Pages

Wednesday 29 June 2016

اتاترڪ ايئرپورٽ ڌماڪا ۽ سوڳ ۾ ورتل ترڪي

صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ امن قائم ڪرائيندڙ طاقتور ملڪ اڄڪلهه پاڻ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهن، آمريڪا ۾به ڪيترائي فائرنگ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن جنهن ۾ سوين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن پر ان باوجود اهو ملڪ ٻين ملڪن کي امن قائم ڪرائڻ  جون هدايتون جاري ڪري رهيو آهي. دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻ جو ٺيڪو کڻندڙ ملڪ به هن وقت تائين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهيا آهن، جنهن جو مثال هاڻوڪي ترڪي ڌماڪن مان به لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ڏينهن کان سال 2015ع شروع ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان ترڪي بدامني جي ور چڙهي ويو آهي. اتاترڪ ايئرپورٽ ڌماڪا ترڪي ۾ ڪو  پهريون ڀيرو  نه ٿيا آهن، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ترڪي دهشتگردي جي ور چڙهيل رهيو آهي، جنهن بعد اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ترڪي  جو حشر به عراق، شام، لبنان، افغانستان ۽ فلسطين جهڙو ٿيندو پيو وڃي، جتي به عالمي برادري هن وقت تائين امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ ترڪي فوج يمن ۾ به ڪارروائي ڪئي آهي جنهن سبب اتي به ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، جنهن تي به ويڙهاڪ گروپ  ترڪي تي ڪاوڙيل نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ترڪي جا روس سان به لاڳاپا بهتر نه رهيا  آهن،  ڇاڪاڻ ته هي نومبر 2015ع ۾ شامي سرحد ويجهو ترڪي هڪ روسي جهاز کي تباهه ڪيو هو جنهن ۾ هڪ روسي پائيلٽ مارجي ويو هو. جنهن  سبب ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا وڌي ويا هئا بعد آمريڪا ٻنهي ملڪن صلح ڪرائي ڇڏي هئي.
 ڪجهه ڏينهن اڳ ترڪ وزيراعظم بن علي يلدم به روس کان جهاز تباهه ڪرڻ  واري واقعي تي معافي گهري هئي. ترڪ وزيراعظم پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ به چيو هو ته جيڪڏهن  ضرورت پئي ته سندس ملڪ روسي جنگي جهاز جي تباهي بابت ڏنڊ ڏوهه ڀرڻ جي لاءِ به تيار آهي. 12 جنوري 2016ع ۾ استنبول جي سياحتي ماڳ سلطان احمد اسڪوائر تي آپگهاتي بم ڌماڪو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا هئا. 14 مارچ 2016ع  ۾ ترڪي جي گادي واري شهر انقرا ۾ بس اسٽاپ ويجهو ڌماڪو ٿيو هو جنهن  جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 25 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ 11 پوليس اهلڪار به  شامل هئا. 13 اپريل 2016ع ۾ ترڪي جي ڪرد اڪثريتي علائقي ۾ ڌماڪي ۽ ۽ چڪرين جي نتيجي ۾ 8 فوجي ۽ 30 باغير ٿڏي تي مارجي ويا هئا. 2 مئي 2016ع ۾  به ترڪي جي پوليس هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو ويو هو  جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا. 13 مئي 2016ع ۾ ترڪي جي شهر دريار بڪر ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 شڪي دهشتگرد مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. جنهن بعد ڪيترائي دهشتگردي جا واقعا ترڪي ۾ ٿيندا رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي سال ترڪي لاءِ تمام گهڻو  خراب ثابت ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن سال ئي سندس لاڳاپا روس ۽ ايران سان به خراب ٿيا آهن  ۽ بم ڌماڪن سبب ترڪي جي معيشيت کي به ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.گذريل ڌماڪن جا زخم اڃا ترڪي جي ڀريا ئي نه هئا ته  دهشتگردن اتاترڪ ايئرپورٽ تي حملو ڪري 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي ماري ڇڏيو، پرڏيهي توڙي ڏيهي ميڊيا تي به ترڪي دهشتگردي جون وڏيون خبرون نشر ٿي رهيون هيون . پرڏيهي اها دعويٰ ڪري رهي هئي ته ترڪي ڌماڪن ۾ داعش ملوث  آهي پر ترڪي عملدار بنا ڪنهن جاچ  کان اڳ اهڙي دعويٰ ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا.  جنهن وقت ترڪي جي اتاترڪ ايئرپورٽ تي حملو ٿيو ته ان وقت ڌماڪن ۽ فائرنگ جو به آواز ٻڌو ويو، جنهن بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاهڙيو ڇڏيو  هو.
 اتاترڪ جي انصاف واري وزير به اها دعويٰ ڪئي هئي ته هنن سمورن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. اتاترڪ  جي انصاف واري وزير چيو هو ته هنن بم ڌماڪن ۾ زخمي ٿيلن کي ٽيڪسين ذريعي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو. ترڪ عملدارن طرفان به ڌماڪن جي ڪجهه دير بعد  50 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي هئي. حملي آورن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته انهن جو تعداد 3 هو ۽ انهن  اسڪريننگ مان گذرڻ کان اڳ ئي ڌماڪي سان پاڻ کي اڏائي ڇڏيو ، جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. شروعاتي رپورٽ ۾ ترڪ عملدارن اهو ٻڌايو ويو آهي ته  داعش جي ملوث هجڻ جا کين ثبوت مليا آهن. ترڪ صدر طيب اردگان به اتاترڪ حملي بعد هنگامي اجلاس ڪوٺايو جنهن ۾ ترڪي جي وزيراعظم بن علي يلدم، فوج سربراهن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. جنهن دوران  ترڪ صدر اردگان چيو ته عالمي برادري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڀرپور طاقت استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ترڪي جي صدر طيب اردگان اتاترڪ حملي جي مذمت ڪندي چيو ته حملو ملڪ خلاف پروپيگينڊا لاءِ ڪيو ويو، ان پٺيان ٻيا ڪي سبب نه پيا لڳن، کين اميد آهي ته دنيا دهشتگردن خلاف فيصلائتو موقف اختيار ڪندي. هوڏانهن آمريڪا پاران ترڪي ڌماڪن جي مذمت  ڪئي وئي آهي. ترڪي ڌماڪن بعد آمريڪا پنهنجي شهرين کي ترڪي جو سفر  نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آمريڪا طرفان اهو بيان به جاري ڪيو ويو آهي ته هو ترڪي جي هر قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ تيارآهن. وائيٽ هائوس طرفان اهو بيان به جاري ڪيو ويو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪي سان گڏ  آهي.
 آمريڪي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن، ڊونلڊ  ٽرمپ به استنبول ڌماڪن جي مذمت ڪئي آهي هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته ڌماڪن سان دهشتگردن ۽ انتهاپسندن خلاف جنگ ۾ عزم وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ يورپ ۽ وچ اوڀر ملڪن سان سهڪار جاري رکندو، آمريڪي صدارتي اميدوارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته حملن تي سڄي دنيا خوف ۾ ورتل ۽ حيران آهي، حملي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ  هو دعاڳو آهي.  جيتوڻيڪ هن وقت تائين جيڪي به ترڪي ۾ ڌماڪا ٿيا آهن ان جي هن  وقت تائين ڪا خاص جاچ نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي  وري انهن ڌماڪن  جي ماسٽر مائينڊن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عالمي ادارا هڪ طرف سڄي دنيا ۾ امن قائم لاءِ  ڪوششون ڪري رهيا آهن پر ان باوجود نه ته افغانستان، عراق، شام  ۽ يمن ۾ امن قائم ٿيو آهي  ۽ نه هن وقت تائين شروع ڪيل  ڪارروائي مان ڪو فائدو حاصل ٿي سگهيو آهي،  رهندو پاڪستان ۽ ترڪي  سميت ٻيا ملڪ ۾ دهشتگردي جي ور چڙهي ويا آهن، جيتوڻيڪ دهشتگردي عالمي خطرو آهي پر ان باوجود سڄي دنيا دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ  مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون  حياتيون وڃائي ويهن ٿا.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون طرفان به ترڪي حملن جي مذمت ڪئي  وئي آهي پر  صرف مذمت ڪافي نه آهي پر اتي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي به ضرورت  آهي. جڏهن به  ڪنهن ملڪ ۾ دهشتگردي جو وڏو واقعو ٿيندو آهي ته  گڏيل قومن طرفان صرف مذمت ڪئي وئي ويندي  آهي پر انهن حملن کي روڪڻ يا  انهن جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويندا آهن. جيڪڏهن عالمي طاقتون صرف مذمت ڪنديون رهنديون ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ قدم نه کڻنديون ته ترڪي جهڙي دهشتگردي مستقبل ۾ انهن ملڪن جو نصيب بڻجي ويندي ۽ ان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ انهن لاءِ تمام گهڻو ڏکيو پئجي ويندو. جنهن  لاءِ ضروري آهي ته ٻئي ملڪ تي الزام هڻڻ بدران  هر ملڪ سيڪيورٽي ايتري مضبوط بڻائي جو ڪنهن به دهشتگرد کي پنهنجي ڪاروائي ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو وڃي  ته جئين بي گناهه ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن جن جو ڪو به  ڏوهه نه هوندو آهي ۽ دهشتگردن انهن کي آسان هدف سمجهي نشانو بڻائيندا آهن. اتاترڪ ايئرپورٽ ڌماڪن  جتي ترڪي کي سوڳ ۾ وجهي ڇڏيو  آهي اوترو سڄي دنيا به سوڳ ۾ ورتل آهي.

No comments:

Post a Comment