Pages

Wednesday 22 June 2016

بدنام هي سهي پر نام تو هئا..!!!

صاحب خان ڀٽي
سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس علي شاهه جي اغوا ٿيڻ واري معاملي پانامالڪيس، ماڊل ٽائون ۽ بلديا فيڪٽري سانحي سميت ٻين ڪيترن ئي اشوز تان  هڪدم ماڻهن جو ڌيان ان وقت هٽيو جڏهن  ماڊل قنديل بلوچ پنهنجي سوشل ميڊيا جي آفيشل پيج تي  مذهبي اسڪالر مفتي عبدالقوي سان گڏ ورتل ڪجهه سيلفيون شيئر ڪيون، ان کان هر  ٽي وي چينل تي صرف حڪومت ۽ اپوزيشن جون خبرون نشر ٿي رهيون هيون ۽ عوام به پريشان هئا ته هاڻ الائي ڇا ٿيندو، هر ڪو بس ان اوسئيڙي ۾ هو ته عيد کان پوءِ الا ڇا ٿيندو ۽ اپوزيشن جماعتون ڪهڙي حڪمت عملي جوڙيون آهن، ان سان گڏ عوام ان لاءِ  به سمورا  چينل ڏسي رهي  هئي ته  هڪ طرف هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان قائم ڪرائڻ جون  وڏيون دعوائون ڪري رهيا هئا ته  هنن ڪراچي ۾ مڪمل امن  ڪرائي ڇڏيو آهي، ان جو ثبوت به  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه جي اغوا مان به ملي ٿو،
 هڪ طرف امن جي دعويٰ ڪئي پئي وئي ته ٻي طرف ڏينهن ڏٺي جو چار هٿياربند جعلي سرڪاري نمبر پليٽ جي گاڏي ۾ سوار ٿي سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ کي اغوا ڪري ۽ ان علائقي مان اغوا ڪيو، جتي سيڪيورٽي جا انتظام ٻين شهر جي ٻين علائقن کان وڌيڪ بهتر هوندا آهن. بهر حال ان سڄي صورتحال ۾ جڏهن مختلف چينلن  تي ، مذهبي مفتي عبدالقوي ۽ ماڊل قنديل بلوچ جي سيلفين جون خبرون نشر ٿيون ته سڀني جو ڌيان صرف ان خبر ڏانهن هليو ويو ۽ هر طرف مذهبي اسڪالر مفتي عبدالقوي ۽ قنديل بلوچ جو ذڪر ٿيڻ لڳو، هاڻ سچ ڇا آهي  ۽ غلط ڪير آهي ، ان جي خبر هڪڙي عبدالقوي کي هوندي ۽ ٻيو وري قنديل بلوچ کي هوندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قنديل بلوچ  مفتي عبدالقوي جي سيلفون شيئر ڪري تمام گهڻي شهرت ماڻي آهي ۽ کيس ميڊيا ڪوريج به تمام گهڻي ملي آهي، هر نيوز چينل ۽ اخبار ۾ صرف سندس چرچا هلي رهيا آهن، اهڙين خبرن مان عوام ته تمام گهڻو لطف اندوز ٿي رهيو آهي، هڪ طرف ماڊل قنديل بلوچ جي شهرت ۾ اضافو ٿيوآ هي ته ٻي طرف وري مفتي عبدالقوي ميڊيا سان ڳالهائڻ جي لائق نه رهيو آهي، جيڪڏهن ڪجهه چينلن کي مفتي عبدالقوي انٽرويو ڏنو به آهي ته ان وقت به زبان سندس ساٿ نه ڏئي رهي هئي ۽   سندس لفظ ساٿ ڇڏي رهيا هئا، ڪنهن وقت مفتي انٽرويو دوران قنديل بلوچ کي پنهنجي ڌيءُ چئي رهيو هو ته ڪڏهن وري محترمه به چئي رهيو آهي، پاڻ ۽ پنهنجن لفظن جي ڄار ۾ ڦاسجندو پيو وئي، جنهن کي عوام وڏي دلچسپي سان ڏسي رهيو هو، قنديل بلوچ ۽ مفتي عبدالقوي واري خبر جنهن به وقت چينل تي هلي پئي ماڻهو سمورو ڪم ڪار ڇڏي ان کي ڏسڻ ويهي پيا رهن،  جئين ورلڊ ڪپ ۾ ماڻهو ڪرڪيٽ ميچ کي  ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. سموري صورتحال کي ڏسندي ائين پئي لڳو ته ڪا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ ٿي رهي هجي.
ملڪ جون مختلف اخبارن جون سرخيون به  قنديل بلوچ ۽ مفتي عبدالقوي جي بيانن سان ڀريل هيون. هر هڪ جو اهو سوال هئو ته آخر قنديل بلوچ کي ٽوپي پرائي ڪنهن؟ هر هڪ ان سوال جو جواب چاهي رهيو هو، ڪجهه نيوز چينلن جي اينڪرن عبدالقوي کي فون ڪري اهو سوال به ڪيو ته سائين مفتي عبدالقوي صاحب صرف ايترو ٻڌايو ته قنديل بلوچ کي ٽوپي ڪنهن پارائي جنهن ته هن جواب ڏنو هو ته  قنديل بلوچ پنهنجي مرضي سان ٽوپي پاتي هئي، هن ته صرف ٽوپي ان ڪري لاهي ٽيبل تي رکي هئي جو کيس واش روم ۾ وڃڻو هو. جڏهن مفتي عبدالقوي کان تصويرون ڪڍرائڻ بابت پڇيو ويو ته هن اهو چيو هو ته تصويرون ڪڍرائڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي، اهڙيون سيلفيون ڪڍرائڻ جائز آهن.  مذهبي اسڪالر مفتي عبدالقوي چيو  آهي ته سندس خيال ۾ سيلفي وٺڻ ڪو ڏوهه ناهي،  هن اهو به چيو ته سندس قنديل بلوچ سان  ملاقات افطار ٽرانسميشن دوران هڪ چينل تي هئي. جنهن دوران هن کيس روزو افطار ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. جنهن لاءِ هو قنديل بلوچ جي گهر ويو هو.  مفتي عبدالقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن قنديل بلوچ کي هو عمران خان سان سندس ملاقات ڪرائيندو ، هن  اهو به چيو ته جيڪڏهن قنديل بلوچ جي ماضي تي ڪنهن کي اعتراض آهي  ته ان سان  هن جو ڪو به تعلق نه آهي. اهڙي بيان بعد  سينيٽ  جي مذهبي معاملن بابت قائمه ڪميٽي جي چيئرمين حافظ حمد الله به هڪ صلاح پيش ڪئي ته قندي بلوچ کي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ ۾ به شامل ڪيو و ڃي، هن اهڙو بيان ان ڪري ڏنو  ان جو حافظ حمدالله جواز به ٻڌايو ته جيڪڏهن  جيڪو مفتي پنهنجي ٽوپي هڪ ماڊل کي پارائي سيلفي ٺاهي ته ان کي چنڊ ڏسڻ ڪميٽي ۾ ڪئين شامل ڪري سگهجي ٿو. جنهن مان لڳو ته حافظ حمدالله به مفتي عبدالقوي کان سخت ناراض هو، جنهن سبب  هن اهڙو بيان ڏنو.  جڏهن سڄي ميڊيا تي مفتي عبدالقوي جي هٿ ملائڻ واري ويڊيو ۽ سيلفيون نشر ٿيون ته ان وقت ئي  پاڪستان تحريڪ انصاف جي  ترجمان نعيم الحق به مفتي عبدالقوي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هنن جو مفتي  عبدالقوي سان ڪو به تعلق نه آهي  ۽  مفتي عبدالقوي پنهنجي هر فعل ۽ قول جو پاڻ ئي ذميوار  آهي، جنهن سان پارٽي جو ڪو به تعلق نه  آهي.
  نعيم الحق پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته  تحريڪ انصاف جي علماءَ ونگ جو صدر مفتي سعيد آهي ۽ مفتي عبدالقوي وٽ تحريڪ انصاف جي ڪا به ذميواري نه آهي، هڪ طرف  تحريڪ انصاف  مفتي عبدالقوي کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي ته ٻي طرف چنڊ ڏسڻي ڪميٽي مان به سندس ٻاهر نڪرڻ جا چٽا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، هر طرف اهي ئي چر چا هلي رهيا آهن ته قنديل بلوچ ۽ مفتي عبدالقوي  کي ڪهڙي ضرورت پئي جو مذهبي اسڪالر  هوندي به کيس  اهڙيون سيلفون  وٺڻ جي ضرروت پئي. مون کي ياد آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن تحريڪ انصاف  جو جلسو ٿيو هو ته ان وقت قنديل بلوچ عمران خان کي شادي جي آڇ ڪرڻ لاءِ پهتي هئي ته اتي  هوءَ عمران خان سان نه ملي سگهي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت  تحريڪ انصاف جي پارٽي جي ڪارڪنن سندس گهيرو ڪيو ۽ کيس تنگ به ڪيو هو، جنهن تي هو روئي به ڏنو آهي پر سندس ملاقات عمران سان نه ٿي سگهي هئي، بهر حال اهو وقت ته گذري ويو پر قنديل بلوچ اهو ڏينهن نه ويساري سگهي آهي، جنهن مان لڳي پيو ته شايد قنديل بلوچ اهو سمورو نزلو مفتي عبدالقوي تي ڪرايو آهي، عيد جو ٻڪرو  ويچاري مفتي عبدالقوي کي بڻجڻو پيو. ماضي ۾ ڪجهه ادڪارائون مختلف طريقن سان شهرت ماڻي آهي پر انهن ان طريقي سان ڪنهن  مذهبي اسڪالر  کي بدنام نه ڪيوآهي، جئين قنديل بلوچ مفتي عبدالقوي کي ڪيو آهي. جنهن لاءِ  هاڻ مفتي عبدالقوي کي  به ڪجهه هٿ  پير هلائڻ جي ضرورت پئجي وئي آهي. هاڻ ته قنديل بلوچ وارو معاملو مفتي عبدالقوي کي ڳچي ۾ پئيجي ويو آهي، جيڪو شايد هل ٿي وڃي پر  قنديل بلوچ جيڪي شهرت ماڻي آهي، اها تاريخ ۾ پهريون واقعو آهي.

No comments:

Post a Comment