئون دستاويز تيار ڪري ورتي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان طرفان تيار ڪيل نئين ڊوزئير ۾ ڪلڀوشن ياديو جي جاچ به شامل ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان سميت عدالتي بيان به شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان طرفان چيو ويو آهي ته تيار ڪيل نئون ڊوزيئر گڏيل قومن سميت عالمي ادارن ۽ پاڪستان ۾ مقرر سفيرن کي ڏنو ويندو. ذريعن طرفان  اهو به چيو ويو آهي ته نئين دستاويز ۾ پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جون شاهديون به شامل ڪيون ويون آهن ۽ ان ڊوزئير کي عالمي ادارن ڏانهن به موڪليو ويندو. جيتوڻيڪ هن وقت صرف ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي پر ان باوجود ڀارت آپي ۾ نڪري ويو آهي ۽ جنهن شخص کي اڳ سڃاڻڻ کان انڪاري هو اڄ ان کي پٽ جو درجو به ڏنو پيو وڃي، ڪجهه عرصو اڳ وزيراعظم نوازشريف ڪلڀوشن ياديو واري معاملي کي گڏيل قومن ۾ اٿاريو هو ۽ اهم اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ڀارت جي پاڪستان اندر مداخلت کان آگاهه ڪيو هو پر ڀارت اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو، هن وقت اهو ملڪ ڪلڀوشن ياديو کي ڇڏائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، جنهن کي پاڪستان را جو ايجنٽ قرار ڏئي چڪو آهي، ايتري قدر جو ڪلڀوشن ياديو پاڻ به اعتراف ڪري چڪو آهي ته هو ڀارتي ايجنسي راءِ جي لاءِ جاسوسي ڪندو هو،
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج به ڪلڀوشن جي سزا تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ۽ پنهنجي جاري ڪيل بيان ڪلڀوشن ياديو کي ڀارت جو پٽ آهي، کيس بچائڻ لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃي  سگهن ٿا، اهڙو بيان سشما سوراج سينيٽ ۾ ڏنو هو. سشما سوراج اهو به چيو هو ته ڪلڀوشن معاملي کان آگاهه آهن، ڪلڀوشن خلاف ڪارروائي بعد پاڪستانکي ٻطرفن لاڳاپن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي. سشما سوراج جا بيان پنهنجي جڳهه تي پر هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا وڌڻ جو به خدشو وڌي ويوآهي پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته جڏهن کان ڪلڀوشن کي ڦاهي ڏيڻ وارو معاملو اٿيو آهي تنهن ڏينهن کان ڀارت پريشان ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ ڀارت طرفان ڪلڀوشن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ڀارت طرفان  اهو به چيو ويوآهي ته جيڪڏهن کين ضرورت محسوس ٿي ته هو وڪيل به ڪندا، اهڙي بيان کان پوءِ پنجاب جي وڪيلن به سمورن وڪيلن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو ويوآهي ته جيڪڏهن ڪو وڪيل ڪلڀوشن جي اپيل وارو ڪيس وڙهندو ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، بهرحال اهو وڪيلن جو ڪم آهي ته اهي ڪيس وٺن ٿا يا نه پر پاڪستان طرفان واضع ڪيو ويو آهي ته  ڪلڀوشن ياديو کي پنهنجي سزا خلاف اپيل ڪرڻ جو قانوني حق حاصل آهي،
صلاحڪار سرتاج عزيز به ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته جيڪڏهن اپيل ڪورٽ ڪلڀوشن جي سزا کي برقرار رکڻ چاهي ٿي ته هو فوج جي سربراهه کان پنهنجي سزا خلاف رحم جي اپيل ڪري سگهي ٿو.هونءَ ته ڀارت ڪلڀوشن ياديو جي معاملي تي پاڪستان کان ڪن لاٽار ڪندو رهيو آهي پر جڏهن کان کيس ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي تنهن ڏينهن کان ڀارت ڪلڀوشن ياديو تائين سفارتي پهچ جو مطالبو ڪندو ريوآهي،  ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ مقررر ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالا پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري تسنيم جنجوعا سان ملاقات ڪري  ڪلڀوشن ياديو تائين سفارتي پهچ جو مطالبو ڪيو هو، بهرحال هن وقت ڀارت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ هو ڪلڀوشن ياديو کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ پاڪستان کي به ڌمڪيون به ڏئي  رهيو آهي،  ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيو هو جنهن سبب ملڪ اندر دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن پر جڏهن کان ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي تنهن ڏينهن کان ملڪ ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي آئي آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ڀارت پاڪستان کي ڌمڪيون ڏي رهيو آهي پر ان جو کيس ڀرپور جواب به ملي رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment