Pages

Friday 28 April 2017

پاناما ۽ نيوز ليڪس ۾ ڦاٿل نواز سرڪار

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس کان پوءِ نيوز ليڪس ۾ ڦاٿل نواز ليگ سرڪار خلاف تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جو احتجاج جاري آهي ۽ استعيفيٰ جو به مطالبو ڪيو پيو وڃي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته کيس پاناما معاملي تي پئسن جي آڇ ڪئي وئي آهي، جنهن تي سموريون سياسي ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر تحرڪ ۾ اچي ويون آهن، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به پئسا ڏيڻ جي آڇ واري معاملي کي سنجيده قرار ڏنو آهي، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 10 ارب رپيا ڪا ننڍي ڳالهه نه  آهي ۽ عمران خان جيڪو چيو آهي ان جا کيس ثبوت به پيش ڪرڻا پوندا. هڪ طرف نواز ليگ سرڪار پاناما معاملي کي منهن ڏئي رهي آهي ته مٿان وري نيوز ليڪس وارو معاملو به وڌي رهيو آهي، ان بابت به ڪجهه سياسي اڳواڻن جو خيال آهي ته نيوز ليڪس ۾ ڪنهن سرڪاري آفيسر کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو، بهرحال هن وقت نواز ليگ سرڪار به اهڙن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جهڙي ريت پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٿيو هو، جڏهن آصف زرداري صدر هو ته ان وقت به ميمو گيٽ سميت ٻيا کوڙ سارا مسئلا پيپلزپارٽي لاءِ پيدا ٿيا هئا، هڪ تحريڪ مشرف دور ۾ معطل ڪيل چيس جسٽس وارو معاملو هو ته ٻي طرف وري نواز سرڪار به پيپلزپارٽي خلاف احتجاج ڪري رهي هئي، ان دور ۾ ائين لڳي رهيو هو ته پيپلزپارٽي پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي پر  ائين نه ٿيو هو، صرف پيپلزپارٽي کي وزيراعظم تبديل ڪرڻ جي ضرورت پئي هئي،
هن ڀيري وري نوازشريف آهي ۽ مسئلا  به پيپلزپارٽي جي دور وانگر سنگين آهن، هڪ طرف نيوز ليڪس جي جاچ هلي رهي آهي ته ٻي طرف وري پاناما بابت جاچ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت چونڊن ۾ ٿورو عرصو ئي رهجي ويو آهي ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به نوازشريف کي حڪومت ڇڏڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ سراج الحق چيو هو  نواز سرڪار اڪثريت ۾ آهي، وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ ڏئي جيستائين پاناما جاچ مڪمل نٿي ٿئي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي ۾ ڏوهه ثابت نه ٿئي ته پوءِ ڀلي کڻي ٻيهر وزيراعظم ٿئي جنهن تي کين ڪو به اعتراض نه هوندو، پر ان باوجود نواز ليگ طرفان ڪو به اهڙو خاص بيان ناهي جاري ڪيو ويو جنهن مان لڳي ته وزيراعظم نوازشريف پنهنجو ڇڏي ڏيندو. هونءَ ته سموريون سياسي پارٽيون هن وقت ملڪ اندر پاناما ۽ نيوز ليڪس تي سياست چمڪائي رهيو آهن پر ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي، بجلي جي بحران سميت ٻين اهم مسئلن تي ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي، سمورين پارٽين کي صرف پاناما ۽ نيوز ليڪس ئي نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب هر طرف پاناما ۽ نيوز ليڪس جا ئي چرچا آهن،
هاڻ ته سڄي پاڪستاني قوم به چاهي ٿي ته نيوز ليڪس بابت جاچ وائکي ڪئي وڃي ۽ پاناما تي جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي و ڃي ته جئين خبر پئجي سگهجي ته آخر معاملو ڇا آهي؟ ۽ انهن جا ذميوار ڪئين آهن، هونءَ ته هر هڪ سياستدان پاناما تي پنهنجا پنهنجا بيان ڏئي رهيو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به سياستيدان انهن ماڻهن خلاف ناهي ڳالهايو، جن جون آفشور ڪمپنيون آهن، هونءَ ته عمران خان به پنهنجي آفشسور ڪمپني بابت ٻڌائي چڪو آهي ۽ ٻيا به کوڙ سارا اهڙا ماڻهو آهن جن پنهنجي آفشور ڪمپنين بابت ٻڌايو آهي،  هونءَ ته سڄي دنيا ۾ پاناماليڪس معاملو ختم ٿي چڪو آهي پر  بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ اهو معاملو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ سياسي اڳواڻ به ان اهم مسئلي تي پنهنجي بيانبازي جو سلسلو جاري رکندا پيا اچن. جيڪڏهن نواز ليگ سرڪار جي پاناما مان جند آجي به ٿئي وڃي ٿي ته نيوز ليڪس واري معاملي جي وضاحت نواز ليگ سرڪار لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندي، جڏهن ماڊل ٽائون سانحو پيش آيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو هو ته هو شريف ڀائرن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندو ۽ هو ماڊ ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏياريندو، پر افسوس جو ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ به هن وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهي  آهي ۽ نه ئي متاثرن جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي،
ماڊل ٽائون سانحو ته نوازسرڪار جي ڳلي ۾ اٽڪيل آهي، مٿان وري پاناما ۽ نيوز ليڪس جي به جاچ ٿي رهي آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هاڻ صرف بيان ڏيڻ ۾ پورو نظر اچي رهيو آهي، ڪڏهن عمران خان پنهنجي توپن جو رخ پيپلزپارٽي ڏي ڪندو آهي ته ڪڏهن وري نواز سرڪار ڏانهن، مطلب ته عمران خان ٻنهي پارٽين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو آهي، هن ڀيري جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان دادو ۾آيو ۽ جلسي کي خطاب ڪيو ته ڪجهه تجزيه نگار چئي رهيا هئا ته عمران خان هن ڀيري چونڊن ۾ ڪيتريون ئي سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، ته ڪجهه سياستدان چئي رهيا هئا ته عمران خان جي سنڌ آمد سان ڪو به فرق نه پوندو.هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ٻيون جماعتون وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪنديون يا وري اهو وقت ائين گذري ويندو، جئين هن وقت تائين گذرندو رهيو آهي، بهرحال هن وقت حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب ملڪ اندر سياسي سرگرميون به تيز ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان پيپلزپارٽي طرفان به سڄي ملڪ ۾ احتجاجن ۽جلسن جلوسن جو  سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.  جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن طرفان جلسا ڪيا ويا آهن ۽ سڀني پارٽين طرفان نواز سرڪار تي ئي تنقيد ڪئي وئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ  خورشيد شاهه به نيوز ليڪس معاملي کي حساس قرار  ڏئي ڇڏيو  آهي، جڏهن کان سپريم ڪورٽ طرفان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو آهي تنهن ڏينهن کان ڪجهه پارٽيون سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪري رهيون  آهن ته ڪجهه وري سياستدان  چئي رهيا آهن  ته نوازشريف کي رعايت ڏني وئي آهي ته ڪجهه سياستدان سپريم ڪورٽ جي فيصلي  جي واکاڻ ڪئي وئي هئي  ۽ نواز سرڪار پاران ته مٺايون ورهايون ويون  آهن. مطلب ته درخواستگذر به خوش  هئا ته الزام هيٺ آيل ڌربه خوشيون ملهايو، لڳي ائين رهيو هو ته ٻئي ڌريون فيصلي تي راضي هيون، بهرهال هن وقت ان کان به وڌيڪ نيوز ليڪس وارو به آهي، جنهن جي به جاچ هلي رهي آهي پر هن وقت تائين ان سان نوازسرڪار تي ڪو به اثر نه پيو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازسرڪار ڪهڙي ريت پاڻ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍندي، جيڪڏهن هن وقت ڪو به فيصلو آيو ته نوازسرڪار لاءِ باقي رهيل ڏينهن گذارڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو ۽ حڪومت ختم ٿيڻ جا به خدشا وڌي ويندا، جيڪڏهن هن وقت به اهڙي سنجيده معاملي تي ڪنهن ڀرپور نموني سان آواز نه اٿاريو ته اهو معاملو به حڪومت ختم ٿيڻ تائين هلندو رهندو، هونءَ ته پاناما وارو معاملو به تمام گهڻو وڌي ويو آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته کيس پئسن جي آڇ ٿي آهي، تنهن کانپوءِ  سڄي ملڪ ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي، جنهن سبب سمورا سياستدان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته  آخر ڪهڙو شخص آهي جنهن عمران خان کي ڏهه  عرب رويپن جي آڇ ڪئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر تحريڪ انصاف سربراهه  عمران خان ڪهڙي ريت نيوز ليڪس ۽ پاناما وارو معاملو حل ڪري؟ ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته اڳتي هلي عمران خان ڪهڙي حڪمت عملي جوڙيندو ته جئين سڄي ملڪ ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ٿي سگهي.

No comments:

Post a Comment