Pages

Monday 27 June 2016

صوفي راڳي فقير جمال الدين به وڇڙي ويو

صاحب خان ڀٽي
سنڌ صدين کان صوفين جي ڌرتي رهي آهي، سنڌ ۾ سچل سرمست ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙا شاعر ٿي گذريا آهن، جن ماڻهن کي ڀائيچاري، امن ۽ هم آهنگي جو درس ڏنو،  هونءَ ته سنڌ ۾ ڪيترائي لوڪ فنڪار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي مٺڙي آواز جو جادو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پکيڙيو، جن کي اڄ دنيا ياد ڪري رهي آهي، سنڌ جي ڪلاسيڪل  شاعرن کي پنهنجي آواز جي جادو سان عوام تائين پهچائيندڙ آڱرين تي ڳڻجندڙ  ڀلوڙ فنڪارن منجهان  جمال الدين فقير  به هڪ آهي، جنهن پنهنجي بهترين ڪلاسيڪل گيتن سان ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنهن جا  ڪلاسيڪل گيت ٻڌي اڄ به ماڻهن مٿان وجد طاري ٿي وڃي ٿو، جمال الدين فقير جي آواز ۾ ايترو ته جادو آهي، جيڪو کيس هڪ ڀيرو ٻڌندو آهي ته ان تي وجد طاري ٿي ويندو آهي، ناليواري ڪلاسيڪل راڳي پنهنجي فن ذريعي تمام وڏو نانءُ ڪمايو، جنهن سبب سندس شخصيت وڏي تاريخ رکي ٿي . جمال الدين فقير جڏهن ڳائيندو هو ته ماڻهو کيس تمام گهڻو غور سان ٻڌندا هئا ڇاڪاڻ ته سندس ڳائڻ جو انداز منفرد ۽ هر دل کي ڇهيندڙ هو. جمال الدين فقير جڏهن به ڳائيندو  هو ته ان ۾ ايترو ته گم ٿي ويندو هو جو کيس هن دنيا جي ڪا خبر ئي نه هوندي ۽ هو  شاعري  جي چونڊ به تمام بهتر ڪندو، جنهن سبب سندس ڳايل ڪلام ماڻهن کي تمام گهڻو پسند هوندا هئا ۽ اڄ به سندس گيت هر هنڌ گونجي رهيا آهن.
ناليوارو ڪلاسيڪل راڳي سنڌ جي انهن سريلن فنڪارن جي صف ۾ اڳيان اڳيان هو، جن پنهنجي بهترين ڪلامن ذريعي وڏو نالو ڪمايو هو، جمال الدين فقير انهن فنڪارن مان نه هو جيڪي پنهنجي گائڪي کي رڳو ڪمائي جو ذريعو سمجهندا آهن پر  جمال الدين فقير انهن  شخصيتن مان هو جن پنهنجي سڄي عمر صوفياڻي ڪلامن لاءِ ارپي ڇڏي آهي. ناليواري ڪلاسيڪل راڳي جمال الدين فقير ڪلاسيڪل ۽ صوفياڻي موسيقي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ هن ڪلاسيڪل شاعري کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ناليواري صوفي راڳي سنڌ جو اهو سريلو راڳي هو جنهن نه رڳو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ به پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، جمال الدين فقير کي نه رڳو عام ماڻهن پر ادبي لڏي پنهني هجر ۽ فراق وارين ڪيفيتن دوران سندس آواز ۾ ڳايل شاعري ٻڌي ائين محسوس ڪندا هئا ته ڄڻ کين دلي سڪون ملي رهيو هجي. جيڪڏهن  ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ادب ۽ موسيقي جو اهو هڪ  وڏو الميو رهيو آهي جو سرمد سنڌي، صادق فقير ۽ الهه ڏني خاصخيلي جهڙا ناميارا تخليقڪار هڪ هڪ ٿي هن  ڌرتي کي الوادع چئي سنڌ واسين کي اڪيلو ڇڏيندا پيا وڃن پر سندن آواز اڄ به واديءَ سنڌ ۾ گونجي رهيو آهي، سندن ڳايل ڪلام ڄڻ ته امر ٿي ويا آهن، جن کي ٻڌي سندن وڇوڙي جا سور ختم ٿي وڃن ٿا، سندن ڪلام ٻڌي ڪجهه پل ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهڙا ليجنڊ گلوڪار اڄ به اسان وچ ۾ موجود آهن ۽ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ موسيقي جي دنيا جي خدمت ڪري رهيا آهن.

 ناليواري ڪلاسيڪل گلوڪار جمال الدين فقير ريڊيو، ٽي وي تي پنهنجي فن جي شروعات 1988ع ڌاري کان شروع ڪئي، مڃتا طور کيس ڪيترن ئي ايواررڊن سان به نوازيو ويو.  1952ع ڌاري سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ٻوٻي اسٽيشن ۾ صوفي راڳي جمال الدين فقير سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ٻوٻي اسٽيشن ۾ مصري فقير جي گهر ۾ اک کولي، ناليواري صوفي راڳي فقير جمال الدين پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ ان کان وڌيڪ هو علم پرائي نه سگهيو. ناليواري صوفي راڳي فقير جمال الدين ننڍپڻ کان ئي صوفي ۽ درويشن جي رنگ ۾ رڱجي چڪو هو، سندس والد کيس ٻالڪپڻ ۾ ئي سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي زيارت لاءِ وٺي ويندو هو، ان هوندي کان ئي درگاهه سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ به صوفي راڳي بڻجي ويو، صوفي گلوڪار  جمال الدين فقير سڀ کان پهريان پاڪستان ٽيلويزن تي 1988 ڌاري پرفارم ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ريڊيو پاڪستان تي فن جو مظاهرو ڪري ڀرپور داد ماڻيائين ۽ ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين، جمال الدين فقير ڪيترن ئي صوفي تقريبن به ڳايو ۽ سندس ڪيترائي البم پڻ رليز ٿيا، جن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي.
 جمال الدين فقير اٽلي، جنيوا، سوئيٽزرلينڊ، لنڊن، بيلجيم ۽ آمريڪا سميت ترڪي ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جتي عوام کيس تمام گهڻو چاهه سان ٻڌو ڀرپور داد به ڏنو. ناليواري راڳي جمال الدين فقير کي ٻه ڀيرا شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ به مليو، جڏهن ته آمريڪا ۾ سانا ڪنوينشن ايوارڊ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو. 1952ع ۾ مصري فقير جي گهر ۾ هڪ ٻار جي پيدائش ٿي، جنهن جو نالو جمال الدين رکيو ويو. درگاهه منٺار فقير راڄڙ کپري جي مريد مصري فقير جمال الدين کي سندس ننڍپڻ کان ئي درگاهه تي وٺي ويندو هو، ننڍي هوندي کان ئي درگاهه سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ صوفي راڳي طور اڀريا، جمال الدين فقير صرف پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، ناليواري راڳي جمال الدين فقير 25 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي، کيس 9 ٻارن، چار ڌيئرن ۽ 5 پٽن جو اولاد آهي، پاڻ ريڊيو پاڪستان تان مشهوري ماڻي، کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. اڄڪلهه نئين نسل تباهه ٿي رهي آهي، جنهن سبب انهن جي صوفي ڪلامن ڏانهن ڌيان گهٽبو پيو وڃي. جنهن سبب نئون راڳ پاپ سانگس کي هٿي ملي رهي آهي.مرحوم جمال الدين فقير کان هڪ انٽرويو ۾  جڏهن سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان ملڪ کان ٻاهر پرفارم ڪيو آهي ته هن وراڻيو هو ته راڳ ۽ ان جا چاهيندڙ هڪ فنڪار کي آسمان جي اوچاهين تائين پهچائي ڇڏيندا آهن ۽ هو گورنمينٽ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان اٽلي، جنيوا، سوئيٽزرلينڊ، لنڊن، بيلجيم ۽ آمريڪا سميت ترڪي ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ، جتي ماڻهن مون کي ڏاڍو ساراهيو.
 سنڌ جي ناليواري صوفي راڳي جمال الدين فقير کي ڪجهه ڏينهن اڳ ميدي جي تڪليف سبب ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو هو. جتي سندس ڪامياب آپريشن ڪيو ويو هو، جنهن بعد سندس طبيعت ۾ بهتري اچي وئي هئي پر گذريل ڏينهن 26 جون 2016 ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سندس طبعيت اوچتو هڪ ڀيرو ٻيهر طراب ٿي پئي ۽ هن دم ڏئي هن فاني دنيا کي هميشه الوادع چئي هليو ويو پر ڳايل سند صوفي ڪلام اڄ به سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾  گونجي رهيا آهن،  ناليواري صوفي راڳي جمال الدين فقير جي ڳايل صوفي ڪلامن جو جادو اڃان به هزارين ماڻهن تي ڇانيل آهي.

No comments:

Post a Comment