Pages

Friday 22 July 2016

آزاد ڪشمير ۾ حڪمران جماعت جي فتح

صاحب خان ڀٽي
والاريل ڪشمير ڀارتي جارحيت خلاف احتجاج جاري آهي، ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان ڪيترائي ڪشميري مارجي چڪا آهن، جنهن تي گڏيل قومن به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته آمريڪا طرفان اهو واضع پيغام ڏنو ويو آهي ته هنن جو ڪشمير مسئلي  تي ساڳيو موقف  آهي، جنهن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. بهرحال هن وقت تائين ڀارتي جارحيت خلاف آمريڪا توڙي گڏيل قومن طرفان ڪا خاص مذمت نه ڪئي وئي آهي پر سنڌ سميت سڄي ملڪ ڪشميرين جي حمايت ۾ جلسا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن ۽ اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي بند ڪرايو وڃي ۽ انهن جو حق خوداداريت کي مڃيو وڃي ته جئين اتي امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي، ڪجهه ٽي وي چينلن تي به اهي خبرون نشر ٿي رهيون آهن  والاريل ڪشمير ۾ هڪ نوجوان جي شهيد ٿيڻ بعد ڇڪتاڻ تمام گهڻو تيز ٿي وئي هئي ۽ لکين ماڻهو پاڪستان جا جهنڊا کڻي احتجاج ڪري رهيا  آهن ۽  والاريل ڪشمير ۾ “ ڪشمير بني گا پاڪستان”  جا نعرا به لڳي رهيا آهن، بهرحال  هاڻ ڪشميري ڪڏهن پاڪستان جو حصو بڻجندا ان لاءِ اڃا اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو پر جيڪو ڪشمير جو حصو پاڪستان وٽ آهي ، اتي  به والاريل ڪشميرين جي حق ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ گڏيل قومن کان ڀارتي جارحيت کي روڪرائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. 21 جولائي تي آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي چونڊ ٿي جنهن ۾ نواز ليگ واضح اڪثريت حاصل ڪئي. آزاد ڪشمير اسيمبلي جي 49 سيٽن مان 41 چونڊ ٿي. گجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ آزاد ڪشمير ۾ مختلف هنڌن تي ووٽرن ۾ جهيڙو ٿيو ۽ مختلف جڳهن تي منهن ماري جا واقعا به پيش آيا، چونڊن لاءِ 37 هزار 500 سيڪيورٽي اهلڪار به مقرر ڪيا ويا هئا،
هر پولنگ اسٽيشن اندر هڪ فوجي اهلڪار به بيهاريو ويو هو، جنهن  کي مئجسٽريٽ وارا اختيار ڏنا ويا هئا، آزاد ڪشمير جي چونڊن لاءِ 5429 پولنگ اسٽيشنون ۽ 8048 پولنهگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو مرڪزي ڪنٽرول روم مظفر آباد ۾ قائم ڪيو ويو هو، چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪنهن  به ڌر سان اتحاد نه ڪيو هو،چونڊن ۾ 324 اميدوار ڪشمير ۽ 99 پناهگيرن مان حصو ورتو 49 سيٽن تي 26 سياسي پارٽين جا 423 اميدوار ميدان ۾ لٿل هئا. لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ڪشميرين پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. لاهور ۾ ايل اي 30 ڄمون لاءِ 4 هزار 583، ايل اي 37 ڪشمير وادي ۾ 3 هزار 935ع رجسٽر ووٽرز پنهنجو حق استعمال ڪيو، لاڙڪاڻي، سکر، ميرپورخاص، ٽنڊي الهيار ۽ ماتلي ۾ به ڪشميرين کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون. ٽنڊي الهيار ۾ 84 ووٽرن لاءِ قلعي ايريا جي گورنمينٽ پرائمري گرلز اسڪول ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي هئي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ماتلي ۾ رهندڙ ڪشميري ووٽرن لاءِ غريب آباد پاڙي جي مين پرائمري اسڪول ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي هئي، جتي 5 ووٽرن پنهنجي حق جو استعمال ڪيو. لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشنر آفيس ۾ تڪ ايل اي 30 جي لاءِ پولنگ قائم  ڪئي وئي جتي ڪوٽر مل پاڙي جي رهواسي شمس ڪشميري لاءِ چئن ڄڻن تي ٻڌل عملي کي مقرر ڪيو ويو هو. سڄي ڏينهن ۾ ملڪ جي ڪنهن به شهر مان اڻ وڻندڙ واقعي جو اطلاع  نه آيو پر ڪجهه هنڌن تي منهن ماري جا واقعا ضرور ٻڌڻ ۾ آيا. جڏهن ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي ته حڪمران جماعت نواز ليگ جي اميدوارن کي سرسي ملڻ جون خبرون ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳيون ۽ پيپلزپارٽي جي آزاد ڪشمير ۾ ٿڏا ويڙهه ٿيڻ لڳي ۽ تحريڪ انصاف پارٽي به آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهي.
 پ پ سان تعلق رکندڙ اعظم چوري عبدالمجيد پنهنجي تڪ ايل اي 2 چڪ سواري تان ڪامياب ٿيو. جڏهن ته قانون ساز اسيمبلي جي موجوده اسپيڪر غلام صادق کي به شڪست نصيب ٿي. ايل اي 9 ڪوٽلي تان تحريڪ انصاف جي اميدوار ۽ اڳوڻو وزيراعظم بيريسٽر سلطان محمود هارائي ويو، جڏهن ته ايل اي 13 باغ تان مسلم ڪانفرنس جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق ڪاميابي حاصل ڪئي. ايل اي 14 باغ وارو تڪ ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو، جتان نواز ليگ جو اميدوار ۽ سينيئر صحافي مشتاق منهاس 10 هزار ووٽن جي فرق سان تحريڪ انصاف ۽ پ پ جي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڇڏي. ايل اي 37 لاهور تان تحريڪ انصاف جي ديوان غلام محي الدين 1689 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ڄاڻايل تڪ مسلم ليگ نواز جو قلعو سمجهيو ويندو هو. ايل اي 41 تان تحريڪ انصاف جو اميدوار ماجد خان 24 سئو ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته ايل اي 39 راولپنڊي جي سيٽ ن ليگ جي اسد عليم شاهه حاصل ڪري ورتي. ايل اي 38 تان نواز ليگ جي شوڪت شاهه 12 سئو ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.  مطلب ته ڪشمير قانونساز اسيمبلي لاءِ  ٿيل چونڊ ۾ 41 سيٽن مان مسلم ليگ (ن) 32، مسلم ڪانفرنس 3  سيٽون کنيو. تحريڪ انصاف 2، ڄمون ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جو هڪ ۽ هڪ آزاد اميدوار به ڪاميابي ماڻي. * ايل اي 2 ميرپور 2 تان پيپلزپارٽي اميدوار چوڌري عبدالمجيد سوڀ ماڻي، ايل اي 4 ميرپور 4 تان مسلم ليگ ن جي چوڌري رخسار احمد ڪاميابي ماڻي، ايل اي 9 ڪوٽلي 2 تان مسلم ليگ (ن) جو راجا فاروق سڪندر خان  ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جا چونڊ نتيجا ردڪندي ڌانڌلي ڪرڻ جو الزام به لڳايو.
 وزيراعظم نوازشريف به اميدوارن جي ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون آهن، وزيراعظم نوازشريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پرامن ۽ جمهوري طاقتن جي سوڀ ٿي آهي، کٽڻ ۽ هارائڻ چونڊ جو حصو آهي،  نوازشريف وڌيڪ چيو ته شفاف چونڊن تي ڪشميرين کي مبارڪ هجي ، ڇاڪاڻ ته متحرڪ جمهوريت جمهوري عمل جو تسلسل هوندي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان به آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مسلم ليگ (ن) کي واڌايون ڏنيون ويون، جنهن کي مختلف تجزيه نگار ٻنهي پارٽين ۾ گهٽجندڙ ڇڪتاڻ قرار ڏنو آهي، عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته چونڊن ۾ عام طور تي حڪمران جماعت ڪاميابي ماڻيندي آهي، مسلم ليگ کي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي هو واڌايون ڏئي ٿو. اهڙين بيانن بعد هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو هو ته هاڻ شايد ٻنهي پارٽين ۾ لاڳاپا بهتر ٿي ويندا پر اچانڪ وري هڪ بيان سامهون آيو جنهن  ۾ چيو ويو ته  نون ليگ کي ڏنل واڌايون صرف آزاد ڪشمير جي چونڊن لاءِ ڏنيون ويون  آهن، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير ۾ پهريون ڀيرو حصو ورتو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ  ٻنهي پارٽين ۾ شايد هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ کان پاسو ڪن، ڇاڪاڻ ته آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي، جنهن سبب عمران خان به نوازشريف لاءِ ٿڌو رويو اختيار ڪيو آهي. جيڪو پڻ سٺو سنوڻ آهي. ڇاڪاڻ ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جو تير هن ڀيري صحيح نشاني ته نه لڳي سگهيو  آهي، وزيراعظم نوازشريف به آزاد ڪشمير جي چونڊن تي اميدوارن کي واڌيون ڏنيون. بهر حال چونڊن ۾ ته حڪمران جماعت نواز ليگ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي پر  اڄ هر هڪ اهو سوچڻ ته مجبور آهي ته ڇا  والايل ڪشمير جو مسئلو حل ٿيندو يا وري اتي ڀارتي جارحيت جو سلسلو جاري رهندو.

No comments:

Post a Comment