Pages

Monday 20 June 2016

آمريڪا هٿيار ڪئين وڪڻندو آهي؟ ڪتاب تي تبصرو

صاحب خان ڀٽي
6 آگسٽ 1945ع جي عالمي جنگ ۾ آمريڪا پهريون ڀيرو هيروشيما تي ايٽمي بم حملو ڪيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار  ٿيا هئا ۽ ان وقت ئي سڄي دنيا ان عمل جي مذمت به ڪئي هئي، هاڻ آمريڪا افغانستان، عراق، شام ۽ يمن ۾ به مداخلت ڪري رهيو آهي ، جنهن سبب اتي به هيروشيما کان وڌيڪ ماڻهو هن وقت تائين اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. بهرحال اهو ملڪ هاڻ ته ترقي يافته بڻجي چڪو آهي پر اڄ به آمريڪي ايٽمي حملي جا تابڪاري اثر اتي موجود آهن. تاريخ ۾ اهو پهريون ملڪ آمريڪا ئي هيو، جنهن پنهنجو پهريون خطرناڪ هٿيار استعمال ڪري دنيا تي حاڪميت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا هن وقت اها جاري رکيو پيو اچي. آمريڪا دنيا ۾ واحد ملڪ آهي، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ هٿيار وڪرو ڪندڙ ملڪ آهي، آمريڪا کان سعودي عرب، ايران، ڀارت، اسرائيل ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ هٿيار خريد ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ ته آمريڪا ڪيترن ئي ملڪن کي هٿيار وڪرو ڪرڻ کان انڪار به ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي. هڪ طرف آمريڪا هٿيارن جي روڪٿام جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري عراق، شام ۽ يمن ۾ باغين کي هٿيار به فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن سبب اتان جو حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. آمريڪا ۾ به  گن ڪنٽرول قانون تي عمل نه ٿيڻ فائرنگ واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن سبب هن وقت تائين آمريڪا ۾ معذورن جي سينٽرن تي حملي کان ويندي فلوريدا نائيٽ ڪلب فائرنگ واقعي تائين ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن، جنهن جو ذميوار آمريڪا ٻين ملڪن کي قرار ڏيندو آهي.
ان سڄي صورتحال بابت محترم نذير سومري جو هڪ ڪتاب “ آمريڪا هٿيار ڪيئن وڪڻندو آهي؟ “ مارڪيٽ ۾ ڇپجي آيو آهي، جنهن جو مهاڳ به ناليواري شخصيت محترم رسول بخش پليجي صاحب لکيو آهي، جنهن ۾ متحرم رسول بخش پليجي لکيو آهي ته اخبارن توڙي سياسي، ادبي ڪتابن ۾ موجوده دور جي عالمي سطح جي صورتحال ۽ مسئلن بابت معياري ڳالهيون گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن بابت هي ڪتاب ان ڏس ۾ تمام گهڻي رهنمائي ڪري ٿو. رسول بخش پليجو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته هي ڪتاب هٿيارن جي وڪري لاءِ وڇايل ڄار جي سٺي نموني سمجهاڻي ڏئي ٿو، اعليٰ سطحي جي عالمي مسئلن ۽ ڳالهين بابت ههڙن ڪتابن جي لکجڻ جي ضرورت آهي، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ رسول بخش پليجي نذير سومري کي هن ڪاوش تي دلي مبارڪ باد به ڏني آهي. هاڻ توهان ئي سوچيو جيڪڏهن هن ڪتاب جي تعريف سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجي  ڪئي آهي ته ان ڪتاب ۾ ڪي ته اهم ڳالهيون ضرور آهن، جنهن کي پڙهڻ اسان جي ڄاڻ ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ آمريڪا جي  هٿيار وڪرو ڪرڻ واري طريقي جي به معلومات اسان کي ملي سگهي ٿي، جنهن لاءِ هن ڪتاب جو اڀياس ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. محترم نذير سومري پنهنجي ڪتاب لکيو آهي ته ڪنهن فرق کانسواءِ ساڳيو ڪردار آهي، دنيا ۾ اسلحي جي واپاري ۽ وڏيري جو، فرق صرف ايترو آهي ته هي اسان جو ڳوٺاڻو وڏيرو ڄٽ، ڇسو، بيوقوف ۽ غير سائينسي سوچ رکندڙ آهي ۽ هو سائنسي سوچ رکي نفسيات سان ڄاڻ حاصل ڪري دنيا کي غلام رکڻ جي راند ڪندڙ آهي.

 جيڪڏهن ٿورڙي دنيا ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته هاڻ آمريڪا سميت ٻيون عالمي طاقتون هڪ ٿي ويون آهن، جن هڪ گروپ به جوڙيو آهي، جنهن کي نيوڪليئر سپلائيرز گروپ  جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هاڻ آمريڪا ڀارت کي به شامل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، جنهن ۾ هو هن وقت تائين ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته چين ۽ ٻيا ملڪ ڀارت جي مخالف ٿي ويا آهن. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جيڪي هن وقت به خطرناڪ هٿيار ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، جن تي آمريڪا توڙي ٻيون عالمي طاقتون  انهن کي روڪڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيون آهن،. هن وقت جڏهن سڄي دنيا تي نظر ڦيرائينداسين ته عراق، افغانستا، شام، يمن ۽  فلسطين  ۾ ويڙهه هلي رهي آهي،  ان ويڙهه ۾ آفريڪي ملڪ به ڪنهن کان پوئتي نه آهن. هن ڪتاب مان به اهڙو ئي مثال ملي ٿو. عالمي طاقتون به اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيون آهن، جنهن سان  انهن ملڪن ۾ هٿيارن جي کپت ۾ اضافو ٿئي ۽ امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ته جئين هو ان ۾ مداخلت ڪري پنهنجا فائدا حاصل ڪري سگهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت آمريڪا دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ هيٿار ٺاهڻ وارو ملڪ آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو خريدار سعودي عرب آهي، جنهن جون خبرون دنيا جي مختلف ملڪن جي اخبارن ڇپجنديون رهن ٿيون. عراق ۽ شام ۾ به آمريڪا باغي گروپن کي فراهم ڪري رهيو آهي جنهن کي هو مختلف وقتن تي قبول به ڪندو رهيو آهي. محترم نذير صاحب جي ڪتاب مان اڃان وڌيڪ ڄاڻ اسان کي ملي سگهي ٿي. “ آمريڪا هٿيار ڪيئن وڪڻندو آهي؟” ڪتاب ۾ نذير سومري جنگ بابت لکيو آهي ته چار هزار قبل مسيح کان اڄ تائين اٽڪل پنڌرنهن هزار جنگيون ٿيون، جنهن ۾ چار ارب ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا آهن. هن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته پهرين جنگ غلامداريءَ لاءِ وڙهي وئي هئي ته آخري ڇا جي لاءِ وڙهي ويندي؟ ..... آخري ڪونه وڙهي ويندي... مطلب ته ڪا به جنگ آخري نه هوندي آهي. پهرين جنگ تراشيل پٿرن سان وڙهي وئي هئي ته آخري انساني ذهنن ۾ تراشيل لفظن سان وڙهي ويندي.  نذير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته اوڻويهين صدي ۾ ئي 1883 ۾ ٽي اين ٽي يعني ڌماڪيدار مادو ايجاد ٿيو، اڳتي هلي 1867۾ ڊائنا ميٽ به استعمال هيٺ رهيو،  1914ع ۾ پهريون ڀيرو هوائي جهاز جنگ لاءِ استعمال ٿيو، جنگ لاءِ آخر ۾ ايندڙ هي هٿيار جهاز سڀ کان وڌيڪ  اهميت حاصل ڪري ويو آهي، اڄوڪي ڳالهه اها آهي ته جنهن ملڪ وت هوائي جهاز جديد ۽ گهڻا آهن، طاقت جو توازن به ڏانهن جهڪيل هجي ٿو. هزارين ميل پري هوندي به افغانستان کي مات ڏيندڙ آمريڪا اهو سڀ صرف ۽ صرف هوائي طاقت جي ڪري ئي ڪري سگهيو آهي.
 هن ڪتاب ۾ نذير سومري مارڪيٽنگ بابت لکيو آهي ته دنيا جو هر وکر، پراڊڪٽ، جنس پنهنجي پنهنجي اداز سان واپرائيندڙ کي وڪرو ٿئي ٿي، پيدوار/ وکر جي واهپي جي جڳهه ڳولڻ ان کي اتان جي ماڻهن جي گهرج، مزاج مطابق بڻائڻ ان کي اتي وڪرو ڪرڻ واري ان سموري عمل کي مارڪيٽنگ چيو وڃي ٿو. هر علم ۾ جدت اچڻ سان گڏ مارڪيٽنگ به جديد سائينسي انداز سان ٿئي ٿي. ليکڪ نذير سومري هن ڪتاب ۾ جنگ لاءِ ماحول ڪيئن پيدا ڪيو ويندوآهي؟ بابت لکيو آهي، جنهن ۾ هن حوالو ڏيندي چيو آهي ته ستر سيڪڙو  جنگيون مذهب جي ڪري لڳيون آهن،  ته ڪن کي نظريي جي نالي تي لڳيون آهن، مثال طور  هندستان، ۽ پاڪستان ۾، فلسطين ۽ ڪجهه عرب علائقا اسرائيل ۽ عربن جي نالي ۾، ڪوريا وري اتر ڏکڻ جي نالي ۾، چين، تائيوان نالي ۾، ته جرمني اوڀر ۽ اولهه جي نالي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسرائيل بابت نذير سومرو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته دنيا ۾ جڏهن جنگ جو ماحول ٺاهڻ ۾ ڪا مشڪل پيش اچي، تڏهن ڪي ملڪ علائقا دلي جي مڇي ۽ وانگر ڪردار ادا ڪن ٿا، جنهن جو وڏو مثال اسرائيل آهي. جنهن لاءِ 1948ع ۾ اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ وقت آمريڪي صدر هيري ٽر ومين ۽ 2015ع ۾ صدر باراڪ اوباما ساڳيا لفظ چيا هئا ته اسرائيل جو تحفظ آمريڪا جي اولين ذميواري  آهي. دنيا جي سياست تي نظر رکڻ وارا ان ڳالهه تي متفق ٿيندا ته آمريڪا جو هر قدم، پاليسي، عمل هن بيان جي چوڌاري ڦرندي آهي.  هن ڪتاب ۾ ڪشمير بابت لکيل آهي ته اسرائيل کانپوءِ آمريڪا لاءِ ڪشمير دلي جي مڇي آهي، هو جڏهن چاهي هن  مسئلي کي اڀاري ٻنهي ملڪن، هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ وارو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو.
هٿيارن جي ايڪسپورٽ بابت نذير سومرو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هٿيارن جي سنعت هاڻي گلوبل واپارجو درجو رکي ٿي، ان جو ٺهڻ، ان تي تحقيق، ان جي مارڪيٽنگ ڪرڻ هاڻي وڏي منافعي واري صنعت آهي، ان کي دنيا جي واپار جي ٻولي ( ٽرم) ۾ ڊفينس ڪنٽريڪٽر/ ملٽري، انڊسٽري چيو وڃي ٿو. هن واپار ۾ بندوقون ، رائفلون، مشين گنون، ميزائيل،جنگي جهاز، فوجي گاڏيون، جنگي ٻيڙا، اليڪٽرانڪ سسٽم، ٽئنڪون ۽ توبون ۽ گهڻو ڪجهه اچي وڃي ٿو. آپريشن اوپيرا بابت هن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته 1972ع ۾ ايف 15 ۽ 1976ع ۾ ايف 16 جهاز ٺاهيا ويا، جيڪي هميشه وانگر سڀ کان پهريائين آمريڪي ايئرفورس ۽ اسرائيل جي ايئرفورس کي ڏنا ويا، 1980ع ۾ ان جي مارڪيٽنگ جو فيصلو ڪيو ويو، هاڻي سوال هو ته انهن کي ڀرپور نموني سان ڪئين آزامائجي، جنهن لاءِ عراق ايٽمي ريئيڪٽر  کي تباهه ڪرڻ جو انتخاب ڪيو ويو، جيڪو خفيه طور تي بغداد کان ڏکڻ طرف اٽڪل 18 ڪلوميٽر پري  لڳايو ويو هو. ان کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن کي آپريشن اوپيرا جو نالو ڏنو ويو، هي حملو اصل ۾ ايران طرفان ڪيل هڪ حملي جي طرز تي ڪيو ويو. محترم نذير سومري صاحب عراق جي ڪويت واري حملي بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. نذير سومري لکيو آهي ته 2 آگسٽ 1990ع  ۾ اڌ رات جو ٻي وڳي عراق کان پنهنجي اهڙي پاڙيسري ملڪ تي حملو ڪرايو ويو، جنهن وٽ ڪا اهڙي فوج يا هٿيار ڪو نه هئا، ائين کڻي چئجي ته هن گهٽ دلچسپي پئي ورتي. يعني عراق ڪويت تي الزام هنيو ه ته ڪويت عراقي تيل زمين جي هيٺان هي هيٺان چورائي رهيو آهي ۽ ڪويت تيل جي پيدوار گهٽائڻ لاءِ راضي به ڪو نه هو، جنهن سبب عراق ڪويت تي حملو ڪيو.  ڪتاب“ آمريڪا  هٿيار ڪيئن وڪڻندو آهي”  ۾ لکيل  آهي ته چار نومبر 1979ع جو ڏينهن هو، جڏهن ايراني شاگردن جي هڪ ٽولي جيڪي پاڻ کي امام خيمني جا پيروڪار سڏائي رهيا هئا، اچي آمريڪي سفارتي عملي کي تهران جي آمريڪي سفارت خاني ۾ يرغمال بڻايو هو. ان وقت سويت يونين موجود هو. جن کي ڇڏائڻ لاءِ آمريڪي  اڳوڻي صدر  جمي ڪارٽر اٺ هيلي ڪاپٽر موڪليا هئا، جن مان صرف پنج ئي منزل تائين پهچي سگهيا، ٽي مختلف حادثن جي ور چڙهي ويا هئا. جن کي اهو ڪم سونپيل هو ته عملي جي 52 يارغمالين کي ڇڏائي اچن. بهرحال هن ڪتاب جو جيڪڏهن توهان مڪمل اڀياس ڪندا ته اڃان توهان کي وڌيڪ معلومات ملي سگهندي. مون به ڪجهه ورق پڙهيا، جنهن کي پڙهي تمام گهڻي ڄاڻ  حاصل ڪئي آهي، هي ڪتاب به ان وقت ئي ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جڏهن آمريڪا هٿيار وڪرو ڪندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي آهي ۽ اهڙو ئي ماحول هن وقت نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب هن وقت هن ڪتاب جي اهميت تمام گهڻو وڌي وڃي ٿي.

No comments:

Post a Comment