Pages

Saturday 29 April 2017

جندال ۽ لڳايل سياسي پنڊال

صاحب خان ڀٽي
هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي ملڪ ۾ سياسي پارٽين طرفان جلسا جلوس ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، هر هڪ پارٽي مخالف پارٽي خلاف بيان ڏئي پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائڻ رڌل نظر اچي رهي آهي، مسلم ليگ ن به ملڪ ۾ ترقياتي پيڪيجز جا اعلان ڪري ايندڙ چونڊن لاءِ عوام جون دليون کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي پر افسوس جو اهو سمورا اعلان نيوز ليڪس ۽ پاناما معاملي آڏو ديوار نه بڻجي سگهيا آهن ۽ عوام هن و قت به پاناما جي صاف شفاف جاچ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جو رخ ڪيو  آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ دادو ۾ جلسو به ڪيو ويو هو پر ان باوجود تحريڪ انصاف سنڌ اندر اهو مقام حاصل نه ڪري سگهي آهي، جهڙو پنجاب ۽ ڪي پي ۾ حاصل ڪيو اٿس، هن وقت سنڌ اندر سمورا اهم اميدوار پيپلزپارٽي ۾ آهن ۽ انهن اهم شخصيتن به پ پ ۾ شموليت ڪري ورتي آهي جيڪي بنا ڪنهن پارٽي جي به پنهنجن تڪن تان آساني کٽي سگهن ٿا. جڏهن کان اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيون آهن تنهن ڏينهن کان پيپلزپارٽي جي سنڌ اندر پوزيشن کان اڳ به وڌيڪ مضبوط ٿيندي نظر اچي رهي آهي، رهي ڳالهه فنڪشنل ليگ جي ته، انهن جا به ڪجهه اڳواڻ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا ويا آهن. ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته ايندڙ اليڪشن پيپلزپارٽي سنڌ اندر ماضي جيان اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، رهي ڳالهه تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي ته ان جي بيانن مان سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻو مايوس به ٿيا آهن ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جڏهن ڪراچي ۾ ايندو آهي ته اتي اچي اهڙا لفظ ڳالهائندا آهيو جنهن تي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو بحث ڇڙي ويندو آهي ۽ اهڙا لفظ ايم ڪيو ايم پاڪستان وارا به استعمال ڪندا رهيا آهن،
هڪ دفعو ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اهڙا ته لفظ ڳالهايا هئا جو مٿس تمام گهڻي تنقيد به ٿي هئي ۽ کيس هڪ سنڌي خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو به ڏيڻو پيو هو.نواز ليگ اڳواڻ به سنڌ جا دورا ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي به ٻين پارٽين جيان ڪي پي ۽ پنجاب جو رخ ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي صدر آصف زرداري مالاڪنڊ ۾ جلسو ڪيو هو، ان کان اڳ بلوچستان ۾به عوامي جلسن کي خطاب ڪيو هو، جڏهن آصف علي زرداري مالاڪنڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪيو هو ته ان وقت هن چيو هو ته  سڃاڻپ  ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ وارو عمل غلط آهي. بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ ڌار ڌار جلسا ڪري عوامي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيون آهن. رهي ڳالهه فنڪشنل ليگ ۽ ٻين ننڍن پارٽين جي ته انهن طرفان هن وقت تائين ڪا خاص عوامي رابطا مهم ناهي هلائي وئي.بهرحال هن وقت سموريون پارٽيون مصروف نظر اچي رهيون آهن پر نواز ليگ لاءِ ٿوريون ڏکيائون ضرور پيش اچي رهيون آهن. هڪ طرف جماعت اسلامي پارٽي ته ٻي طرف وري تحريڪ انصاف پارٽي وزيراعظم نوازشريف جي استعفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن. ائين لڳي رهيو  آهي ته وزيراعظم تمام جلد استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو پر حالتون ڪجهه تبديل ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته هاڻ ايندڙ چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن ۽ سموريون پارٽيون ايندڙ چونڊن جي تياري ۾ لڳيون ويون آهن، جن مان ڪجهه پارٽيون پاناما ۽ نيوز ليڪس تي سياست چمڪائيندي نظر اچي رهيون آهن. اڳ ۾ نواز ليگ سرڪار تحريڪ انصاف کي منهن ڏئي رهي هئي پر هاڻ سندس دفاع ڪندڙ پارٽي پيپلزپارٽي به ميدان تي لهي آهي.
جئين ته هاڻ چونڊن ۾ ڪجهه عرصو ئي بچيو آهي ته ان حوالي سان هر هڪ پارٽي هڪ ٻي خلاف بيان ڏيندي نظر اچي رهي آهي. هڪ طرف وزيراعظم نوازشريف پاناما ۽ نيوز ليڪس کي منهن ڏئي رهيو آهي ته مٿان وري ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال جي ساڻس ٿيل ملاقات تي به سوال اٿي ويا آهن جن جا جواب ڏيڻ نواز ليگ سرڪار لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويا آهن. جيڪڏهن هن  وقت نواز ليگ سرڪار ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال جي ملاقات بابت واضع طور قوم کي آگاهه نه ڪيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سندن ناڪامي جو ٻيو وڏو سبب جندال جي ملاقات به بڻجي سگهجي ٿو. هونءَ  ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي اهي خبرون هلي چڪيون آهن ته وزيراعظم نوازشريف سان ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال ملاقات ڪئي هئي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال سميت ڀارت جو ٽه رڪني وفد به شامل هو جيڪو هڪ خاص جهاز جاري ڪابل کان اسلام آباد پهتو هو.ڀارتي وفد ۾ سچن جندال، سوڪيت سنگال، وريندر ببر سنگ شامل هئا. جڏهن ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال جي ڏيهه آمد ٿي هئي ته ان وقت ئي ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال هو ته اها ملاقات تمام گهڻي اهميت رکي ٿي،جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽سرحد تي ڀارت به مختلف وقتن تي ڇڪتاڻ پيدا ڪندو رهيو آهي پر ان باوجود پاڪستان طرفان مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي پر افسوس ڀارت طرفان هن وقت تائين پاڪستان کي ڪو مثبت جواب نه ڏنو ويوآهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾سچن جندال جو ئي ذڪر ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڀارتي وفد ان وقت ڏيهه آيو آهي جڏهن ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جنهن تي ڀارت طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن ۽ چيو ويو  آهي ته ڪڀلوشن ياديو ڀارت جو پٽ آهي، جنهن جي لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا،
ايتري قدر جو ڀارت ڪيترائي ڀيرا ڪلڀوشن ياديو تائين سفارتي رسائي به گهري آهي ۽ پاڪستان طرفان پنهنجو واضع موقف به ڏنو ويو آهي  پر ان باوجود ڀارت طرفان ڪلڀوشن واري معاملي تي ڪاوڙ ختم نه ٿي سگهي آهي. هڪ طرف جماعت الحرار جي ترجمان احسان الله احسان جي را بابت انڪشاف آهن ته ٻي وري وري ڪلڀوشن ياديو وري موت جي سزا وارو معاملو  آهي، مطلب ته ٻنهي معاملن تي ڀارت به پاڪستان کان ناراض نظر اچي رهيو آهي پر ان باوجود ڀارتي اسٽيل ٽائيڪون سچن جندال جي ڏيهه آمد به وڏا سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ نواز ليگ جي سرڪار لاءِ جواب ڏيڻ تمام گهڻوڏکيو ٿي ويو آهي ۽ هر پارٽي طرفان سچن جندال جي دوري بابت پڇيو پيو وڃي. وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز به ڀارتي ٽائيڪون  سچن جندال سان ملاقات بابت بيان جاري ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته مسٽر جندال وزيراعظم جو پراڻو دوست آهي ۽ سندن ملاقات ۾ ڪجهه به ڳجهو نه هيو. اهڙي ملاقات بابت جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو هو ته دوستي ملڪن ۾ هئڻ گهرجي شخصيتن جي نه. بهرحال هن وقت هن وقت سڄي ملڪ ۾ سچن جندال جي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جا چرچا ٿي رهيا آهن ۽ هر طرف اهي ئي سوال اٿي رهيا آهن ته آخر اهڙي حساس دور ۾ آخر ڪهڙي ريت ڀارتي واپاري وفد پاڪستان جو رخ ڪيو آهي، جڏهن ڪلڀوشن ياديو ۽ احسان الله احسان جا انڪشاف ڀارت جي مداخلت جا چٽو ثبوت ڏئي رهيا آهن . جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاناما ۽ نيوز ليڪس کان پوءِ  نواز ليگ سرڪار کي سچن جندال جي ملاقات ڳچي ۾ پئجي وئي آهي. هونءَ به نواز ليگ سرڪار پي ٽي آءِ ۽  پيپلزپارٽي جي احتجاجن کي منهن ڏئي رهي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو هو ته ن ليگ عوام کي روڊن تي آڻڻ جي سياست ناهي ڪندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ته ان وقت نواز ليگ پيپلزپارٽي خلاف احتجاج شروع ڪيا هئا هڪ ته اڳوڻي چيف جسٽس جي بحالي لاءِ احتجاج شروع ڪيو ويو هو ته ٻيو وري بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت احتجاج ڪيا ويا هئا پر ان باوجود پيپلزپارٽي پنهنجو حڪومتي دور پورو ڪيو هو ۽ لڳي پيو ته نواز سرڪار به پنهنجو حڪومتي مدو پورو ڪري وٺندي.

No comments:

Post a Comment