Pages

Saturday 22 April 2017

پاناما تي هنيل ڌرڻن سان ڇا مليو؟

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس معاملي کانپوءِ ملڪ اندر ته باهه ٻري وري هئي هر طرف احتجاجن جو سلسلو هو، دشتگردي هجي يا وري ٻيو ڪو بحران ڪجهه سياستدان ٻيا سڀ ڪم ڪار ڇڏي صرف ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ لڳي ويا هئا، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو هو ته پاناما ۾ معاملي بعد وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي پر وزيراعظم نوازشريف استعيفيٰ نه ڏني هئي، پر جڏهن تحريڪ انصاف طرفان ڌرڻا هڻڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو هو ته ان وقت نواز ليگ ٿورو پريشان ٿي وئي هئي، هڪ طرف عمران خانا پاناما معاملي تي نواز شريف کان استعيفيٰ گهري رهيو هو ته مٿان وري پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي ۾ وزيراعظم ۽ شهباز شريف خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيو هو، ائين لڳي رهيو هو ته وزيراعظم نوازشريف تمام جلد گهر ڀيڙو ٿي ويندو ۽ کيس استعيفٰي ڏيڻي پوندي پر ائين نه ٿيو ، نه ته وزيراعظم نوازشريف گهر ويو ۽ نه ئي احتجاجن جو سلسلو ختم ڪرڻ جو ڪو اعلان ڪيو ويو آهي،
جڏهن پاناما فيصلي جي تاريخ ويجهي آئي ته هر طرف صرف اهي ئي چرچا هئا ته عدالت نوازشريف کي نااهل قرار ڏيندي ته ڪجهه سياسي اڳواڻ ميڊيا تي بيان ڏيندي نظر اچي رهيا هئا ته پاناما ڪيس وقت جو زيان آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي ڪجهه گهڙيو رهجي ويون هيون ته ان وقت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان زلزلو اچي ويندو ۽ هي تاريخي فيصلي سان عوام وزيراعظم نوازشريف کي چاليهه سال ته ڇا صدين تائين وساري ڇڏيندو پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ئي ٿيو، جڏهن سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو ٻڌايو ويو تڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سپريم ڪورٽ جي ججن کي سلام به پيش ڪيو هو ۽ وزيراعظم نوازشريف کان هڪ ڀيرو ٻيهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو، هن ڀيري پيپلزپارٽي به نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن جا به ظاهري طور کوڙ سارا سبب نظر اچي رهيا آهن،
هڪ ته پيپلزپارٽي بجلي جي بحران جي ذميوار به نوازسرڪار کي ڏئي رهي آهي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، هڪ طرف تحريڪ سربراهه عمران خان ته ٻي طرف اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به نوازشريف جي مخالف ٿي ويو آهي ۽ هن ڀيري نواز سرڪار جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جونئير ججن جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته 9 مهينا قوم سان مذاق ڪيو ويو، عدالتي فيصلي سان جمهوريت کي نقصان پهتو، نوازشريف کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، اهڙي بيان جي رد عمل ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو ته آصف علي زرداري عدالت جي توهين ڪئي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ڀيري پاناما معاملي تي عمران خان ٿورو  خاموش ٿي ويو آهي، فيصلي کان اڳ تحريڪ انصاف سربراهه چيو هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاريخي هوندو، جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان دنيا ٻڙڌڪ مچائيندڙ پاناماليڪس جو فيصلو ٻڌائيندي معاملي جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جوڙڻ ۽ وزيراعظم، حسن ۽ حسين  نواز کي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو ته ان جي رد عمل ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ججن کي سلام ڏيندي وزيراعظم نوازشريف کان هڪ ڀيرو ٻيهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو.پاناما جي فيصلي بعد مخالف ڌر وزيراعظم نوزاشريف کان مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،
وفاقي وزير سعيد رفيق ان مطالبي تي رد عمل ڏيکاريندي چيو آهي ته وزيراعظم صادق امين ۽ آهي ۽ هو استعيفيٰ ڇو ڏئي؟، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جسٽس کوسا پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف صادق امين نه رهيو آهي. بهرحال سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد نواز ليگ ۾ سرهائي ڇائنجي هئي ۽ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن طرفان مٺائي به ورهائي وئي هئي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان، شيخ رشيد ۽ نواز ليگ اڳواڻن طرفان چيو ويو هو  ته عدالت جو جيڪو به فيصلو ايندو، هو ان کي قبول ڪندا ۽ ائين ٿيو، جڏهن  سپريم ڪورٽ جي فيصلي جون گهڙيون ويجهو اچي چڪيون هيون ته ان وقت سڄي قوم جون نظرون صرف پاناما فيصلي تي لڳل هيون، جڏهن فيصلي جو ڏينهن آيو ته ان ڏينهن ڪاروبار به ٻاڙائي جو شڪار ٿي ويو هو ۽ هر هڪ اهو سوچي رهيو ته آخر اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟  بهرحال سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٻڌل پنج رڪني بينچ 26 ٻڌڻين بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جيڪو 547 صفحن تي ٻڌل هو، جنهن کي ججن جي2-3 جي ججن جي راءِ جي اڪثريت سان لکيو ويو هو. جڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه آيو هو تڏهن سڀ اهو ئي سوچي رهيا هئا ته هي فيصلو به يوسف رضا گيلاني جي فيصلي وانگر ئي هوندو پر اهو فيصلو ان کان ابتڙ هوندو، جنهن تي پيپلزپارٽي به پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هڪ دفعو ٻيهر پاناما معاملي تي ملڪ اندر هلچل مچي وئي آهي، جنهن سبب لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪجهه سياسي پارٽيون ميدان ۾ لهي اينديون ۽ سياست چمڪائينديون، عمران خان به هن ڀيري ٿورو صبر وارو رويو اختيار ڪيو آهي ۽ ڪو به جذباتي بيان نه ڏنو آهي، پر پيپلزپارٽي طرفان ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس ڪئي وئي ۽ نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ٻنهي پارٽين هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، ماضي ۾ ته  تحريڪ انصاف سربراهه اسلام  آباد ۾ ڌرڻا هنيا هئا ۽ ڪجهه ماڻهن سرڪاري چينل جي آفيس اندر به داخل ٿيا هئا ايتري قدر جو روڊ بند ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پريشان به ٿيا  هئا، ڌرڻن جي سياست سبب هڪ طرف عوام پريشان ٿي رهيو هو ته مٿان وري حڪمران به پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي صرف احتجاج ڪئين ختم ڪرائجن واري پاليسي تي گامزن هئا، جنهن سبب عوام کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي،
 هڪ طرف پاناما معاملي تي سڄي ملڪ ۾ ڌرڻن واري سياست هلي رهي هئي ته ٻي طرف وري انهن ڌرڻن کي ناڪام بڻا.ئڻ لاءِ ڪجهه سياسي اڳواڻ ميدان تي لهي آيا هئا ۽ سياستدانن طرفان اهڙي ٻولي استعمال ڪئي پئي وئي جنهن جو ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هو، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ نواز ليگ اڳواڻن طرفان ته سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي هئي، هر طرف ڪرپشن جو ذڪر ٿي رهيو هو،  هشتگردي، بي روزگاري ۽ ٻيا مسئلا ڪنهن کي به نظر نه اچي رهيا هئا،  ڌرڻا ۽ احتجاج ڪري اهو سمجهيو ويندو هوندو ته هاڻ ڪرپشن جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ ميڊيا تي خبرون هلي رهيون هيون ته پيپلزپارٽي به هن ڀيري نوازشريف جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي به اهي خبرون نشر ٿيون آهن ته پاناما فيصلي ۾ مريم نواز نظر نه آئي آهي، بهرحال  قوم پاناما معاملي تي ٿيل وڏا وڏا احتجاج ڏٺا آهن ۽ اسلام آباد کي بند ڪرائڻ جا اعلان به ڪيا ويا هئا، ايتري قدر جو ڊي چوڪ تي به ڌرڻن سبب عوام پريشان ٿي ويو هو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي هنيل احتجاجن سان عوام کي ڪهڙو فائدو مليو يا وري جيڪو اڳوڻو آصف علي زرداري پنهنجي بيان چيو آهي ته قوم سان مذاق ڪيو ويو آهي، اهو درست ته نه آهي.

No comments:

Post a Comment