Pages

Sunday 31 July 2016

هيپاٽائيٽس ۾ ورتل ڪي اين شاهه واسي جي هيپاٽائٽش جي عالمي ڏينهن تي علاج لاءِ درد منداڻي اپيل



چوندا آهن ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، پر هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ کي گدڙَ  کائين نه کائين پر ڪاري ڪامڻ يا  هيپاٽائٽس ضرور کائي ئي بس ڪندي. هيپاٽائيٽس عرف عام ڪاري ڪامڻ  سنڌ جي 58 سيڪڙو آبادي کي پنهنبجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.  اها بيماري هيپاٽائيٽس  ئي آهي جنهن سڄي سنڌ جي ماڻهن جا هڻي ڀاڳا لاهي ڇڏيا آهن. ۽ حڪمران رڳو اجلاس ڪرڻ ۾ پورا آهن.
هي اسڪرين تي نظر ايندڙ  خير پور ناٿن شاهه سان تعلق رکندڙ شخص غلام نبي منگي  آهي جنهن کي هن موذي مرض پنهنجي لپيٽ ۾ اهڙي طرح جڪڙي ڇڏيو آهي جيڪو پنهنجي زندگي کي پنهنجي اکين اڳيان موت جي ويجھو ويندي ڏسي رهيو آهي. ايس اوٽي ..........................ڀاءُ
بيماري جي ور چڙهيل هن نوجوان جا گھر ڀاتي چون ٿا ته سندس علاج لاءِ گھر جو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهِڙي طاقت نه رهي آهي ته ڀاءُ جو علاج وڌيڪ ڪرائي سگھجي. سندن موجب ته غريبي جي حال ۾ پنهنجا مال متاح ۽ ڇنو مَنهَنُ وڪڻي ڀاءُ جي علاج ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي پر مرض آهي جو موٽ کائڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي
..........ايس اوٽي......................................... ڀاءُ
جيتوڻيڪ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان علاج ڪرائي ٿڪجندڙ هن مريض بابت ڊاڪٽر چون ٿا ته  غلام نبي جو 90 سيڪڙو جيرو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. پر اهو بلڪل به ناهي ته هن جو علاج ممڪن ناهي . هن جو علاج چڳي نموني سان ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن هن کي پرڏيهه  وٺي وڄي علاج ڪرائجي..........اسي اوٽي................................... ڀاءُ  
اسڪرين تي نظر ايندڙ اها بد نصيب ماءُ آهي جيڪا پنهنجي نوجوان پُٽ کي موت جي ويڙهي ۾ ويندي روز ڏسي ٿي ۽ ان جي موت کان اڳ  پل پل پاڻ مرندي رهي ٿي. سندس هٿ  پنهنجي پُٽ جي زندگاني بچائڻ لاءِ خدا جي درٻار ۾ اٿندا رهن ٿا جن هٿن سان هنن حڪمرانن کي پنهنجن ساڳن ئي  هٿن سان  ووٽ جي پرچي تي ٺپو هڻي اقتدار جي مسندن جا مزا ماڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو هئو.
..................ايس اوٽي.................................. ماءُ
هن امڙ جي رڳو ايتري التجا آهي ته اي حڪمرانو موت  ڀر ويندي  منهنجي نوجوان پُٽ کي رڳو ان اک سان ڏسو ته ڀلي هيپاٽآئيٽس  وگھي نه پر ڪنهن ٻئي سبب ئي توهان جو ڪو اولاد ان ساڳي بستر ڀيڙو ٿي سگھي ٿو. جنهن ڪري ڊاڪٽرن پاران ڏياريل ان اميد کي پنهنجي اولاد واانگر آڇيل اميد سمجھي منهنجي اجڙندڙ جھولي اجڙڻ کان بچائي منهنجي پٽ جو علاج ٻاهرين ڪنهن ملڪ مان ڪرائي مون کي جيئڻ جو سبب ڏيو.

ايس اوٽي ....................... ماءُ
بيماري جي ور چڙهيل هن پورهيت جو ڏوهه صرف ايترو آهي ته هو هڪ غريب ۽ مزدور گھراڻي ۾ پيدا ٿيو آهي. ٻيو وري سندس تعلق ان سنڌ سان آهي جيڪا کربين روپيا ڪمائي هن ملڪ جو نه رڳو ڪارونهنوار هلائي ان کي قائم رکڻ جو جواز بڻيل آهي پر  حڪمرانن ۽ ايوانن ۾ مشڪريون ڪندڙ نمائيندن کي اهو موقعو فراهم ڪري ٿي ته کيس لُٽي ڦري پنهنجا گھر ڀرين ۽ عوام ڏي منهن ڪري اوڳرايون به نه ڏين.
سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جي روڪٿام لاءِ عالمي ادارن جي مالي مدد سان اربين روپين جا پروگرام هلندڙ آهن پر جيڪڏهن سنڌ جي ان 58 سيڪڙو بيماري ۾ ورتل ماڻهن تي  يا وري اسپتالن ۽ رَي علاج موت جو کاڄ بڻجندڙن جو انگ ڏسجي ٿو ته اهو يقين ٿي وڃي ٿو  ته اهو پيسو ان علاج جي بدران  حڪمرانن ۽ ڪامورن جي پيٽن ۽ عياشين تي ئي خرچ ٿيو هوندو.
هن وقت سنڌ جي 58 سيڪڙو آبادي هن  ڪاري ڪامڻ جهڙي ڪاري مرض ۾ ورتل آهي. ۽ هن مرض سبب هر روز ڪيترن ئي گھرن مان بي وس انسانن جا لاش نڪرندا رهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ دردن جي ماريل هي ماءُ هن سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن کان هڪ نماڻي  گذارش ڪري ٿي ڪنهن به طريقي سان سندس پُٽ جي زندگي بچائڻ لاءِ قدم کنيو وڃي.
هي ڪيڏي نه بد قسمتي آهي جو هڪ طرف دنيا ۾ هيپاٽائٽش سي خاتمي لاءِ عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڄي ته وري هن ئي ڏينهن هڪ ماءُ پنهنجي پُٽ جي زندگي ان ڏائڻ بيماري جي چمبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ التجا ڪري رهي آهي.
ايس اوٽي ............................ماءُ

ايئن ناهي ته ڪو سرڪار وٽ وسيلا ناهن . سرڪار وٽ اهڙن معاملن لاءِ الڳ فنڊ موجود هوندا آهن پر جيڪا کوٽ هوندي آهي اها ڪنهن جي مدد ڪرڻ واري نيت  جي کوٽ هوندي آهي. ڏسڻو هي آهي ته هن تڪ مان چونڊيل نمائيندن ۽ وس وارن  جي هيانءَ کي  ڪيتري ڇٻ اچي ٿي ۽ هو هن لاچار ماءُ جي اجڙندڙ جھولي کي بچائڻ لاءِ ڪيترو اڳتي اچن ٿا.

اقبال کوهارو


No comments:

Post a Comment