Pages

Tuesday 21 June 2016

عيد کانپوءِ حڪومت لاءِ ايندڙ ڌرڻن جو طوفان

صاحب خان ڀٽي
پاناماليڪس واري معاملي تي هن وقت دنيا ۾ ٺاپر اچي چڪي آهي پر پاڪستان ۾ اڄ به حڪومت مخالف جماعتون ان هوڏ تي قائم آهن ته پاناما ليڪس معاملي جي صاف شفاف جاچ  ڪئي و ڃي، ان حوالي سان مختلف جماعتون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ٽف ٽائيم به ڏئي رهيون آهن پر ان باوجود اهو معاملو هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. حڪومت به اپوزيشن جماعتن جا پاناماليڪس معاملي جي جاچ بابت سمورا شرط منظور ڪري ورتا آهن پر  وزيراعظم استعيفيٰ کي هن وقت تائين قبول نه ڪيو ويو آهي، حڪومت جو  موقف آهي ته وزيراعظم جي ڪا به آف شور ڪمپني نه آهي ۽ نه ڪي سندس ٻاهرن ملڪن ۾ اثاثا آهن،  باقي رهي  وزيراعظم نوازشريف جي  اولاد جي آف شور ڪمپنين جي ته ان بابت   پڇاڻو به انهن کان ڪيو ويندو. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل  الرحمان به وزيراعظم نوازشريف کي هن معاملي مان جان آجي ڪرائڻ  لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هن ڀيري پيپلزپارٽي ٿورو رخ تبديل ڪيو آهي، ماضي ۾ جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڌرڻو هڻندو هو ته پيپلزپارٽي نوازشريف جي حمايت  ۾ بيهندي هئي پر هن وقت پيپلزپارٽي اپوزيشن جماعتن سان گڏجي وئي آهي ۽ پيپلزپارٽي طرفان اهي بيان به اچي رهيا آهن ته هو ان معاملي تي ڪنهن به صورت ۾ نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي پاناماليڪس معاملي جي صاف شفاف جاچ چاهي ٿي. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري به ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي خون سان انصاف لاءِ عيد کان پوءِ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به  اهو بيان ڏنو  آهي ته هنن حڪومت کي عيد تائين مهلت ڏني آهي ۽ اهي عيد کان پوءِ ڌرڻا هڻندا، جنهن مان لڳي پيو ته عيد کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌڻن واري سياست شروع ٿي ويندي،
هن ڀيري فرق صرف ايترو هوندي ته  انهن  جماعتن سان گڏ پيپلزپارٽي به آهن، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ  قمر زمان ڪائره  هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو  هو ته  پيپلزپارٽي پاناماليڪس معاملي تي تحريڪ انصاف سان گڏ آهي،  پاناما ليڪس معاملي  جي جاچ تي پيپلزپارٽي نه ڪنهن کان اڳتي آهي ۽ نه ڪنهن پارٽي کان پوئتي آهي، قمر زمان ڪائره  اهو به چيو هو ته پيپلزپارٽي جيڪڏهن تحريڪ انصاف جو ساٿ  نه ڏنو ته پوءِ عوام ڏانهن تاثر ويندو ته پيپلزپارٽي حڪومت ڌر سان گڏ آهي، جنهن سبب پاناما ليڪس معاملي تي حڪومت سان گڏجي وئي آهي. قمر زمان ڪائره جي اهڙي بيان بعد  هڪ ڳالهه ته واضع ٿي چڪي آهي ته هن ڀيري نواز ليگ سرڪار مڪمل طور اڪيلي ٿيندي پئي  وڃي جنهن بعد هن حڪومت جو وڌيڪ هلڻ نه ممڪن پيو لڳي،  سرحدي ڇڪتاڻ به وڌي وئي آهي،  ڪڏهن  ڀارت سيالڪوٽ کان فائرنگ ڪري ٿو ته ڪڏهن وري افغانستان طورختم بارڊر تي حملا ڪري  فوجي اهلڪارن کي شهيد ڪري رهيو آهي. جنهن سبب پاڪستان  لاءِ  اندروني ۽ ٻاهران خطرا وڌي ويا آهن. ان سموري صورتحال جو ذميوار به نواز ليگ حڪومت کي قرار ڏنو پيو وڃي، پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري جي دبنگ ڌرڻي مان به لڳي پيو ته مستقبل  ۾ جمهوري حڪومت کي ڪو نقصان پهچڻ وارو آهي، ڇاڪاڻ ته هو به  ايم ڪيو ايم وانگي بار بار فوج کي دعوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ظاهر طور ته هن اهڙو ڪو مطالبو نه ڪيو آهي پر سندس کنيل قدمن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، قادري هن جمهوريت کان خوش نه آهي يا وري کيس جمهوريت پسند ئي نه آهي.  جنهن  سبب هو ڪڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت کان استعيفيٰ گهرڻ لاءِ ڌرڻا هڻندو آهي ته ڪڏهن وري نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ ڌرڻو هڻي رهيو آهي، اهڙن قدمن سان نه ته ڪو حڪومت کي فرق  پيو آهي ۽ نه وري کيس ڪو اهڙو وڏو پهتو آهي، رهندو عوام کي ڏچي ۾ وڌيو ويو آهي، ڪيترن ئي تجزيه نگارن جو اهو خيال آهي ته اهڙن ڌرڻن سان ملڪ جي معيشيت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، جنهن سبب پاڪستان جي معيشيت ڪمزور به ٿي آهي،
 تحريڪ انصاف ۽  عوامي تحريڪ جي عيد کان پوءِ وارن ڌرڻن جي اعلان بعد پيپلزپارٽي به نوازشريف کان پري ٿي وئي آهي ۽ اهڙي قدم سان هاڻ عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري به  پيپلزپارٽي خلاف ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻنهي اڳواڻن جو هاڻ ٽارگيٽ صرف  ۽ صرف نوازشريف آهي. پاناماليڪس معاملي تي اپوزيشن جماعتن 6 مطالبا ڪيا آهن، جنهن بابت حڪومت به ڳالهيون ڪرڻ تيار ٿي وئي آهي، باقي هڪ ٻه مطالبن تي شايد حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اختلاف موجود رهندا، ڇاڪاڻ ته حڪومت ڪڏهن به وزيراعظم نوازشريف جي استعيفيٰ جو مطالبو نه مڃيندي. هڪ مطالبو مخالف جماعتن جو اهو به آهي ته ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن، جنهن کي به حڪومت  ڪنهن به صورت ۾ نه مڃيندي. ڪجهه تجزيه نگارن جو اهو خيال آهي ته پاناماليڪس معاملي تي عوامي رد عمل هن وقت سامهون نه اچي سگهيو آهي، صرف سياسي تنظيمون  ان معاملي تي شور ڪري رهيو آهي، ڪجهه تجزيه نگار اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي واري تحريڪ جو مثال به ڏئي رهيا آهن، جنهن بابت انهن جو چوڻ آهي ته جڏهن ته افتخار محمد چوڌري جي بحالي جي تحريڪ شروع ٿي هئي ته ان وقت عوام روڊن تي نڪتو هو پر هن ڀيري پاناما ليڪس معاملي تي مخالف ڌر جماعتن جا ڪارڪنن ئي روڊن تي نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت کي عيد کان پوءِ هڪ وڏي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن سان حڪومت نه پر عام ماڻهو ته به تمام وڏو  اثر پوندو، جيڪڏهن وزيراعظم نوازشريف عيد کان پوءِ ان بحران مان نڪرڻ جي لاءِ نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته ان سان هڪ دفعو ٻيهر جمهوريت تي سوال اٿندا ۽ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ سان ملڪ جي معيشيت کي به نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جي هن جمهوري دور ۾ بلدياتي چونڊون به ٿيون آهن، ان تي ڪافي سارو خرچ ٿي چڪو آهي،
 جيڪڏهن نوازشريف مخالف جماعتن جو مطالبو مڃي ورتو ته چونڊن جو بار شايد ئي ملڪ برداشت ڪري سگهي. جماعت اسلامي سربراهه سراج الحق به حڪومت خلاف بيان ڏيندي نظر اچي رهيو آهي،  پيپلزپارٽي به اڳ ئي نوازشريف  جو ساٿ ڇڏي چڪي آهي، جنهن بعد نوازشريف ميدان ۾ هاڻ اڪيلو رهجي چيڪو آهي، جيڪڏهن استعيفيٰ وزيراعظم نوازشريف ڏئي ٿو ته به ٻيهر چونڊون ٿينديون جيڪڏهن  اپوزيشن جو مطالبو مڃي ٿو ته پوءِ به کيس ٻيهر چونڊون ڪرائڻيون پونديون. جڏهن پيپلزپارٽي طرفان عوامي تحريڪ سان پاناما ليڪس معاملي تي گڏ هجڻ جو بيان آيو ته ان وقت نوازليگ اڳواڻ سعد رفيق اهو بيان ڏنو ته  پيپلزپارٽي ڪڏهن به اهڙو قدم نه کڻندي، ڇاڪاڻ ته اعليٰ قيادت سان سندن  جا رابطا آهن، ڊاڪٽر طاهر القادري جو به آف شور ڪمپنين بابت بيان آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته آف شور ڪمپنينون  حرام آهن، جڏهن ڊاڪٽر طاهر القادري اهڙو بيان ڏنو هو ته ان وقت اهو خيال آيو ته  عمران خان جي به آف شور ڪمپني آهي اها حرام آهي حلال ان جو جواب شايد ڊاڪٽر  طاهر القادري ڏئي سگهي ٿو. باقي رهي ڳالهه پاناما ليڪس معاملي جي جاچ جي ته هاڻ حڪومت  کي  فيصلو  ڪرڻو آهي ته اهي مخالف ڌر جماعتن جي مطالبن مان ڪهڙا ڪهڙا مطالبا مڃين ٿا، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هاڻ حڪومت عيد کان اڳ اپوزيشن جماعتن کي پاناما ليڪس معاملي تي راضي ڪري ٿي يا نه ، جيڪڏهن راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته ته عيد کان پوءِ ڪو به بحران نه ٿي سگهندو، جيڪڏهن ناڪام ٿي وئي ته کيس ڌرڻن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ اهي ڌرڻا وڏي اهميت جوڳا آهن ۽ حڪومت لاءِ هڪ وڏو چيلينج به  آهن، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري پيپلزپارٽي نوازشريف جو ساٿ نه ڏئي رهي آهي.

No comments:

Post a Comment