Pages

Saturday 25 June 2016

برطانيا جي ريفرينڊم دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو

صاحب خان ڀٽي
تاريخي ريفرينڊم ۾ برطانوي عوام يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو  آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب ٻڌايا پيا وڃن، جن مان معشيت ۽ اميگريشن اهم سبب ٻڌايا پيا وڃن. ماضي ۾ هي اها ئي برٽش گورنمينٽ هئي جنهن دنيا تي حڪمراني ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ ڪيترن ئي ملڪن تي حڪومت به ڪئي ۽ پنهنجا حڪم به هلايا، هي اها ئي برٽش گورنمينٽ آهي جنهن سنڌ تي به حڪمراني ڪئي هئي ۽ هن وقت به انهن جون اکيون سنڌ جي ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ کتيون پيون آهن، بهرحال هاڻ هو وقت ٻڌائيندو ته برطانيا کي يورپي يونين ايترو آساني سان الڳ ٿيڻ ڏئي ٿي يا وري ان تي حد کان وڌيڪ شرط رکي پنهنجي ڄار ڦاسائي رکندي. جڏهن برطانيا ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ان وقت هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو ته برطانيا جي عوام ڪنهن به صورت ۾ يورپي يونين کان الڳ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ سان برطانيا تي به تمام گهڻا اثر پوندا ۽ اتان جو عوام ڪنهن به صورت ۾ يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ  جي حق ۾ فيصلو نه ڏيندو . يورپي يونين بابت چيو ويندو آهي ته يورپي يونين ۾ ايترا ملڪ  شامل آهن جتي جڏهن هڪ ملڪ ۾ سج اڀرندو آهي ته ٻئي ملڪ ۾ ان وقت ئي لهندو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته يورپي يونين کان ڪي ته ڪوتاهيون ٿيون آهن جو اڄ برطانيا جي عوام يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن تاريخي ريفرينڊم بعد اهو چيو پيو وڃي ته برطانيا جي الڳ ٿيڻ سان يورپي يونين کي ته معاشي ڌڪ رسندو پر برطانيا به مالي طور خساري ۾ پئجي ويندو ۽ اتان جي معشيت به تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويندي. ريفرينڊم ڪرائڻ بابت برطانيا جو موقف آهي ته سندن ملڪ جا فيصلا برسلز ۾ ٿيندا آهن، برسلز يورپي يونين جو هيڊ ڪوارٽر آهي جتي يورپي يونين ۾ شامل ملڪن جا فيصلا ٿيندا  آهن. برطانيا جي عوام جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ملڪ جا فيصلا پاڻ ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن سبب هنن ريفرينڊم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته انهن کي اهو به خوف هو ته يورپي يونين ۾ رهڻ سان سندن معيشيت ڪمزور ٿي رهي هئي ۽ وٽن ايترا اختيار  به نه هئا جو هو  پنهنجي ملڪ جا فيصلا پاڻ ڪري سگهن ها. يورپي يونين جو بنياد 1951ع ۾ ڪوئلي ۽ اسٽيل جي يورپي ڪميونٽي طور پيو هو . جنهن ۾ شروعاتي طور ڪجهه ملڪن شموليت ڪئي هئي. 1957ع ۾ روم معاهدي تحت  گڏيل مارڪيٽ جو بنياد وڌو هو. برطانيا به 1973ع ۾ يورپي يونين ۾ شموليت اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. ڪيتري عرصي گڏ رهڻ بعد برطانيا کي هاڻ الڳ ٿيڻ جو خيال آيو آهي ۽ اتان جي عوام ريفرينڊم ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌايو آهي. برطانيا جي اليڪشن اليڪٽرول جي نتيجن بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي نظر آئي ۽ ڊالر جي ڀيٽ ۾ پائونڊ جي اگهه ۾ 11 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ڪنهن  سوچيو به نه هو ته يڪدم برطانيا جي اهڙي ريفرينڊم کان پوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي ٿيندي.  پائونڊ جي اگهه ۾ 11 سيڪڙو  گهٽتائي بعد پائونڊ  31 سالن جي سڀ کان گهٽ سطح تي اچي ويو آهي،  برطانيا جي يورپي يونين مان عليحدگي واري فيصلي کان پوءِ پاڪستان ۾ به ان جا تمام گهڻا اثر پيا جنهن جو اندازو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ٻاڙائي جي شڪار ٿيڻ مان لڳائي سگهجي ٿو.
يورپي يونين کان عليحدگي جو فيصلو اچڻ بعد برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمر ون به استعيفي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 25 سيڪڙو برطانوي عوام يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جي حق ووٽ ڏنو آهي جڏهن ته 48 سيڪڙو عوام يورپي يونين  ۾ رهڻ جي حمايت ۾ فيصلو ڏنو آهي. برطانوي ميڊيا به اها دعويٰ ڪئي آهي ته ريفرينڊم ۾ ووٽن جي شرح 71 ڏهائي 8 سيڪڙو  رهي، جنهن ۾ ٽن ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو آهي. جيڪا برطانيا م 1992ع واري اليڪشن کانپوءِ ووٽ جي سڀ کان گهڻي شرح آهي . برطانيا ۾ ريفرينڊم کانپوءِ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، هاڻ اٽلي سميت ٻيا ملڪ به يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ بابت سوچي رهيا آهن. برطانيا جي اهڙي عليحدگي واري فيصلي کان پوءِ  ان جا اثر دنيا تي پئجي رهيا آهن.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ريفرينڊم صرف برطانوي عوام جو ردعمل آهي، هن فيصلي کان پوءِ برطانيا فوري طور يورپي يونين کان جدا نه ٿي ويندي، برطانيا کي اڃا به يورپي يونين جي شرطن کي منهن ڏيڻو آهي. هاڻ اهو يورپي يونين تي دارو مدار آهي ته اهي برطانيا تي ڪهڙا  شرط لڳائن ٿا. مڊلينڊر، اتر، اوڀر انگلينڊ ۽ ويلز  ۾  ريفرينڊم دوران ماڻهن يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته لنڊن، اسڪاٽ لينڊ ۽ اتر آئرلينڊ ۾ عوام يورپي يونين ۾ گڏ رهڻ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو. اسڪاٽ لينڊ ۽ اتر آئرلينڊ ۾ ماڻهن ان ڪري يورپي يونين کان  عليحدگي جي مخالفت ڪئي جو انهن ٽنهي جي معشيت تمام گهڻو مضبوط آهي ۽ اهي نٿا چاهين ته يورپي يونين کان برطانيا ڌار ٿئي، ڇاڪاڻ ته کين اهو خدشو هو ته جيڪڏهن برطانيا ۾ يورپي يونين کان علحيدگي بابت ريفرينڊم ۾ ڇڏڻ جي حمايت ۾ ووٽ وڌو ويو ته ان ٽنهي جي معيشيت تباهه ٿي وڃي ها، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن جا خدشا به درست طرف ٿيندي وڃي رهيا آهن. جڏهن  تاريخي ريفرينڊم ۾ عوام پنهنجو فيصلو ڏنو ته ڊيوڊ ڪيمر ون به استعيفيٰ جو اعلان ڪيو  ۽ انڊيپيڊنٽ پارٽي جي سربراهه نائيجل فيريج ريفرينڊم کي برطانيا جي آزادي جو ڏينهن قرار ڏنو  ۽ چيو ته هو ان ڏينهن کي آزادي جي ڏينهن طور ملهائيندا. ٻي طرف وري برطانيا ۾ يورپي يونين ۾ رهڻ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن جو چوڻ آهي ته يورپي يونين  کي ڇڏڻ سان برطانيا جي معيشيت تباهه ٿي ويندي، جنهن سبب اهو فيصلو برطانيا کي معاشي طور ڪمزور ڪري ڇڏيندو، پر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته يورپي يونين جي عليحدگي واري فيصلي سان يورپي يونين ۽ برطانيا ٻنهي کي نقصان پهچندو.
اسڪاٽ لينڊ جي وزير اول نڪولا سٽرجن به پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ريفرينڊم سان اها ڳالهه واضع ٿي وئي آهي ته اسڪاٽلينڊ جو عوام پنهنجو مستقبل يورپي يونين سان گڏ ئي ڏسي  ٿو. ڊيوڊ ڪيمر ون به عليحدگي واري فيصلي کي قبول ڪندي استعيفيٰ ڏني آهي ۽  چيو آهي ته هو ملڪ کي سنڀالڻ لاءِ ڪم ڪندو رهندو پر سندس خيال ۾ يورپي يونين سان گڏ ڳالهين جو عمل به سري سان شروع ٿيڻ گهرجي.  هن چيو ته هو آڪٽبور پنهنجي عهدي تان دستبردار ٿي ويندو. ڊيوڊ ڪيمر ون پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو برطانوي عوام جي راءِ جو احترام ڪري ٿو ۽ هو سمجهي ٿو ته هاڻ برطانيا کي  نئين وزيراعظم جي ضرورت آهي، جنهن سبب هو  عهدو ڇڏي رهيو آهي. ڊيوڊ  ڪيمر ون چيو ته آڪٽوبر ۾ نئين قيادت  ئي يورپي يونين سان ڳالهيون ڪندي. برطانوي عوام جي يورپي يونين کان جند آجي ڪرڻ واري فيصلي  دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.  جرمن چانسلر اينجلا مرڪل ريفرينڊم  جي نتيجن کي يورپ جي فيصلي واري گهڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته يورپي عوام جون اميدون برطانيا کان مختلف آهن،  برطانوي ريفرينڊم جا نتيجا اچڻ بعد  دنيا جي مختلف اڳواڻن طرفان به  بيان  اچي رهيا  آهن.  آمريڪا جي ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته برطانوي عوام نڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏئي پنهنجو ملڪ واپس حاصل ڪري ورتو آهي ته ٻي طرف وري اسڪاٽش نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه نڪولا سٽرجن چيو آهي ته اسڪاٽ لينڊ کي ان جي مرضيءَ خلاف يورپي يونين ڇڏڻ تي مجبور نه ٿو ڪري سگھجي،  آمريڪي صدر بارڪ اوباما به برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان فون تي رابطو ڪري اهو يقين ڏيارو آهي ته آمريڪا برطانيا سان لاڳاپا ۽ نيٽو رڪنيت پاليسي موجب جاري رکندو. آمريڪي صدر بارڪ اوباما ڊيوڊ ڪيمرون کي اها به خاطري ڪرائي آهي ته آمريڪا ڪنهن به صورت ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڪو فرق نه آڻيندو.  جڏهن  برطانيا جي يورپ يونين کان عليحدگي جي حق ۾ ريفرينڊم جا نتيجا اچڻ بعد آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن  ۾ به ٻاڙائي نظر آئي آهي، برطانوي ريفرينڊم آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. جنهن سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ سرمائيدارن جا 2 کرب ڊالر ٻڏي ويا آهن. برطانوي ريفرينڊم کان پوءِ تيل جي اگهن ۾ به گهٽتائي آئي آهي. ايتري قدر جو برطانيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي نظر آئي آهي. ڪنهن  اهو سوچيو به نه هو ته برطانيا جي عليحدگي واري فيصلي کان پوءِ پاڪستاني اسٽاڪ ايڪسيچينج تي اثر پوندو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا جيڪو پاڻ ئي برطانيا جي ريفرينڊم کان پوءِ  متاثر ٿيو آهي اهو ڪئين برطانيا کي جي فيصلي جو احترام ٿو ڪري. جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي چئي چڪو آهي ته هو برطانيا سان ساڳا لاڳاپا قائم رکندو پر ان ۾ به هاڻ ان تي به ڪو به يقين نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته يورپي يونين  آساني سان برطانيا کي پنهنجي ڄار مان نڪرڻ نه ڏيندي ڇو جو ان سان يورپي يونين کي معاشي نقصان رسندو.
برطانيا جي اهڙي ريفرينڊم کان پوءِ دنيا اندر هڪ ڀيرو ٻيهر رفرينڊم ڪرائڻ جا مطالبا سامهون اچي رهيا آهن چين توڙي ڀارت سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن، جنهن بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪيتريون درخواستون به داخل آهن پر انهن تي هن وقت تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، هاڻ جڏهن برطانيا ۾ ريفرينڊم ٿيو آهي ته يورپي يونين ۾ شامل ٻيا ملڪ به  ريفرينڊم ڪرائڻ بابت سوچي رهيا آهن، جنهن بعد هاڻ شايد ٻين ملڪن ۾ ريفرينڊم ڪرايو وڃي، جيڪو مستقبل ۾ ٿيندي نظر به اچي رهيو آهي پر جهڙي ريت پر امن ريفرينڊم برطانيا ۾ ڏسڻ آيو اهڙي شايد ٻيو ڪنهن ملڪ ۾ نه ٿيو هجي.

No comments:

Post a Comment