Pages

Saturday 23 July 2016

يورپ دهشتگردن جي نشاني تي....

صاحب خان ڀٽي
عالمي طاقتن دنيا ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ پنهنجي فوج موڪلي دهشتگردن کي مات ڏيڻ جو عزم ڪيو هو پر افسوس جو امن ته انهن ملڪن اندر قائم نه ٿي سگهيو آهي پر ويتر حالتون خراب ٿي ويون آهن، انهن  ملڪن ۾ شام، يمن، عراق، افغانستان ۽ ٻيا ملڪ به شامل آهن. انهن ملڪن  ۾ اتحادي فوج جون ڪارروايون جاري آهن ۽اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اتي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي پر انساني حقن جون تنظيمون مختلف فورمن تي اهو احتجاج به ڪنديون رهيون آهن ته اتحادي فوج جي بمباري ۾ عام شهري اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن ، جنهن سبب زميني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ آبادي وارن علائقن ۾ بمباري کان پاسو ڪيو وڃي ته جئين  بي گناهه ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن پر ان تي به آمريڪا ۽ سندس اتحادي فوجين طرفان ڪو به عمل نه پيو ڪيو وڃي. گڏيل قومن طرفان به شام، عراق ۽ ٻين ملڪن ۾ اتحادي فوج ۾ معصوم شهرين جي مارجڻ جي رپورٽ جاري ڪئي آهي. جيتوڻيڪ عالمي امن جا ٺيڪيدار شام، يمن، عراق ۽ افغانستان ۾ ته امن ناهن ڪرائي سگهيا پر هاڻ سندن ملڪن ۾ به خطري جي گهنٽي وڄي رهي آهي، آمريڪا ۾ فائرنگ جا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن پر اتي هن وقت تائين اتي ڪا به حڪمت عملي ناهي جوڙي وئي، هاڻ ته يورپ  جي به مختلف ملڪن ۾ دهشتگرد حملا ٿي رهيا آهن جن تي  آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي. يورپ دنيا ي ستن کنڊن مان هڪ آهي،جيڪو پکيڙ جي حساب سان آسٽريليا کي ڇڏي ننڍي مان ننڍو کنڊ آهي، يورپ کنڊ جي پکيڙ هڪ ڪروڙ چاليهه لک آهي ۽ آبادي جي حساب سان ٽئين نمبر تي آهي. هن کنڊ جي آبادي 71  ڪروڙ آهي، جيڪا سڄي دنيا جي 11 سيڪڙو آهي. يورپ ۾ شامل ملڪن ۾ آئرلينڊ، آئيس لينڊ، آرمينيا، اسپين، آسٽريا، اسٽونيا، البانيا، انڊورا، اٽلي، بيلجيئم،  بلغاريا، بوسنيا و هرزيگو وينا، بيلارس، پرتگال، پولينڊ، جارجيا، جرمني چيڪيا، روس، رومانيا، سان مارينيو، سربيا، سلو واڪيا،  سلو وينيا، سوئيزرلينڊ، سويڊن، قبرص، فرانس، جزائر فارو، قازقستان، ڪروشيا، جبرالٽر، لٿو وينيا، ليڪسمبرگ، لٽويا، ليختينستائن، مالٽا، مالڊووا، مقدونيه، مناڪو، مونٽينيگرو، ناروي، نيدر لينڊز، ڊينمارڪ، هنگري، يوڪرين، برطانيا ۽ يونان شامل آهن، جڏهن ته برطانيا ۾ويجهڙ ۾ ريفريڊم ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ عوام برطانيا کي يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو به ڪيو هو، جنهن بعد اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون عوام جي فيصلي کي مان ڏيندي  استعيفيٰ ڏني هئي. اڳوڻي برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جي استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ ٿريسامي کي برطانيا جي ٻي عورت وزيراعظم چونڊيو ويو. يورپ جي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏا وڏا دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن 20016ع ۾ جولاءِ 23 ۽ 24 جي رات جي وچ ۾ جرمني جي شهر ميونخ ۾ ٽن هٿياربندن هڪ شاپنگ سينٽر تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جنهن بعد ميونخ شهر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ فوج به طلب ڪئي وئي، جڏهن ته جرمني پوليس جو چوڻ هو ته  شاپنگ سينٽر کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو جيڪو مبينا حملي آور جو هو، جنهن پاڻ کي گولي هڻي ماريو. ميونخ فائرنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا، جنهن بعد ميونخ شهر يجي سڪيورٽي به انتهائي سخت ڪئي وئي. پاڪستاني سفير جوهر سليم به پنهنجي بيان چيو ته مينوخ فائرنگ ۾ ڪو به پاڪستاني شهري زخمي ناهي ٿيو. ڪجهه عرصو اڳ بيلجيم جي گادي واري شهر برسلز ۾ به ايئرپورٽ تي 17 ڌماڪا ٿيا هئا، جنهن ۾ 37 ڄڻا مارجي ويا هئا. بيلجيم جي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو هو ته ايئرپورٽ ڌماڪن ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا، برسلز ايئرپورٽ تي آپگهاتي حملن وقت ميٽرو اسٽيشن ۽ ڀرپاسي به 4 ڌماڪا ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿيا هئا. بيلجيم ميڊيا  ۾ اهي خبر به نشر ٿيون هيون ته ايئرپورٽ ڌماڪن کان چار ڏينهن اڳ پيرس حملن ۾ ملوث صالح عبدالسلام کي گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن بعد برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون ۽ ٻين اڳواڻن طرفان بيان ڏنو ويو هو ته مستقبل جي نسلن جي تحفظ لاءِ دهشتگردي جي لعنت جي خلا ف اجتماعي جنگ ڪئي  وڃي. 14 فيبروري  2015ع ۾ ڊينمارڪ جي گادي واري شهر ۾ فائرنگ هڪ ڄڻو مارجي ويو هو ۽ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا. 14 جولاءِ  2016ع تي به فرانس جي شهر  نيس ۾ هڪ  ڊرائيور ٽرڪ آزادي ڏهاري جي تقريب ۾ شريڪ ماڻهن مٿان چارهي ڇڏي هئي، جنهن ۾ 84 کان وڌيڪ اجل جو شڪار ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿيا هئا. جنهن جي  ذميواري داعش قبول ڪئي هئي. پوليس اها دعويٰ به ڪئي هئي ته  ٽرڪ ڊرائيور  فائرن به ڪئي هئي جنهن کي ڪارروائي ۾ ماريو ويو هو.  نيس جي ميئر نيس واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو هو  ته امن جي دشمنن کي فرانس جون خوشيون برداشت نه ٿيون ٿين جنهن سبب اهڙيون ڪارروايون ڪن پيا. ٽرڪ دهشتگردي بعد فرانس ۾ وڌيڪ وڌيڪ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي. 13 نومبر 2015ع ۾ فٽبال ميچ دوران دهشتگردن فرانس جي گادي واري شهر پئرس کي رتو رت ڪري ڇڏيو هو. ريسٽورينٽ، اسٽيڊيم، ٿيٽر ۽ سميت مختلف هنڌن تي دهشتگردن جي بم حملن ۽ فائرنگ ۾ 160 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، پئرس حملن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا هئا، هر هڪ ملڪ پاران حملن جي مذمت به ڪئي وئي هئي ۽ روايتي طور ذميواري داعش قبولي هئي.  ڊينمارڪ ۾ به ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن جن کي به دهشتگردي قرار ڏنو ويو هو.هاڻ ڏسڻو آهي ته امن  جا عالمي ٺيڪيدار دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا قدم کڻن ٿا، باقي رهي ڳالهه جڏهن به  انهن عالمي طاقتن ۾ حملو ٿئي ته انهن جي ذميواري داعش کي قبولرائي پنهنجي ذميواري پوري سمجهڻ به بهتر عمل نه آهي. جڏهن به ڪنهن يورپي يا آمريڪي ملڪن ۾ حملو ٿيندو آهي ته انهن جي ذميواري ڪنهن نه ڪنهن  اسلامي ملڪ تي وڌي ويندي آهي. جنهن سبب انهن ملڪن ۾ ته هڪ ٻه ماڻهو مرندا آهن پر جن ملڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي اتي ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي ويهندا آهن. گڏيل قومن کي به امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ  پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائڻ گهرجي،ڇاڪاڻ ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد ۽ انهن جا  سهولتڪار سڄي دنيا جي امن کي تباهه ڪريو ويٺا آهن. هونءَ ته آمريڪا ۾ به فائرنگ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن انهن ۾ ته هن وقت تائين ڪنهن دهشتگرد تنظيم جي ملوث هجڻ انڪشاف نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر نسلي جهيڙا  باهه جيان ڀڙڪي اٿيا آهن، جنهن سبب آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ ڪاري نسل جي نوجوانن جي مارجڻ بعد  پوليس ۽ عوام  ڇڪتاڻ نظر اچي رهيا آهن، هن وقت تائين ڪافي سارا آمريڪي پوليس اهلڪار مارجي چڪا آهن، ترڪي جي صورتحال سڀني  جي سامهون آهي اتي به ناڪام فوجي بغاوت کان پوءِ  انساني حقن جي ڀڃڪڙي شروع ٿي وئي آهي ۽ باغين کي عام معافي ڏيڻ بدران سزا ڏيڻ  جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بهر حال ترڪي جي معاملو پنهنجي جڳهه تي آهي پر  هن وقت يورپ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردي جي نشاني تي اچي ويو آهي. جنهن سبب آمريڪا توڙي ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي ڳڻتي ورايو  آهي. فرانس ۾ ٽرڪ دهشتگردي ۽ بم ڌماڪن وارن واقعن ۾ به داعش کي ملوث ڪيو ويو آهي پر اها داعش انهن جي ملڪن ۾ ڪهڙي نموني ڪارروايون ڪري ٿي، ان بابت شايد انهن ملڪن کي به هن وقت تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي  يا ته وري انهن  يورپي ملڪن کي هن وقت تائين داعش جي خبر به پئجي نه سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته فرانس ۽  ٻين يورپي ملڪن ۾ جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن انهن ۾ اتان جا شهري ئي ملوث رهيا آهن، جنهن مان لڳي پيو ته انهن ملڪن  جي سيڪيورٽي انتظام ناڪارا آهن جنهن سبب دهشتگرد نننڍيون ننڍيون ڪارروايو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون کسي وٺن ٿا. جيتوڻيڪ ميونخ واري فائرنگ واقعي کي مذهبي رنگ نه ڏنو ويو  پر ماضي ۾ جيڪي به حملا ٿيا، انهن کي اسلام سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ  آمريڪي صدر بارڪ  اوباما، سعودي بادشاهه توڙي ٻيا ڪيترائي سربراهه اهو چئي چڪا  آهن ته دهشتگرد جو ڪنهن به مذهب سان تعلق نه ٿيندو آهي پوءِ ان باوجود جنهن به ملڪ ۾ جڏهن ڪا دهشتگردي ٿيندي آهي ته انهن ملڪن ۾ رهندڙ مسلم ڪميونٽي کي پريشان ڪيو ويندو آهي. جنهن لاءِ انهن ملڪن کي اهو سوچڻ گهرجي  ته دهشتگرد کي ڪنهن به مذهب سان ڳنڍڻ گهرجي ته جئين دنيا اندر امن ۽ ڀائچاري فضا قائم رهي سگهي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ  دنيا اندر امن قائم ٿيڻ بدران رهندو ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ويندي.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment