Pages

Wednesday 19 April 2017

صوفين جي سرزمين تي پکڙجندڙ انتهاپسندي

صاحب خان ڀٽي
2010ع جي مها ٻوڏ جي اچڻ سان سنڌ جا لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا هئا، خبر ئي نه هئي ته ان ٻوڏ ۾ هتان جي ماڻهن جو الهه تلهه لڙهي ويندو ۽ سنڌ ڪيترائي سال پوئتي هلي ويندي، هن وقت سنڌ اندر مها ٻوڏ کان به وڌيڪ خطري واري صورتحال آهي، مها ٻوڏ ۾ ته صرف ماڻهن جا اجها لُڙهي ويا هئا پر هاڻ ته مها ٻوڏ کان به وڌيڪ دهشتگردي جي ٻوڏ اچي وئي هئي ۽ سمورن دهشتگردن سنڌ ڏانهن رخ اختيار ڪري ڇڏيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو صوفين جي سرزمين کي امن جي ڌرتي سڏيو ويندو آهي، دهشتگردن ان ڪري به سنڌ جو رخ ڪيو  آهي جو هتان جو ماڻهو امن، محبت ۽ پيار جو درس ڏيندا آهن ۽ اها ڳالهه دهشتگردن کان هضم نه ٿيو  ۽ انهن سڌ جو امن امان خراب ڪرڻ لاءِ شرافت وارو ويس واڍي پنهنجيون ڪهريون ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيو  آهي، ڪڏهن دهشتگرد معصوم ماڻهن کي جنت جي لالچ ڏئي ڌماڪا ڪرائي رهيا آهن ته ڪڏهن وري سنڌ ۾ دهشتگردي پکيڙڻ  جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، مها ٻوڏ ۾ ته  اي جي اوز ۽ ٻين تنظيمن خوب ڪمايو پر ان سان گڏوگڏ اتان جي  مقامي سياستدانن به پنهنجا کيسا ڀريا آهن، اڳ ۾ چيو ويندو هو ته سنڌ اندر ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جي گنجائش نه آهي پر هاڻن ته هتان جون ڇوڪريون به دهشتگرد تنظيمن ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن، هڪ ٻه ڏينهن اڳ به وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن پر افسوس جو هن وقت تائين ملڪ اندر امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي آهي، جيڪڏهن ماضي ئي ۾ سڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪيا ويا آهن ته اڄ ملڪ اندر ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جي موجودگي جي ڪا گنجائش نه بچي ها، پر اهو  تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ ۾ موجود دهشتگردن جي سهولتڪارن کي به حراست ۾ ورتو ويندو،
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي شهر ڄامشورو ۾ لمس جي شاگردياڻي پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي  وارثن به سندس ڳولا ڪئي  وئي هئي، پوليس چئي رهي هئي ته نورين لغاري پنهنجي مرضي سان لاهور وئي هئي ۽ سندس ڳولا لاءِ به ڪوشش ڪئي وئي، پر جڏهن آءِ ايس پي آر طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو ته نورين لغاري کي دهشتگردن سان مقابلي دوران هٿ ڪيو ويو هو، جنهن پنهنجو اعترافي بيان به جڏهن ته اهي به چوٻول هئا ته ملڪ اندر سندس بيان معاملي کي اڃا وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو آهي، جيڪڏهن هن وقتم ملڪ اندر امن امان جي صورتحال بحال هجي ته  امام بارگاهن ۽ مسجدن ۾ ڪڏهن به آپگهاتي ڌماڪا نه  ٿين ها ۽ نه ئي نورين لغاري جهڙيون ڇوڪريون داعش جي ڪهري تنظيم ۾ شامل ٿئي ها، ڪجهه ماڻهو ته نورين لغاري کي قانون موجب سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري ماڻهو کيس رعايت ڏيڻ جو به مطالبو ڪري رهيا آهن، بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت ڪهڙا قدم کڻي ٿي، جيڪڏهن هن وقت به امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه آيو ته ايندڙ وقت ۾ اڃا حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو وڌي ويندو. جيڪڏهن ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرائڻو آهي ته پوءِ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ته پاڪستان اندر به ان جا اثر تمام سامهون نظر آيا، پاڪستان اندر به دهشتگرد ايترو ته سرگرم ٿي ويا جو مسجدن، امام بارگاهن ۽ اسڪولن کي به نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب ڪيترائي بي گناهه ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا پر افسوس جو انهن دهشتگردن جي جي ملڪ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا ويا، جنهن سبب مختلف دهشتگرد تنظيمون افغانستان رستي ملڪ اندر داخل ٿي پنهنجي ناپاڪ اردان ۾ ڪامياب ٿينديون رهيون، هن وقت به ملڪ اندر ڪيتريون دهشتگرد تنظيمون آهن جن خلاف ردالفساد آپريشن به جاري آهي پر هن وقت به دهشتگرد تنظيمون ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ پنهنجو مشن جاري رکيون پيون اچن، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سڄي دنيا دهشتگردي جي لهر پکڙجي وئي هئي ته به پاڪستان اندر امن هو پر اڄ ڪلهه سمورن دهشتگردن صرف پاڪستان کي نشانو بڻايو آهي، ڪڏهن مسجدن تي حملا ڪيا ويا ته ڪڏهن امام بارگاهن کي نشانو بڻايو، ايتري قدر جو دهشتگردن معصوم اسڪولي  ٻارڙن کي به بخشيو هو، هن وقت ملڪ اندر ٿورو امن ضرور قائم ٿيو آهي پر دهشتگرد هن وقت لڪي ويا آهن پر اهي پنهنجي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ دهشتگرد پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪارروايون ڪندا هئا پر هاڻ انهن سنڌ ڏانهن به رخ ڪيو آهي، ماضي ۾ اسان وڏي فخر سان چوندا هئاسين ته سنڌ اندر ڪا به دهشتگرد تنظيم نه آهي پر هاڻ ڪجهه حالتون تبديل ٿي ويون آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب به ڌارين جي لوڌ آهي، جيڪي هن وقت سنڌ ۾ آباد ٿي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي هوا کي هٿي ڏيارڻ ۾ مصروف آهن پر حڪومت ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ بدران انهن کي ترسائڻ جا منصوبا جوڙي رهي آهي، جنهن سبب هڪ ته صوبن ۾ اختلاف وڌي  رهيا آهن ته ٻي طرف وري ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن سنگين ٿينديون پيون وڃن،
سنڌ جو به هن وقت اهو ساڳيو ئي حال آهي، جئين ٻين صوبن جو آهي پر هن وقت تائين وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ان لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي، جنهن سبب ڏينهون ڏينهن بي چيني پکڙجندي پئي وڃي ۽ هر هڪ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن مذهبي انتهاپسندي پکيڙيندڙن جي انت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه ملڪ اندر حالتون انتهائي سنگين ٿي ويون آهن، جيڪڏهن هن وقت ملڪ اندر امن امان جي صورتحال لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا ته اڳتي هلي حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون، ماضي ۾ ته اسان سنڌ کي صوفين جي سرزمين سڏيندا هئاسين پر اڄ ڪلهه دهشتگردن صوفين جي هن جنت کي دوزخ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اهي دهشتگرد ڪڏهن مسجدن تي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻائن ٿا، جيڪڏهن ڌارين جي لوڌ کي هتان ڪڍيو وڃي ته جئين امن امان جي  صورتحال بحال ٿي سگهي. هونءَ ته سنڌ حڪومت به دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي هئي پر امن تڏهن ئي قائم ٿيندو جڏهن  صوفين جي سرزمين ۾ انتهاپسنداڻي سوچ کي ختم ڪيو ويندو نه ته هتي امان امان جي صورتحال ساڳي ئي رهندي.جڏهن سيوهڻ ۾ ڌماڪو ٿيو هو تڏهن به سنڌ جي دهشتگردن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو، سڪيورٽي ادارن جاچ ڪري انهن جي ساٿين کي به حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن دوران ڪجهه دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن بعد لڳي رهيو هو ته جن دهشتگردن سنڌ جو رخ ڪيو هو اهي پنهنجي دهشتگرد ڪارواين ۾ ڪامياب ٿي رهيا  آهن.ڪجهه ماڻهو ته اهو به چئي رهيا آهن جيڪي ماڻهو شرافت جو ويس اوڍي  صوفين جي سرزمين ۾ داخل ٿيا آهن انهن سنڌ جو امن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي،

No comments:

Post a Comment