Pages

Friday 28 April 2017

تعليمي ايمرجنسي بعد گرفتار ٿيل شاگردياڻيون

صاحب خان ڀٽي
جڏهن کان سنڌ سرڪار طرفان تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي تڏهن کان سنڌ اندر ان جا نتيجا به اچڻ شروع ٿيا ويا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ هڪ پوليس آفيسر گارڊ ساڻ ڪري امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو ته ٻه ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي اي ايس پي آصف بهادر بهادري جو ڪارنامو ڏيکاريندي ٻن نياڻين کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن مان ظاهرٿي رهيو آهي ته واقعي سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي تي عمل جاري آهي، هاڻ اها تعليمي ايمرجنسي جا اڃا وڌيڪ ڪيترا نتيجا سامهون ايندا اهو ته وقت ئي ٻڌائندو. هونءَ ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن سبب روزاني اخبارون چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن سان ڀريل هونديون آهن، سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو شهر بچيو هجي جتي دهشتگردي يا ٻيو ڪو وڏو واقعو پيش نه آيو هجي، پوليس به  امن امان قائم ڪرائڻ جون  وڏيون وڏيون دعوائون ڪندي رهي آهي پر ان باوجود سنڌ جي عوام پوليس خلاف دانهيندي رهي آهي، ڪٿي بلڊر مافيا سان سهڪار ڪري ڳوٺ ڊاٿا ويندا آهن ته ڪٿي وري بي گناهن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، پر چوندا آهن ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، هتي به اهو سلسلو هلي رهيو آهي، جنهن سبب ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين هزارين ماڻهو پوليس گردي جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڪجهه ماڻهو ته پوليس گردي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ان باوجود اختيارين جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،
هونءَ ته پوليس طرفان امن امان قائم ڪرڻ جون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون آهن پر افسوس جو هن وقت تائين ڪٿي به چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ گهٽتائي ٿيندي نظر نه پئي اچي، جنهن سبب روزاني اهڙين خبرن سان اخبارون ڀريل هونديون  آهن، بهرحال جيڪي پوليس پنهنجن علائقن ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾گهٽتائي نه ڪري سگهي، اها اڳتي هلي دهشتگردي جي ڪاررواين کي ڪهڙي ريت روڪيندي، بهرحال هن وقت پوليس پنهنجو رخ تعليمي ادارن ڏانهن ڪيو آهي، جنهن سبب تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوف واري فضا قائم ٿي چڪي آهي پر اهڙي عمل خلاف ڪو به نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي، جنهن سبب سنڌ اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گرفتار ڪرڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. جڏهن کان سنڌ اندر نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا آهن، پوليس اهلڪارن پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي امتحاني سينٽرن جو رخ ڪيو آهي، ايتري قدر جو ڊي سي ۽ ٻيا عملدار به گارڊ ساڻ ڪري امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري رهيا آهن، جن کي ڏسي شاگرد اڃا وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿي وڃن ٿا،
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر شروع ٿيا  ته هر طرف کان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪجهه شهرن مان ته اهي به خبرون مليون ته ڪجهه ماڻهو صحافتي ذميواريون پوريون ڪرڻ بهاني اٺ ڏهه ماڻهو ساڻ ڪري امتحاني سينٽرن جي  دورو ڪيو، ايتري قدر جو  پاڻ کي چڱو مڙس سڏرائيندڙ به امتحاني سينٽرن جو دورو ڪرڻ لڳا پر افسوس جو تعليمي بورڊن طرفان جوڙيل ٽيمون ڪٿي  به نظر نه آيون، جنهن جو اصل ڪم سينٽرن تي ڇاپا هڻڻ هو، جيڪو ڪم تعليمي بورڊ جي ٽيمن کي ڪرڻو هو ، اهو ڪم ڪامورا ۽ پوليس اهلڪار ڪري رهيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ به هڪ عورت پوليس اهلڪار وڏي بهادري جو ڪم ڪيو هو، جنهن پاڻ سان گڏ گارڊ ساڻ ڪري هڪ امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو، جنهن سبب شاگرد تمام خوف ۾ وٺي ويا هئا، ان عورت پوليس اهلڪار جي ڇاپي دوران واري وڊيو ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ هوءَ ڪنهن وڏن وڏن دهشتگردن کي پڪڙي  رهي هئي، بهرحال ان وقت به تعليم واري کاتي طرفان  ڪو به ردعمل سامهون نه آيو هو ، جنهن سبب هڪ ٻيو واقعو حيدرآباد کان پوءِ گهوٽڪي ۾پيش آيو،
هن ڀيري شاگرد خوف زده  نه ٿيا هئا پوليس هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو هو، هوءَ ته گهوٽڪي شهر ۾ پوليس ڪيتري حد تائين امن امان قائم ڪيوآهي، ان جي ته سڀني کي خبر آهي پر ٻه ڏينهن اڳ جيڪو واقعو پيش آيو، جنهن تي هر هڪ ماڻهو شرم وچان ڪنڌ جهڪائي پيو ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري پوليس ڪنهن  دهشتگرد نه پر ٻن معصوم شاگردياڻين کي ڪاپي ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري موبائل ۾ شهر جو گشت ڪرائيندي رهي،  اي ايس پي گهوٽڪيي آصف بهادر وڏي بهادري جو ڪم ڪاپي الزام هيٺ شاگردياڻين کي شهر جو گشت ڪرائيندو هيو، جڏهن اهڙيون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيون ته ان وقت ايس ايس پي نوٽيس وٺي نياڻين کي آزاد ڪرڻ بدران مختيارڪار جي حوالي ڪري ڇڏيو، مختيارڪار به وڏي بهادري ڏيکاريندي نياڻين کي ڊي سي جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو، بهرحال نياڻين کي آزاد ته ڪيو ويو پر افسوس جو اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت هن وقت تائين ڪو به قدم نه کنيو آهي، جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي سڀ ڪم ڪرڻا آهن ته پوءِ جيڪي اسڪول بند پيا آهن، انهن کي پوليس کولرائڻ لاءِ ڪي قدم ڇو نه کڻي آهي، هونءَ  ته حڪومت وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي ته تعليم اندر وڏا سڌرا آندا پيا وڃن، جيڪڏهن نياڻين کي ڏوهارين جيان گرفتار ڪرڻ تعليم ۾ سڌار ا آهن ته ان کان ڀينگ ڀلي آهي،
هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن جي بينڪن ۾ رکندڙن خلاف جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن، جيڪڏهن هن وقت تعليم جي بهتري لاءِ حڪومت قدم کڻي ته شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي ٿو. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ خبرون  آهن ته آءِ جي سنڌ گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس پي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جاچ ٽيم به جوڙي ڇڏي  آهي، بهرحال اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته جنهن به معاملي کي لئه مٽي ڪرڻو هوندو آهي ته ان جي لاءِ جاچ ٽيم جوڙي ويندي آهي ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيل نياڻين سان ناانصافي واري واقعي جو به حشر به اهو ئي ٿيندو، جيڪو ماضي ۾ جوڙي جاچ ٽيمن ڪيو آهي. هن وقت هر طرف اهو بحث هلي رهيو آهي ته سنڌ اندر ڪاپي جي ڌم متل آهي پر هن وقت تائين اهم مسئلي بابت ڪو به بحث نه ڪيو آهي ته جيڪي اسڪول بند پيا آهن انهن کي کولرائڻ جو ڪم ڪنهن جو آهي ۽ جيڪي استاد اسڪول نه ٿا وڃن انهن کي اسڪول اچڻ لاءِ ڪهڙي ريت پابند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، پر حڪومت بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ڪي تڪڙا اپاءُ نه ورتا آهن، ظاهري طور ته  تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي پر  اها ايمرجنسي امتحاني سينٽرن تي  ڇاپا هڻي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي گرفتار ڪرڻ تائين محدود نه ڪيو وڃي، ڪاپي کي روڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ٻارڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي پر افسوس جو هن وقت تائين  تعليمي نظام ۾ ڪا خاص بهتري اچي نه سگهي آهي، جنهن سبب ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن. جيڪڏهن وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومت چاهي ته سنڌ اندر تعليمي نظام بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن عملي طور قدم کنيا وڃن باقي اعلانن سان ڪجهه به نه ٿيندو.

No comments:

Post a Comment