Pages

Friday 24 June 2016

سنڌ جي ڀلوڙ راڳي الهه ڏنو خاصخيلي جو وڇوڙو

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي ڌرتي ۾ ڪيترائي اهڙا فنڪار، گلوڪار ۽ شاعر  پيدا ٿيا، جن جي خدمتن کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي، ناليواي فنڪار صادق فقير جي وڇوڙي جا زخم اڃا ڀريا ئي نه هئا ته مٿان وري سنڌ جي ٻئي ناليواري فنڪار الهه ڏني خاصخيلي جي  روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي خبر اڀاڳي خبر آئي. صادق فقير سعودي عرب ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيو هو جنهن جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ صدمي ۾ وٺجي وئي هئي هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي فضا قائم ٿي وئي آهي. هونءِ ته سنڌ ۾ ڪيترائي فنڪار آهن جن پنهنجي ڪلامن ۾ سنڌ جي خوبصورتي کي بيان ڪيو آهي ۽ انهن ۾ الهه ڏنو خاصخيلي به هڪ آهي جنهن سنڌ جي هر هڪ ڪوني کي پنهنجي ڪلامن ۾ ڳايو آهي، سندس گيت ٻڌي ڪراچي کان ڪشمور تائين جي  هر هڪ نظاري کي تصور ڪري سگهجي ٿو. الهه ڏني جي ڳايل گيتن ۾ سنڌ جي هر هڪ فرد جو درد سمايل آهي،


 هن  شاعري جي اهڙي ته چونڊ ڪئي شايد ئي سنڌ ۾ ڪو اهڙو ٻيو فنڪار هجي جنهن الهه ڏني خاصخيلي جهڙي شاعري جي چونڊ ڪئي هجي. الهه ڏني خاصخيلي هڪ ٿڏي مزاج جو ماڻهو هو، سندس ويجهي دوستن جو چوڻ آهي ته الهه ڏنو خاصخيلي جو هر هڪ شخص سان دوستاڻو رويو هو. جيڪو به شخص ساڻس ملندو هو ته ٻي ڀيري ان شخص کي ٻيهر ساڻس ملڻ جو شوق پيدا ٿيندو هو. مان ته ڪڏهن به الهه ڏني خاصخيلي سان ته ملي سگهيس پر سندس باري ۾ دوستن وٽان تمام گهڻو ٻڌو آهي، مون هن جا ڪيترائي گيت به ٻڌا آهن، سندس آواز ٻڌي دل چوندي آهي ته سندس ڳايل گيت هر هر ٻڌجن، ڇاڪاڻ ته الهه ڏني  خاصخيلي جي آواز ۾ هڪ جادو آهي، جيڪو هر هڪ شخص ڏي پاڻ ڏانهن مايل ڪري وٺي ٿو. الهه ڏنو خاصخيلي جو وڇوڙو  ڪڏهن به نه ڀرجي سگهبو پر سندس ڳايل ڪلام هميشه ياد رکيا ويندا. ڇاڪاڻ ته سندس فني خدمتون ڪڏهن به ويساڻ جهڙيون نه آهن. ڪجهه دوستن اهو به ٻڌايو ته الهه ڏنو خاصخيلي ڪيترن ئي تقريبن به ڳايو، جتي کيس تمام گهڻي داد به ڏني وئي. الهه ڏني جي اوڇتي وڇوڙي تي فنڪارن، اداڪارن توڙي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي ۽ هر هڪ شخص جي اک ۾ لڙڪ آهن، جيڪي کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.
جنت الفردوس آهين ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون جهڙا راڳ ارپيندڙ سنڌ جو ڀلوڙ راڳي الهه ڏنو خاصخيلي ٽنڊو الهيار ويجهو روڊ حادثي ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. آڌي رات جو جڏهن ڀلوڙ راڳي الهه ڏنو خاصخيلي جي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ جي خبر نشر ٿي ته مون سميت سمورا سندس مداح اداس ٿي ويا،  جئين جئين وقت گذرندو ويو تئين تئين سندس  روڊ حادثي جي خبر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي، پر اچانڪ ميڊيا تي اهي خبرون هليون ته سنڌ جو ناليوارو راڳي زخمن جون سٽيون نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو جيڪا خبر ٻڌڻ سان هر اک آلي ٿي  وئي،  ناليواري  راڳي جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ  ڪيترائي مداح به پهتا، جيڪي ب پنهنجي اکڙين جي پاڻي کي روڪي نه سگهيا، شايد انهن اهو سوچيو به نه هو ته سنڌ جي ڀلوڙ راڳي ائين جدا ٿي ويندو. کين اها خبر نه هئي ته جنهن سنڌ جي ٻنهي ڪنڌين کي  جنت  چيو هو ائين ڏور هليو ويندو.
 ناليوارو راڳي الهه ڏنو خاصخيلي ميرپور بٺوري ۾ مشهور فنڪار علي محمد خاصيلي جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن کي ننڊ پڻ کان ئي ڳائڻ سان تمام گهڻو چاهه هو. هن جڏهن  ڳائڻ شروع ڪيو ته کيس تمام گهڻي موت ملي، الهه ڏني خاصخيلي  ڪيترائي گيت ڳايا جيڪي تمام گهڻو پسند ڪيا ويا، خاص ڪري سندس مشهور گيت جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون  آهي، جنهن کي هر هڪ ٻڌي جهومڻ تي مجبو ٿي ويندو آهي. الهه ڏني خاصخيلي ڪيرن ئي تقريبن ۾ ڳايو هو، سندس ڳايل گيت اڄ به گونجي رهيا آهن. ڀلوڙ راڳي الهه ڏني خاصخيل سنڌ جي ناليوارن شاعرن شاهه لطيف، شيخ اياز سميت ڪيترن کي ڳائي وڏو نالو ڪمايو.
الهه ڏني خاصخيلي هن ٻين به ڪيرن ئي شاعرن جي شاعري ڳائي، سندس بهترين چونڊيل شاعري سبب سندس ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيا. سندس هر گيت مختلف ۽ نرالو آهي. الهه ڏنو خاصخيلي جي مٺڙي آواز کي ٻڌڻ لاءِ هر دل انتظار ۾ رهندي هئي. سندس گيت سنڌ تنهنجي آ، سنڌ منهنجي آ، به تمام گهڻو مشهور ٿيو. جنهن کي سنڌ واسين تمام گهڻو پسند ڪيو.  مرحوم الهه ڏني خاصخيلي جي ڳايل گيتن ۾ رات جا تارا چون ٿا، تون نه ايندي، جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون، ماڻهو دل وارا، لڪي ڪر نه اشارا، سنڌ امڙ جي جهول ۾، هتي هر ڪو ويٺو تماشو، تنهنجي يار جدائي ۾ ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور گيت شامل آهن. ناليواري راڳي پي ٽي وي تي به ڪيترائي ڪلام ڳايا ۽ سرڪاري چينل تي ڪيرن ئي پروگرامن ۾ به ڳايو، الهه ڏني خاصخيلي جا ڪيترائي البم مارڪيٽ به آيا، جن کي عوام تمام گهڻو پسند ڪيو. سنڌ جو ڀلوڙ راڳي الهه ڏنو خاصخيلي هن فاني دنيا کي الدعيٰ چئي ويو، جيڪو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سهندو پر سندس گان هميشه ياد رکيا ويندا.
حادثي کانپوءِ الهڏني خاصخيلي جو مڙهه ۽ زخمين کي ٽنڊو الهيار اسپتال پهچايو ويو، جتان ضروي ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مشهور راڳي الهڏنو ڏنو خاصخيلي پنهنجي ساٿين سميت  ميرپور خاص کان ميرپور بٺوري وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هن ٿڏي تي دم ڏنو.   الهڏني خاصخيلي جو مڙهه ٽنڊو الهيار کان ميرپوربٺورو پهچائڻ بعد سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن سميت، شاعرن ۽ فنڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڀلوڙ راڳي الهڏنو خاصخيلي 25 جنوري 1966ع ۾ ميرپوربٺوري شهر ۾ جنم ورتو ۽ 10 ورهين جي ڄمار ۾ هن پنهنجي والد غلام  حسين  جي صحبت ۾ فني سفر جي شروعات ڪئي الهڏني خاصخيلي شيخ اياز، آڪاش انصاري، امداد حسيني ۽ ٻين جي لکيل شاعري  ڳائي، جڏهن ته سندس ڳايل گيتن ۾”جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“اهڙن مشهور ڪلامن عوام جي دلين ۾ گهر ڪيو

sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment