Pages

Saturday 30 July 2016

سائبر ڪرائيم بل، اظهار آزادي تي پابندي

صاحب خان ڀٽي
سڄي دنيا اندر سائبر ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين کوڙ سارن ملڪن ۾ ڪيترائي قانون به پاس ڪرايا ويا آهن پر ان باوجود انهن ملڪن ۾ سائيبر ڪرائيم ۾ ڪا به گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، اسان جي ملڪ اندر به سائبر ڪرائيم بابت بل پاس ڪيو ويو آهي، جنهن  جي واکاڻ ڪندي اسان جا حڪمران  ٿڪجن نه پيا ۽ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هاڻ انٽرنيٽ تي ڏوهه ڪرڻ وارو ڪنهن صورت ۾ بچي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته هاڻ اسان جي ملڪ ايتري ٽيڪنالاجي اچي چڪي آهي جنهن سان ان ڏوهه تي ڪنٽرول  آڻي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته موسميات کاتي  جي عملدارن کي به جديد دور جا اوزار ڏنا ويا آهن پر اڄ تائين انهن  جي اڳڪٿي هڪ به درست نموني ثابت نه ٿي سگهي آهي، برسات جي اڳڪٿي هجي يا ڪنهن طوفان جي، خبر ئي نه پوندي آهي ته اها اڳڪٿي درست ثابت ٿيندي  يا نه . بهرحال  هاڻ اسان جي ملڪ ۾ سائبر ڪرائيم جو بل پاس ٿي چڪو آهي ۽ ان تي عملدرآمد به هتان جا حڪمران ئي ڪرائيندا. اٺ ڪلهه دنيا ۾ اندر سائبر ڪرائيم تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جنهن کان  اسان جو ملڪ به نه بچي سگهيو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو  آهي ته گذريل ست اٺ سالن کان ڪيترائي ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن جن جي تعداد ۾ اضافو به ٿي رهيو  آهي. آمريڪا، برطانيا، ڀارت ۽ ترڪي سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ هيڪرز به سرگرم ٿي ويا آهن جيڪي ڪنهن ٻئي جي ڪمپيوٽر ۾ داخل ان جو سڄو مواد پاڻ وٽ ڪاپي ڪري وٺن ٿا يا وري ڪڏهن ڪڏهن هيڪرز ويب سائيٽس به هيڪ ڪري ان تي پنهنجي مرضي جو مواد رکي ڇڏين ٿا. اهڙي هيڪنگ آمريڪا توڙي ٻين ملڪن ۾ ڪئي وئي آهي. صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن جي ايميل کي هيڪ ڪيو ويو هو ۽ آمريڪا جون ٻيون کوڙ ساريون اهڙيون ويب سائيٽون هيون جن کي هيڪرز هيڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، جنهن سبب آمريڪا به سائبر ڪرائيم تمام گهڻو پريشان آهي، ترقي يافته ملڪن م سائبر ڪرائيم جا بل ان ڪري پاس ڪيا ويندا آهن ته جئين انهن جي ملڪن جون حساس ادارن جون ويب سائٽون هيڪ ٿينديون آهن ۽ انهن جو ڳجهو مواد به شيئر ڪيو ويندو آهي جنهن سبب هيڪرز کي سزائون ڏنيون وينديون آهن پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ سائبر ڪرائيم بل ان ڪري پاس ڪيو ويو ته جئين ڪنهن به سياستدان يا اهم شخصيت خلاف ڪنهن کي پوسٽ يا تصوير شيئر ڪرڻ جي همت نه ٿئي ، هن بل کي پاس ڪرائي اسان جا حڪمران اهو سمجهي رهيا آهن ته  هو پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ته اها انهن جي وڏي ڀل آهي،
ڪرپٽ ڪامورن کي بي نقاب ڪرڻ جو واحد ذريعو سوشل ميڊيا آهي جنهن تي به اسان جي حڪمرانن پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر طرفان ڇهن مهينن کان پوءِ قانون تي عمل ڪرائڻ رپورٽ پيش ڪرڻ جي ترميم ڏني وئي،  جڏهن سائبر ڪرائيم بل قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪيو ويو تڏهن مخالف ڌر طرفان به اعتراض اٿاريا ويا هئا جنهن بعد  سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي 50 ترميمون بل ۾ شامل ڪيون ويون ۽ بل کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو. سائبر ڪرائيم بل کي سينيٽ مان منظور  ڪرائڻ بعد ٻيهر قومي اسيمبليءَ ۾ موڪليو ويندو جتان منظوريءَ کان پوءِ بل منظوريءَ لاءِ صدر ڏانهن اماڻيو ويندو، جيڪڏن صدر ممنون حسين سائيبر ڪرائيم جي منظوري ڏني ته پوءِ ان تي عمل ڪرائڻ لازمي ٿي ويندو، پر اتي سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ڇا اسان جي ملڪ اندر ايترا وسيلا آهن، جنهن جي ذريعي اسان جا ادارا سائبر ڪرائيم تي ضابطو  آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، هاڻ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته هن بل کي ڪيتري حد تائي عمل ٿيندو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به سائبر ڪرائيم بل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سائبر ڪرائيم بل ۾ ترميم ٿيل ڪجهه شقون بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اهو به چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ ان بل جي حمايت نه ڪندي،  حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سائبر ڪرائيم بل منظور ڪيو ويو تنهن وقت سڄي ملڪ ۾ اهڙي بل جي مخالفت ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته جيڪي سزائون ٻڌايون ويون  ۽ جن شين کان منع ڪيو ويو، اهو قدم حڪمرانن جي ڪرپشن کي برقعو پارائڻ جي برابر  آهي، جيڪڏهن صدر ممنون حسين سائبر ڪرائيم جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي ٿو ته پوءِ شايد ڪو ماڻهو پنهنجي  راءِ سوشل ميڊيا تي نه ڪڏهن به نه ڏئي سگهندو. ماضي ۾ جڏهن هڪ سياسي پارٽي جي سربراهه خلاف ايس ايم ايس مهم شروع ٿي هئي ته ان وقت به اسان جي حڪمرانن وڏا  وڏا قانون آندا هئا ۽ اهڙو ساففٽئر آڻڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ته  هاڻ ڪو به گار گند وارو ميسج نه ڪري سگهندو، ڇاڪاڻ ته ان سافٽئير ۾ هر  هڪ گارگند واري لفظ کي ايڊ ڪيو ويو هو، جنهن سبب ڪو به ماڻهو اهڙا ميسج نه ڪري سگهندو، اڄ جڏهن عوام جو آواز دنيا تائين نه پهچي رهيو آهي ته ان وقت عوام سوشل ميڊيا کي هٿيار بڻايو آهي ۽ حڪمران انهن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،
 سينيٽ ۾ اپوزيشن جي ترميمن سان گڏ جيڪو سائبر ڪرائيم بل پاس ڪيو ويو آهي، ان تحت سائبر دهشتگردي ڪندڙ جاوبدار کي 14 سال قيد جي سزا ڏني ويندي ۽ 50 لک روپيا ڏنڊ به وڌو ويندو. سائبر ڪرائيم بل  ۾ اهو  به شامل آهي ته جيڪڏهن ڪو به شخص مخالف، مذهبي، فرقيواراڻو يا لساني مواد رکندو ته ان کي 7 سال قيد جي سزا ڏني ويندي. سنيٽ ۾ آءِ  ٽي جي وفاقي وزير انوشا رحمان اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام وارو بل پيش ڪيو جنهن کي مشاورت بعد اپوزيشن جي وڌيڪ ڇهن ترميمن کي به شامل ڪيو ويو. جنهن بعد ان بل کي اتفاق راءِ سان قبول ڪيو ويو، هن بل اهو ڄاڻايو ويو آهي ته 14 سالن  کان گهٽ عمر وارن ٻارن، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نه هوندو، بل تحت سائبر ڪرائيم ۾  ملوث جوابدار کي 14 سال قيد ۽ 50 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويندو. چائلڊ پورنو گرافي تي 7 سال قيد ۽ 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو، جڏهن ته چائلڊ پونو گرافي ۾ ملوث جوابدار جي ضمانت به نه ٿيندي. انٽرنيٽ تي دهشتگردي  يا انتهاپسندي جي مهم هلائيندڙ يا ڀرتيون ڪندڙ يا وري اهڙي ڪوشش ڪندڙ به ست سال سزا ڏني ويندي. هن بل  اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنهن خلاف نسلي يا فرقيواڻي بنياد تي مواد رکڻ تي به سال سال قيد جي سزا ڏني ويندي. جعلي ويب سائيٽ ٺاهي دوکو ڏيندڙ کي به ٽي سال قيد جي سزا ڏني ويندي. غيرقانوني سمز ۽ چوري جون موبائل استعمال يا موبائل ٽيمپرنگ ڪندڙ جوابدار کي به 3 سال قيد جي سزا ڏني ويندي، جڏهن ته 10لک روپيا ڏنڊ به وڌو ويندو. ڪو به ڊيٽا عدالت جي اجازت کانسواءِ نه  وٺي سگهبو ۽ نه ئي شيئر ڪري سگهبو. سائبر ڪرائيم بل تحت ڪنهن جي مرضي کانسوءِ اي ميل يا ميسج ڪرڻ، تصوير يا ويڊيو ٺاهي پوسٽ ڪرڻ تي به 3 سال سزا ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويندو.سائبر ڪرائيم۾ ملوث سمورن جوابدارن جي گرفتارين يا ڪارروائي کان اڳ عدالت کان اجازت وٺڻ ضروري هوندي، بل عدالتي ۽ پارلياماني نگراني جو نظام واضع ڪيو ويندو ،اهو سڀ ڪجهه  ٻڌي لڳي رهيو  آهي ته آءِ ٽي واري وفاقي وزير شايد قانون کي پڙهي اهڙو بل پيش ڪيو يا وري وٽس سائبر ڪرائيم جون گهڻيون شڪايتون مليون هيون جنهن جي ڪري هن سوشل ميڊيا کي ايترو ٽارگيٽ ڪيو آهي. هاڻ جڏهن اهو بل پيش ٿي ويو آهي ۽ ان کي منظور  به ڪيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي غريب عوام جو آواز اٿاريندڙ ماڻهن کي به ڳڻتي ورايو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ انهن کان اهو به حق کسيو ويو آهي جنهن سبب هاڻ  اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن سياستدان خلاف وڊيو يا ڪا تصوير ٺاهي رکندا هئا ، هاڻ  اهي اهو قدم نه کڻي سهگندا.
ڍ  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت تائين سائبر ڪرائيم جون ڪيتريون ئي وارداتون رجسٽرڊ ٿي چڪيون آهن  ۽ ان جي روڪٿام ڪرڻ به لازمي  هو پر فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي تصوير شير ڪرڻ يا ويڊيو شير ڪرڻ تي ماڻهن کي سزائون ڏيڻ بهتر عمل نه آهي، ڪجهه ڏينهن هڪ اهم شخصيت جي خلاف پوسٽ شيئر ٿي هئي جنهن تي هزارين ماڻهن  ڪمنٽس به ڪيا هئا جنهن کان پوءِ ان تي اهو بحث به ڪيو ويو هو ته اهو جيڪو به قدم کنيو ويو آهي، جنهن بعد هن بل کي آندو ويو ۽  تڙ تڪڙ ۾ پاس به ڪرايو ويو. جنهن کان  پوءِ اها ڳالهه ته واضع ٿي چڪي آهي ته هي  حڪمران  پاڻ کي احتساب کان بچائڻ لاءِ پاس ڪرايو آهي ڇاڪاڻ ته ميڊيا جي آواز کي ڪافي حد  تائين  دٻايو ويو آهي جنهن بعد عوام پنهنجو هٿيار سوشل ميڊيا کي بڻايو آهي. رهي  ڳالهه فيس بڪ تي ڪرپٽ حڪمرانن خلاف مزاحيا تصويرو ٺاهڻ جي ته ان تي حڪمرانن کي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي،ڇاڪاڻ ته ايترو ته حق ضرور هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو عملدار غلط قدم کڻي تي ان جو فيس بڪ تي پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ ضروري آهي جيڪو ميڊيا تي نٿو ڪري سگهجي، ترڪي ۾ جڏهن بغاوت جي ڪوشش ٿي هئي ته ان وقت به  اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ ترڪ صدر طيب اردگان سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي عوام سان رابطو ڪري اها اپيل ڪئي هئي ته عوام روڊن تي نڪري ۽ عوام لکن جي تعداد ۾ روڊن تي اچي هڪ تاريخ لکي هئي ۽ اهو سڀ ان سوشل ميڊيا جي ڪري ئي ٿيو هو، جنهن سبب اسان جي حڪمرانن کي  سائبر ڪرائيم بل بابت ٿورو سوچڻ گهرجي ۽ ان ۾ اهي شقون آڻيون وڃن جنهن سان غريب ماڻهن کي انصاف آساني سان ملي سگهي ۽ اهي پنهنجو آواز دنيا تائين پهچائي سگهن ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين جيڪو اعلان ڪيو آهي ان تي قائم رهي هن بل ۾ اڃان وڌيڪ ترميمون ڪيون وڃن ته جئين اظهار جي آزادي تي پابندي نه لڳي سگهي.


No comments:

Post a Comment