Pages

Sunday 31 July 2016

صوفين جي ڌرتي انتهاپسندي جي ورچڙهيل



صاحب خان ڀٽي
جڏهن افغان مهاجرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي فيصلو ڪيو ويو هو ته ان وقت سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اهو کٽڪو ٿيو هو ته انهن جي اچڻ سان سنڌ اندر انتهاپسندي وڌي ويندي پر سنڌ جي حڪمرانن انهن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ اڄ سنڌ مذهبي انتهاپسندي جي باهه ۾ ٻري رهي آهي، هي ڌرتي جيڪا اڳ امن ۽ ڀائيچاري جي اعليٰ مثال سان سڃاتي ويندي هئي ان کي اڄ مذهبي انتهاپسندي جو ڳڙهه ڪوٺيو پيو وڃي پر ان باوجود اسان جي حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي اهي صرف پنهنجو اقتدار بچائڻ ۽ ڪرپشن لڪائڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ واسين جي جان ۽ مال عير محفوظ بڻيل  آهي. ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ سکر سميت ٻين شهرن ۾ انتهاپسندي وڌندي پئي وڃي ۽ ان جي ڪري ئي هتان جون عبادتگاهون دهشتگردن جي نشاني تي آهن. ڪڏهن دهشتگرد امام بارگاهن تي حملو ڪري رهيا آهن ته ڪڏهن وري مسجدن  کي نشانو بڻايو ويندو ، جنهن سبب هن وقت سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچاري واري فضا ختم ٿيندي پئي وڃي ۽ سنڏي ڀائر  مذهب ڪٽرپڻي جي ڄار ۾ ڦاسجندا پيا وڃن جن کي بچائڻ لاءِ ڪو به اڳتي نه اچي رهيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته جيڪي به مدرسا غير رجسٽرڊ آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۽ مختلف هنڌن تي اهڙا قدم کڄندي به ڏٺو ويو پر  هاڻ ان عمل ۾ به ٺاپر اچي چڪي آهي،  جنهن سبب گهوٽڪي جهڙا افسوس ناڪ واقعا پيش اچي رهيا آهن جنهن سبب مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ملي  رهي آهي ۽ عوام خوف ۾ مبتلا  ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن حڪومت هن وقت مذهبي انتهاپسندي پکيڙيندڙن خلاف قدم نه کنيو ته حالتون اڃان وڌيڪ خراب ٿي وينديون، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا دشمن اها سازش ڪري رهيا آهن ته ٻين صوبن جيان هتان جون حالتون به خراب ٿين ۽ انهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ملي وڃي، سنڌ جا ويري گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ  لاءِ سازشون به ڪري رهيا آهن جنهن سبب ڪڏهن افغان  مهاجرن جي لوڌ سنڌ ۾ ڀري ويندي آهي ته ڪڏهن ٻين ملڪن جي مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ فنڊ ورتا ويندا آهن ۽ اهو سلسلو هن وقت به جاري آهي،
هن وقت به سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ انهن سنڌ دشمن منصوبن جي پٺڀرائي به سنڌ جا حڪمران ئي ڪري رهيا آهن، انهن کي خبر به آهي  ۽ انهن کي اها مڪمل ڄاڻ به آهي ته اهي منصوبا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا پر ان باوجود  هو اهو زهر جو ڌڪ پئي رهيا آهن ۽ عوام کي پنهنجي مايوس ۽ پريشان چهرن ذريعي اهو دلاسو به ڏئي رهيا آهن ته انهن  منصوبن سان سنڌ ۾ ترقي به ٿيندي، بهرحال اهو ڪهڙو سبب آهي جو سڌ جا چونڊيل نمائندا اهڙن خطرناڪ منصوبن جي حمايت ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن، ان بابت انهن کي ئي خبر هوندي، پر هاڻ ڳالهه انهن سنڌ دشمن منصوبن کان به مٿي هلي وئي آهي ۽ سنڌ کي انتهاپسندي طرف ڌڪيو پيو وڃي. جنهن  کي روڪڻ لاءِ هر هڪ شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ته جئين امن ۽ ڀائيچاري واري فضا هڪ ڀيرو ٻيهر قائم ٿي سگهي. هر طرف اهي هوڪا آهن ته تبديلي اچي رهي آهي، اها تبديلي ڪڏهن ايندي، ان بابت شايد اسان جي حڪمرانن کي خبر نه هوندي.سنڌ اندر چهرن جي تبديلي به ڪئي وئي آهي، ڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي وڃڻ کان پوءِ  سيد مراد علي شاهه وڏ وزارت سنڀالي ورتي آهي ان باوجود هن وقت تائين رينجرز کي مستقل يا عارضي طور سنڌ ۾ رکڻ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪري جڏهن به رينجرز جي خاص اختيارين  جي مدي ۾ واڌ جو وارو ايندو آهي ته ان وقت اهو معاملو پيپلزپارٽي جي هڪ چيلينج بڻجي ويندو ۽ ٻيهر  حالتون خراب ٿيڻ طرف هلي وينديون آهن، جنهن جو مثال ڪراچي ۾ فوج جي ٻن اهلڪارن جي شهادت مان به ملي ٿو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته دهشتگرد انتهائي سرگرم ٿي ويا آهن جيڪي فوجي اهلڪارن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن، جن فوجي اهلڪارن کي ڪراچي ۾ نشانو بڻايو ويو، اهي به ويچارا سنڌي ئي ٻڌايا پيا وڃن ۽  لاڙڪاڻي ۾ جن رينجرز اهلڪارن تي حملو ٿيو اهي به سنڌي ئي آهن، بهرحال هن وقت هڪ طرف سنڌ ۾ دهشتگردي ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺي رهي آهي ته ٻي طرف وري مذهبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي، شايد اهو ڪنهن سوچيو به نه هو ته صوفين جي ڌرتي کي  انتهاپسندي اوڏهي جيان کائي ويندي پر خدشو هاڻ سچ ثابت ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي.
 جيڪڏهن هن وقت سياسي توڙي سماجي تنظيمن هڪ ٿئي آواز نه اٿاريو ته شايد اهي مذهبي انتهاپسند سنڌ ۾ رت جون نديون وهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. هڪ طرف افغانستان به سرحد وٽ اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملا ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڀارت به پنجاب جي سرحدي علائقن تي مختلف وقتن تي گولا باري ڪندو رهيو آهي، جنهن خلاف پاڪستان آواز به اٿاريندو به رهيو آهي، جڏهن افغانستان  سرحد تي پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو ته ان وقت اسان جي حڪمرانن چيو هو ته افغانستان ٻين جي هٿن ۾ کيڏي  رهيو آهي جنهن تي افغان صدر چيو هو ته هو ڪنهن جي ب اشارن تي نه هلي رهيا آهن. جن افعان مهاجرن کي ملڪ اندر پناهه ڏني وئي  هئي اهو ئي ملڪ اڄ پاڪستان سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. هي اها ئي سرحد هئي جنهن بابت  چيو ويندو هو ته ملڪ کي ان سرحد وٽان ڪو به خطرو نه آهي، بهرحال هاڻ ٻنهي ملڪن ۾ حالتون وڌيڪ بهتر ٿي ويون آهن پر جيڪڏهن  افغان مهاجرن کي سنڌ مان واپس افغان نه موڪليو ويو ته هتان جون حالتون اڃان وڌيڪ خراب ٿي وينديون، جنهن جي ڪري اسان جي حڪمرانن کي گهرجي ته  اهي افغان مهاجرن جي واپسي جو جلد کان جلد بندوبست ڪن ته جئين صوفين جي ڌرتي کي مذهبي انتهاپسندي کان بچائي سگهجي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه اهڙا عنصر به سرگرم ٿي ويا آهن جيڪي ماڻهن جو برين واش ڪري انهن کي مذهبي انتهاپسندي طرف ڌڪي رهيا  آهن جن کي روڪڻ لاءِ ڪير به اڳتي نه وڌي رهيو آهي.گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ هندو ڀائرن کي مذهبي انتهاپسندي جو نشانو بڻايو پيو وڇي، جنهن جي ڪري ڪيترائي ڪٽنب هن ڌرتي ماءُ کي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا، مذهبي انتهاپسندي  جي ور چڙهيل ڪٽنبن اکين مان لڙڪ ڳاڙيندي هن ڌرتي کي الواداع ڪيو جنهن جون خبرون ڪيترن ئي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي به نشر ٿيون هيون ۽ ٿي رهيون آهن پر اڄ به سنڌ جا ساڃاهه وند خاص طور تي اسان جا حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن جن هن وقت تائين انهن مذهبي انتهاپسندي دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي جيڪي مذهب جي نالي تي سنڌي ڀائرن کي حراسان ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي اهي مذهبي انتهاپسند ڪيترن ئي ڳڀرو نوجوانن کي  شهيد ڪري رهيا اهن ۽ اهڙن واقعن کي مذهبي رنگ ڏنو پيو وڃي،
اڄ صوفين جي ڌرتي کي جڏهن  مذهبي انتهاپسندي جي ور چاڙهيو ويو آهي تڏهن به اسان جي سڄي سنڌي قوم خاموش آهي ۽ انهن مذهبي نفرتون پکڙيندڙن کي سڃاڻڻ باوجود انهن خلاف ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي. گهوٽڪي واقعي  به ڪيترن ئي ماڻهن  جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، گهوٽڪي ويجهو قتل ٿيل نوجوان ستيش ڪمار جي واقعي جو به سنڌ حڪومت ڪو  به خاص نوٽيس نه ورتو آهي ۽ نه ان نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه قومپرست جماعتن  همت جو مظاهرو ڪري مذهبي انتهاپسندي نامنظور جا نعرا هنيا آهن ۽ ريلون به ڪڍيون آهن جيڪو تمام بهترين قدم آهي پر حڪومتي سطح تي هن وقت تائين  ڪا جاڳرتا مهم نه هلائي وئي آهي جنهن مان لڳي پيو ته  حڪومت مذهبي انتهاپسند ي جي خاتمي  لاءِ سنجيده نظر نه اچي رهي آهي. جڏهن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري  هولي ملهائي هئي ته ان وقت هندو ڀائرن سميت سڄي سنڌ واسين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي هئي  اهو تصور ڪيو پئي ويو ته هاڻ مذهبي انتهاپسندي کي  ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اپاءُ ورتا ويندا ۽ ڪنهن به شخص کي مذهب جي آڙ ۾ پنهنجو ذاتي بدلو وٺڻ جي همت نه ٿيندي، پر هاڻ جڏهن سنڌ اندر  هڪ دفعو ٻيهر  هندو ڀائرن کي قتل ڪيو پيو وڃي ته بلاول ڀٽو زرداري  انهن جي وارثن وٽ لڙي به نه ويو آهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو حڪومتي عملدارن انهن جي دانهن ورنائڻ لاءِ  پهتو آهي، جنهن سبب عوام ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي. هونءَ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي دشمنن جي  اها  سازش رهي آهي ته هتان جو  امن ختم ڪيو  وڃي، پر هتان جي ساڃاهه وند ڌرين  انهن جي سازشن کي ناڪام  بڻايو آهي، هاڻ به جڏهن مذهبي انتهاپسندي نا منظور جون ريليون نڪري رهيون آهن ته سنڌ جي دشمنن جون ننڊون ڦٽي  ويون آهن، قومپرست ڌريون به انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ  ريليون ۽ جاڳرتا مهم هلائي رهيون آهن  پر اسان جي  حڪومت هن وقت خاموش آهي.


No comments:

Post a Comment