Pages

Thursday 23 June 2016

انصاف ڏيندڙ به انصاف جا منتظر...!!

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي ۾ بدامني  ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آهي پر ڪنهن اهو نه سوچيو هو ته هن شهر جون حالتون به ايتريون به خراب ٿي وينديون جو ڏينهن ڏينهن سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ کي اغوا ڪيو ويندو، هي ڪو پهريون واقعو نه هو ته ڪنهن اهم شخصيت جي پٽ کي اغوا ڪيو ويو هجي پر اهو ضرور هو جو هي سنڌ ۾ پهريون واقعو  هو، جيڪڏهن ايئن کڻي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اويس علي  شاهه جي اغوا وارو معاملو پهريون آهي ته به غلط نه ٿيندو. 2011ع ۾ لاهور جي گلبرگ واري علائقي مان پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز شريف کي به اغوا ڪيو ويو هو،  جنهن کي بلوچستان جي ڪچلاڪ واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو هو، جنهن جي تصديق گهرو وزير چوڌري نثار به ڪئي هئي. 2013ع جي چونڊن کان 3 ڏينهن اڳ 9 مئي تي جڏهن اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو پٽ حيدر گيلاني کي به اغوا ڪيو ويو هو. جنهن  بابت اهي خبرون هيون ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي القاعده اغوا ڪيو آهي، جنهن جي آزادي لاءِ 2 ارب روپيا ڀنگ  به طلب ڪيو ويو هو. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي به نيٽو عملدارن  بازياب ڪرايو هو، جنهن بابت نيٽو چيو هو ته افغان ۽ آمريڪي فوج گڏجي ڪارروائي افغان صوبي پڪتيڪا مان بازياب ڪرايو ويو ۽ ان ڪارروائي دوران ڪجهه دهشتگردن کي به مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، ا
ڳوڻي وزيراعظم جي پٽ حيدر گيلاني جي بازيابي بعد کيس ڏيهه آندو ويو هو جنهن تي يوسف رضا گيلاني ۽ پارٽي اڳواڻ تمام گهڻو خوش ٿيا هئا.  بهرحال ان وقت امن امان جي صورتحال به انتهائي خراب هئي پر هاڻ ته حڪمران  اهي دعوائون ڪري رهيا آهن ته انهن ملڪ اندر  امن قائم ڪرائي ڇڏيو آهي، وفاقي توڙي صوبائي حڪومت به اهڙي دعويٰ  وڏي فخر سان ڪري رهي آهي ته  هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن واقعي دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي ته پوءِ چٻي ٿيل چيلهه وارا دهشتگرد اهڙيون ڪارروايون ڪئين پيا ڪن. جو ڏينهن ڏٺي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي اغوا ڪري هليا ويا جن جو هن وقت ڪو به پتو ناهي لڳايو ويو، هڪ طرف رينجرز جي اختارن جو مدو به ختم ٿي چڪو آهي جنهن ۾ به واڌ ناهي ڪئي وئي ته ٻي طرف وري دهشتگردن جو پٽو ئي ڇڙي ويو آهي، لڳي ائين رهيو آهي ته هاڻ انصاف ڏيندڙ ادارا پاڻ ئي انصاف جا منتظر آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس علي شاهه جي اغوا واري معاملي تي هر طرف کان صرف مذمتي بيان جاري ڪيا پيا وڃن پر هن وقت ڪنهن به خاص احتجاج  رڪارڊ نه ڪرايو آهي. پوليس به  ٻه  ڏينهن گذرڻ سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ اغوا جا قلم به شامل ڪيا ويا، پوليس جو موقف هو ته  اويس علي شاهه کي منجهند جو اغوا ڪيو ويو هو ۽ انهن جي مائيٽن کين  رات جو 9 وڳي  رپورٽ ڪئي هئي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هو چيف جسٽس جي پٽ اويس علي شاهه کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهن پر  هن وقت تائين به اويس علي شاهه جو پتو ئي نه پئجي سگهيو آهي، چيف جسٽس جي پٽ اويس علي شاهه جي اغوا بعد عام شهري به  پريشان ٿي ويا آهن ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته دهشتگرد جيڪي  هڪ چيف جسٽس جي پٽ کي به اغوا ڪرڻ کان نه ٿا مڙن ته پوءِ هو عام شهرين سان ڪهڙو حشر ڪندا.
هڪ طرف ڪراچي ۾ آپريشن به هلي رهيو آهي جنهن بابت اسان جي حڪومت اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته هنن آپريشن ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، اڃان اويس علي شاهه بازياب ئي نه ٿيو هو ته ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ دهشتگردن ڏينهن ڏٺي ناليواري قوال امجد فريد صابري کي قتل ڪري ڇڏيو، دهشتگردن قوال جي ڏئي کي وسائي ڇڏيو، دهشتگردن جي اهڙي ڪارروائي تي ايم ڪيو ايم ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جا اڳواڻ هڪ ٻئي خلاف به بيان ڏيڻ لڳا، جنهن مان هڪ دفعو ٻيهر حالتون خراب ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، هونءَ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ڌريون ڪوششون ڪري رهيون آهن پر اهي هن وقت تائين ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن پر انهن هن شهر رت جون نديون وهائڻ جي ڪسر نه ڇڏي آهي، انهن جي ناپاڪ ارادن سبب هن صوفين جي ڌرتي تي هزارين ماڻهن کي ماريو ويو آهي، پر ان باوجود اسان جي حڪومت اها چئي رهي آهي ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آپريشن ڪري دهشتگردن جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن اهي چيلهه چٻي ٿيل دهشتگرد اهڙيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته پوءِ جڏهن انهن دهشتگردن جون چيلهون سڌيون ٿي ويون ته پوءِ اهي عام شهري ته ڇا قانون جي رکوالن کي به بخش نه ڪندا، جيڪي مختلف وقتن ۾ هو اهڙو ڪم سرانجام ڏيندا رهيا آهن. بدقسمتي سان هن شهر ۾ آپريشن ته ٿي رهيوآهي ته پر  نه ته ڀتي خوري ۾ ڪا گهٽتائي آئي آهي ۽ نه ئي وري ڪا امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن مان لڳي پيو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪوتاهي ضرور ٿي رهي آهي، جنهن سبب هن آپريشن سان امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي رهي آهي.
وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به ناليواري قوال امجد فريد بخاري جي قتل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا کي سنڌ حڪومت لاءِ سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اها سازش آهي ته پوءِ  سنڌ حڪومت کي جلد کان جلد تڪڙا قدم کڻڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته هاڻ ڪجهه ڌريون سنڌ کي ٽوڙڻ جو اعلان سنڌ اسيمبلي ۾ به ڪري رهيون آهن جنهن ته اسان جا چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي نظر اچي رهيا آهن، سنڌ جي صوبائي وزير مولابخش چانديو به صرف اهو ئي بيان ڏنو آهي ته را جا ايجنٽ سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف  وري پيپلزپارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ به اها اڳڪٿي ڪئي آهي ته مستقبل ۾ اڃان وڌيڪ ڪراچي شهر جون حالتون  خراب ٿينديون،  هاڻ سنڌ حڪومت کي به منظور وساڻ جي  ان  اڳڪٿي  بابت ڪجهه عملي قدم کڻڻو پوندو ۽ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي جيڪي  مورڙي جي ماڳ ڪراچي  جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا، ڪجهه سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن به ماضي ۾ به اهي بيان ڏنا هئا ته هڪ سياسي تنظيم ڪراچي تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ  شهر ۾ رت وهائي رهي آهي پر ان وقت به  ڪو به قدم نه کنيو ويو هو رهندو رهندو انهن سان مفاهمت وارو عمل اختيار ڪيو ويو. جڏهن ڪراچي ۾ آپريشن شروع ٿيو تنهن وقت ئي سياسي تنظيم اهي رڙيون ڪيون هيون ته اهو آپريشن صرف انهن جي ڪارڪنن خلاف ٿي رهيو آهي پر ان باوجود اهو آپريشن بنا فرق جي جاري رهيو ۽ ڪجهه حد تائين امن به جاري رهيو پر اهو  امن مستقل طور قائم نه رهي سگهيو. هن وقت وزيراعظم نوازشريف به لنڊن ۾ ترسيل آهي ۽ ملڪ جون حالتون به خراب  ٿي رهيون آهن، هڪ طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد حسين شاهه جي پٽ اويس علي شاهه کي اغوا ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف وري ناليواري قوال امجد صابري کي به قتل ڪيو ويو آهي پر انهن ٻنهي ڄڻن جي جوابدارن جو پتو هن وقت تائين نه لڳي سگهيو  آهي. ايتري قدر جو دهشتگردن ناليواري نوحه خوان فرحان علي قادري کي بخش نه ڪيو ۽ ان تي به حملو ڪيو پر هو معجزاڻي طور بچي ويو، ڇاڪاڻ ته ان وٽ سيڪيورٽي گارڊ هو جنهن جي جوابي ڪاررروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڪراچي جون حالتون ڪيتري حد خراب ٿي چڪيون آهن، هاڻ حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد قدم کڻي امن امان جي صورتحال کي بحال ڪري ته جئين شهرين ۾ پيدا  ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي.


No comments:

Post a Comment