Pages

Tuesday 28 June 2016

ڪراچي ۾ آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي ۾ چيف جسٽس سجاد علي  شاهه جي پٽ جي اغوا ۽ امجد صابري جي قتل بعد آپريشن کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ هن ڀيري پوليس ۽ رينجرز کي گڏجي امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هونءَ ته رينجرز جي اختيارن وارو مدو ختم ٿي چڪو آهي پر هن وقت تائين سنڌ حڪومت ان ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي آهي ته ٻي طرف وري پوليس ۽ رينجرز کي پاڻ ۾ سهڪار جاري رکڻ جي هدايت ڪئي و ئي آهي. امجد صابري جي قتل بابت سنڌ حڪومت اهو چيو آهي ته هو انهن جي قاتلن جي ويجهو پهچي چڪا آهن ۽ هو  اوچتو عوام کي اهم خبر ٻڌائندا، هاڻ اها اهم خبر اوهان کي ڪڏهن ملندي جنهن بابت اڃا اسان کي ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو، باقي رهي ڳالهه شهر جي امن امان جي صورتحال جي ته سنڌ حڪومت به هن ڀيري ٿورو سنجيده نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ جڏهن به پيپلزپارٽي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي ته هر پارٽي اها پاڻ ڏانهن سمجهي رهي هئي ۽ هر طرف کان اهي دانهو هيون ته حڪومت ساڻن ناانصافي ڪري رهي آهي پر هن ڀيري انهن ڌرين کي احتجاج يا رڙين ڪرڻ سان ڪجهه به نه ملندو، ڇاڪاڻ ته ڀيري جنرل آرمي چيف راحيل شريف اها هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي آپريشن ۾ ڪنهن به سياسي دٻاءُ کي برداشت نه ڪيو ويندو، جنهن مان لڳي پيو ته هن ڀيري جيڪي به خطرناڪ پارٽيون آهن، جن جي وڙهاڪ ونگن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو.
آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي سنڌ رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل جاري آپريشن،  سيڪيورٽي صورتحال سميت ڪراچي آپريشن ۾ ٿيل اڳڀرائي  بابت بريفنگ ڏني  آهي. جنرل راحيل شريف  چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا ۽ امجد صابري جي قتل وارن تازن واقعن  جو حوالو ڏيندي  انٽيليجنس ايجنسين جي ڪمانڊرن  کي به هدايت ڪئي آهي ته امن امان بحال رکڻ لاءِ  سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. آرمي چيف جنرل راحيل شريف اها به هدايت ڪئي ته هاڻوڪي تازن واقعن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي ۽ سهولتڪارن  جي مالي مدد ڪندڙن  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هونءَ ته ڪراچي ۾ گذريل عرصي کان  آپريشن جاري آهي ۽ رينجرز به وڏي ٽائيم کان امن امان جي صورتحال قائم ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي، رينجرز جي  ڪيل ڪاررواين ۾ ڪافي حد تائين امن به قائم ٿيو هو ۽ هاڻ اوچتو هڪ دفعو ٻيهر ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا به پيش اچي رهيا آهن، جڏهن سنڌ هاءِ ڪوٽ جي  جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي اغوا ڪيو ته ان وقت عوام به عدم عدم تحفظ جو شڪار ٿي وئي هئي،  جنهن تي سڄاڻ ڌرين  ۾  به بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ اويس علي شاهه جي اغوا کي اڃا هڪ ٻه ڏينهن مس گذريا هئا ته مٿان وري هٿياربندن ناليواري قوال امجد صابري کي ڏينهن ڏٺي فائرنگ ڪري 3 دوستن سميت قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو هو. امجد صابري جي قتل ۽ چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به اجلاس طلب ڪيو هو، جنهن ۾ چيف جسٽس اهو چيو ته اهڙن واقعن سان عوام ڏانهن غلط تاثر وڃي رهيو آهي ۽ ان ئي اجلاس ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. چيف جسٽس جي اجلاس بعد آرمي چيف جنرل راحيل شريف به ڪراچي رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪيو. دوري دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ آپريشن جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان کي تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف اها به هدايت ڪئي ته جنهن به سياسي جماعت جي ويڙهاڪ ونگ هجي ته  خلاف به بنا ڪنهن دٻاءُ جي ڪارروائي ڪئي وڃي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف اهو به چيو ته ڪراچي آپريشن  جو سمورو ڌيان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن تي آهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو  هن حالتن ۾ دورو وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪراچي جون حالتون تمام خراب آهن ۽ انهن حالتن کي اڃا وڌيڪ خراب ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڌريون ڪراچي امن کي جواز ڄاڻائي سن صوفين جي ڌرتي کي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن جنهن هن پاڪستان کي ٺاهڻ  جو ٺهراءُ پيش ڪيو، اهي ڌريون ئي پاڪستان جي خالق کي ختم ڪرڻ جا  جتن ڪري رهيون آهن پر ان تي هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي ۽ انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ڪجهه ڌرين جو اهو خيال آهي ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ان ڪري ئي بحال نه ٿي رهي آهي جو ضياءَ الحق جي پيڊائش اڄ به هن شهر ۾ موجود آهي، جنهن کي هن شهر جو امن پسند نه آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ڪراچي آمد تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به وڏا ٿورا مڃيا آهن.  ڪراچي جي امن امان بابت امن امان بابت سنڌ ڪابينا ۾ هڪ اهم اجلاس  طلب ڪيو ويو جنهن  ۾ به اهم فيصلا ڪيا ويا  آهن.
وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽  دهشتگردي جي خاتمي واري عدالتن جي ججن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيد قائم علي شاهه به ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر رکندي بيچين نظر اچي رهيو آهي، جنهن مان لڳي پيو  آرمي چيف  جنرل راحيل شريف جي دوري بعد سنڌ حڪومت به سنجيده رويو اختيار ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت کي هن ڀيري ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ کان به ڪير روڪي به نه ٿو سگهي ۽ نه ئي سندن جي حڪومت کي خطرو آهي، جنهن سبب پيپلزپارٽي به خاص طور تي سنڌ جي راجڌاني ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ جيلن اندر قائم دهشتگردي جي خاتمي واري عدالتن جي ججن کي جيل اندر رهائش ڏيڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آءِ جي سنڌ کي فوري طور 20 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ سڄي شهر ۾ 12 ميگا ميڪسل واريون ڪيمرائون به لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻي طرف وري آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته  هو امجد صابري جي قاتلن جي تمام گهڻو ويجهو پهچي چڪا آهن ۽ تمام جلد انهن کي گرفتار ڪيو ويندو. آءِ جي سنڌ اهو به چيو ته کين يقين آهي ته بيريسٽر اويس علي شاهه کي اغوا ڪندڙن ڪراچي ۾ رکيو آهي ۽ هو هن وقت به ڪراچي ۾ ڪنهن هنڌ قيد آهي، آءِ جي سنڌ اغوا ڪندڙن بابت چيو ته اغواڪندڙ اويس شاهه جو موبائل فون کولي جاچ ٽيم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.  جئين جئين وقت گذري رهيو آهي تئين تئين عوام  ۾ بيچيني پيدا ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته امجد صابري جو قتل ۽ چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا واري معاملي کانپوءِ  ڪراچي اندر  جاري آپريشن تي به آڱريون کڄجي رهيون هيون ۽ هاڻ ان تي ٿورڙي  گهٽتائي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ سنڌ حڪومت به ڏوهارين کي بخش  نه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي  جنهن لاءِ دهشتگردن کي چٿڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي. جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي ويندي، جيڪا هاڻ پڻ وقت جي ضرورت آهي.

No comments:

Post a Comment