Pages

Monday 17 April 2017

دنيا اندر استعمال ٿيندڙ خطرناڪ هٿيار

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اچڻ کانپوءِ خطي جون حالتون تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي ۽ مخالف هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا آهن،  مخالف آمريڪي شهر واشنگٽن ڊي سان کان ويندي ڪيليفورنيا تائين احتجاج ڪندي مطالبو ڪري رهيا آهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجا ٽيڪس گوشورا ظاهر ڪري ٻي صورت ۾ هو احتجاج  جاري رکندا، ايتري قدر جو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ جي حامين ۽ مخالفن ۾جهيڙو  به ٿي پيو هو، جنهن  دوران پوليس پهچي ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪيو  هو ۽  جهيڙو ڪرڻ جي الزام هيٺ 14 ڄڻن کي حراست ۾ به ورتو ويو هو. هونءَ ته آمريڪا ۾ دهشتگرد ڪارروايون ٿينديون رهنديون آهن پر  افغانستان، شام، عراق ۽ ٻين ملڪن ۾ حد کان وڌيڪ دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب ڪيترائي معصوم شهري مارجي چڪا آهن پر ان باوجود گڏيل قومن  طرفان ماڻهن جي حفاظت لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن سبب شام جو عوام تمام گهڻو پريشان آهن. هڪ طرف سڪيورٽي  ادارن جي بمباري سبب ماڻهن جا گهر تباهه ٿي رهيا آهن ته مٿان  دهشتگرد به انهن جي ٻچن جون حياتيون کسي رهيا آهن، گڏيل قومن شام جي ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.
ٻي مهاباري جنگ ۾ 6 آگسٽ 1945ع تي آمريڪا جاپان تي ايٽم بم ڪرايو هو جنهن دوران لکين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هئا، جنهن بعد اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جاپان پهچي هيروشيما جو دورو ڪيو هو پر ان باوجود اهو اڄ به جاپان جا ماڻهو تقريبون ڪوٺائي مارجي ويلن جي يادگار تي حاضري ڀريندا آهن پر افسوس جو اهڙا واقعا روڪرائڻ لاءِ ڪو به اڳتي نه وڌي رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ شام ۾ به ڪيمائي هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا، جڏهن شام ۾ ڪيمائي هٿيارن جو استعمال ٿيو هو ته ان جي هر هڪ طرفان مذمت طرفان مذمت به ڪئي وئي هئي ڇاڪاڻ ته ڪيميائي هٿيارن ۾ مارجي ويلن سڀ کان  وڏو معصوم ٻارڙن جو هو، هڪ طرف شام ۾ آمريڪي اتحادي فوج بمباري ڪري رهي آهي ته مٿان وري شامي فوج جون ڪارروايون به اتي جاري آهن، جنهن سبب شام جي صورتحال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي، اهڙي ريت افغانستان جون حالتون به انتهائي خراب آهن، بس فرق صرف ايترو آهي ته شام ۾ بشارالاسد کي هٽائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن، افغانستان ۾ دهشتگردن کي مارڻ لاءِ ڪارروائي ٿين پيون، شام ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ به عوام مارجي رهي آهي ته دهشتگرد به عوام  کي نشانو بڻايو رهيا آهن، افغانستان جي صورتحال ان کان تبديل نه آهي، شام ۽ افغانستان ۾ آمريڪي اتحادي فوجي ئي ڪارروايون ڪري رهيا آهن، شام ٿيل اتحادي فوجين جي ڪاررواين جي سعودي عرب به حمايت ڪري پيو پر ايران ان جي نه ته حمايت ڪئي آهي ۽ نه ئي و اضع تي مخالفت ڪري رهيو  آهي پر ايترو ضرور آهي جو هن وقت آمريڪا  ايران ۽ اتر ڪوريا کان ٿورو  پريشان نظر اچي رهيو آهي.  آمريڪي فوج ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان ۾ شدت پسند تنظيم جي ٺڪاڻ تي 9800 ڪلو گرام وزني بم ڪرايو هو. آمريڪي فوج طرفان اهو به چيو ويو هو ته افغان صوبي ننگر هار ۾ دهشتگردن جي  سرنگهن تي ٻڌل ڪمپليڪس کي به تباهه ڪيو ويو آهي. آمريڪا طرفان جيڪو بم  ڪرايو ويو هو، ان جو سڀ کان پهرين  تجربو 2003ع ڪيو ويو هو، ان بم جو اڳ ڪڏهن به استعمال نه ڪيو ويو هو.وائيٽ هائوس جي ترجمان شان اسپائسر طرفان چيو ويو هو ته آمريڪا داعش جي سرنگهن کي ٽارگيٽ ڪيو هو،جنهن جي ذريعي دهشتگرد آساني هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ٿي رهيا هئا.  بهرحال  ان کان اڳ به افغانستان ۾ اسپتال تي بم اڇلايا  ويا هئا، جنهن دوران به ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا صرف فرق ايترو آهي جو ان وقت اسپتال تي  بم  اڇلايا ويا هئا ۽ هاڻ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. شام  جي به ساڳئي صورتحال آهي، اتي به ڪجهه ڏينهن ڪار بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.
جڏهن شام ۾ ڪيميائي حملن جون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيون هيون ته ان وقت روس، شام ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن پاران ڪيميائي حملن کي سازش قرار ڏنو ويو هو ، ايران، روس ۽ شام پاران عالمي سطح تي معاملي جي جاچ جو مطالبو به ڪيو ويو هو،  ايتري قدر جو شام ۾ ڪيميائي حملن کان پوءِ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف، ايراني هم منصب جواد ظريف سان گڏ ٽه ملڪي ويهڪ بعد گڏيل پريس به ڪئي هئي، جنهن دوران هنن چيو هو ته ٽنهي ملڪن شام جي بحران کي پر امن طريقي سان حل ڪرڻ تي گڏيل موقف اپنايو آهي، شام جي پرڏيهي وزير طرفان به آمريڪي جارحيت جي مذمت ڪئي هئي، شامي پرڏيهي وزير چيو هو ته سندن حڪومت ڪيميائي هٿيار نه ته ڪڏهن دهشتگردن خلاف  استعمال ڪيا آهن ۽ نه ئي عوام خلاف استعمال ڪيا آهن.هن چيو ته انهن مبينا ڪيميائي حملي بعد عالمي فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪميٽي طرفان شفاف ۽ فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به شام تي پهرين فوجي ڪارروائي ڪندي شامي ايئربيس تي ڪروز ميزائل فائر ڪيا  پرڏيهي ميڊيا طرفان چيو ويو آهي ته آمريڪا روم سمنڊ ۾ موجود پنهنجي سامونڊي ٻيرن ذريعي شام جي شهر حمس ۾ شعيرات ايئربيس تيي ڪروز ميزائل فائر ڪيا هئا، جنهن ۾ شامي هوائي فوج جي جهازن ۽  تيل جي اسٽيشنن کي نشانو بڻايو ويو. شام تي آمريڪي ڪارروائي بعد روس سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو به ڪيو هو، پر سعودي عرب آمريڪي هوائي ڪارروائي جي حمايت ڪئي هئي، بهرحال هن وقت دنيا اندر خطرناڪ هٿيارن جو استعمال انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصو اڳ عراق ۾ ڪيمائي هٿياربندن آمريڪا انڪشاف ڪيا هئا ۽ عراق تي حملو به ڪيو ويو هو پر هٿيار هٿ نه اچي سگهي هئا پر شام ۾ مبينا ڪيميائي هٿيارن جي استعمال بعد لڳي رهيوآهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي شام ۾ اڃا وڌيڪ ڪارروايون ڪندا جنهن سبب معصوم ماڻهن جون حياتيون زيان ٿيڻ جو به خدشو وڌي ويو آهي، هڪ طرف اترڪوريا ميزائل تجربا ڪري رهيو آهي ته  ٻي طرف وري آمريڪا کيس ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، اتر ڪوريا طرفان به آمريڪا کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جنهن بعد لڳي رهيو آهي ته آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏجي اتر ڪوريا خلاف ضرور ڪو قدم کڻندا، ڇاڪاڻ ته ايران کان پوءِ اتر ڪوريا به آمريڪا سان مقابلو ڪرڻ واري پوزيشن ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا بحال نه ٿيا ته مستقبل ۾ انهن ٻنهي ملڪن ۾ ويڙهه ٿي سگهي ٿي،  جيڪڏهن آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي ته اڳتي هلي انهن ملڪن ۾ ويڇا اڃا وڌيڪ ٿي ويندا، هونءَ ته شام ۽ افغانستان هٿيارن جو استعمال ٿي رهيو آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ شام ۾ ڪيل بمباري سبب مارجي ويل ماڻهن جي وارثن سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي انهن متاثر ماڻهن کي محفوظ ٺڪاڻن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا وياآهن، هن وقت گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته شام ۾ امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي ۽ طاقتور ملڪن کي ڳرا هٿيار استعمال ڪرڻ کان روڪي ته جئين معصوم ماڻهن جون قيمتي جانيون زيان ٿيڻ کان بچي سگهن.


No comments:

Post a Comment