Pages

Wednesday 27 July 2016

هيلري ۽ ٽرمپ جي نامزدگي، صدر ڪير ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ ري پبلڪن پارٽي ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا اميدوار آمهون سامهون ٿي ويا آهن، 8 نومبر 2016ع ۾ ٻنهي پارٽين جي اميدوارن ۾ چوٽي جي مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ٻنهي اميدوارن جي آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ اڪثريت آهي، ڊونلڊ ٽرمپ کي به  ري پبلڪن پارٽي طرفان صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي 4 ڏينهن واري ڪنوينشن جي ٻئين ڏهاڙي جي موقعي تي هيلري ڪلنٽن جي صدارتي اميدوار جي نامزدگي جو اعلان ڪيو ويو آهي،  جڏهن ڪنوينشن ۾ هيلري ڪلنٽن جي صدارتي اميدوار جي نامزدگي جو اعلان ڪيو ويو ته ان وقت ڊيموڪريٽ پارٽي جا ڪجهه ڪارڪن هيلري خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، جن جي هٿن ۾ برني سينڊروز جي حمايت ۾ بينر هئا،  جيڪي اهو مطالبو ڪري رهيا هئا ته  هيلري ڪلنٽن کي نه پر برني سينڊروز کي ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو هيلري جي مخالف ڪري رهيا هئا، ٻڌايو پيو وڃي ته انهن جي ايتري اڪثريت نه هئي ۽ ان سان هيلري ڪلنٽن جي صدارتي اميدوار طور نامزدگي تي ڪو به اثر نه پوندو، آمريڪا ۾ چارسالن واري 58 هين صدارتي چونڊ 8 نومبر اڱاري تي ٿي رهي آهي.جڏهن ته ڊيمڪوريٽ جي پاليسي موجب آمريڪي صدر بارڪ اوباما ٽيون ڀيرو صدر ٿي نه سگهندو جنهن سبب کيس صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي.صدر بارڪ اوباما ۽ نائب صدر جوبائيٽن پنهنجي مدت تائين خدمتون سرانجام ڏيندا رهندا.
 آمريڪي عوام 2016ع جي صدارتي چونڊن ۾ 45هين صدر ۽ 48هين نائب صدر جي چونڊ ڪندا.  آمريڪا جو 42 هون صدر بل ڪلنٽن هو، جنهن  1991ع جي چونڊن ۾ آمريڪي صدر  جارج بش جي والد  هربڙٽ بش کي شڪست ڏني  هئي. 1991ع ڌاري ۾ هر بڙٽ بش آمريڪا جو صدر هو، بل ڪلنٽن 19 آگسٽ 1946ع ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن  20 جنوري 1992ع ۾ صدارت جو حلف کنيو هو. صدارت جو حلف کڻڻ بعد بل ڪلنٽن اسرائيل ۽ فلسطين ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ به ڪوشش ڪيون ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو ۽ سندس صدارتي دور ۾ امن قائم ڪرائڻ تي ياسر عرفان کي نوبل انعام مليو هو. نوبل انعام ملڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي. فتح پارٽي جا ٽڪڙا ٿي ويا هئا. هڪ آمريڪي اخبار لکي ٿي ته ان دور ۾ بل ڪلنٽن بوسنيا جي مدد به ڪئي هئي.جڏهن  سربيا بوسينا تي حملو ڪيو ۽ قبضي جي ڪوشش ڪئي هئي. پرڏيهي اخبار ۾ اهو به لکل هو ته سربيا جي آرمي مسلمانن کي ختم ڪري رهي هئي ۽ بل ڪلنٽن بوسينا کي سربيا کي بچايو هو. بل ڪلنٽن ان دور ۾ پهريون ڀيرو وائيٽ هائوس ۾ عيد ملهائي هئي ۽ کين قرآن پاڪ به تحفي ۾ مليو هو. بل ڪلنٽن سڄي دنيا دنيا ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ لاءِ به پهنجو وڏو ڪردار ادا ڪيو هو.
 20 جنوري 2001ع ۾ جڏهن آمريڪي صدارت لاءِ چونڊون ٿيون هيون ته تڏهن صدر بش  بل ڪلنٽن کي شڪست ڏني هئي ۽ بش کي صدر بڻايو ويو هو. 2008ع ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ صدارتي اميدوار جي نامزدگي لاءِ هيلري ڪلنٽن آمريڪي صدر بارڪ اوباما وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيو هو پر ان هيلري ڪلنٽن کي شڪست  نصيب ٿي هئي ۽  هيلري  صدارتي نامزدگي کان محروم ٿي وئي هئي پر هن ڀيري کيس صدارتي اميدوار طور نامزدگي ملي چڪي آهي. هيلري ڪلنٽن  26  آڪٽوبر 1947ع م پيدا ٿي هئي، جنهن اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن سان شادي ڪئي هئي ۽ 1993ع کان 2001ع کان تائين آمريڪا جي پهرين عورت سياستدان طور به رهي. هيلري ڪلنٽن 2008ع ۾ آمريڪي صدر جي عهدي لاءِ  ڊيموڪريٽ پارٽي جي اهم اڳواڻن سان مقابلو به ڪري چڪي آهي. هيلري ڪلنٽن جو آمريڪي صدر بارڪ اوباما توڙي برني سنڊروز سان به سخت مقابلو ٿي چڪو آهي، هي پهريون ڀيرو آهي  هيلري ڪلنٽن لاءِ جنهن ۾ کيس صدارتي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو آهي. 5 جون 2008ع ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي مخالف ۾ بيٺل اميدوار  هيلري ڪلنٽن صدارتي اميوار جي نامزدگي تان هٿ کڻي ويندي ۽  بارڪ اوباما جي حمايت ڪندي. 1973ع ۾ وڪالت جي ڊگري ملڻ بعد هيلري ڪلنٽن وڪالت به شروع ڪئي ۽ آمريڪا جي صوبي ارڪاساس ۾ هن وڪالت شروع ڪئي. 1988ع ۽ 1991ع ۾ کيس آمريڪا جي بهرين وڪيلن ۾ شمار ڪيو ويو.
هيلري ڪلنٽن 3 جنوري 2001ع ۾ آمريڪي سينيٽر جو عهدو سنڀاليو. 1975ع ۾ جڏهن بل ڪلنٽن سان سندس شادي ٿي تڏهن ٻئي ڄڻا ارڪاساس يونيورسٽي ۾ پڙهڻ  ۽ پڙهائڻ ۾ رڌل رهيا. انهن ڏينهن ۾ به هو هڪ ٻئي جا ويجها دوست رهيا. هيلري ڪلنٽن کي هڪ ڌي جو اولاد ٿيو ، جنهن جو انهن نالو چيلسا ڪلنٽن رکيو، چيلسا ڪلنٽن جي پيدائش 27 فيبروري 1980ع ۾ ٿي هئي. جيتوڻيڪ سندس ڌي چيلسا ڪلنٽن هن وقت سياست کان پري آهي پر هيلري ڪلنٽن هن وقت به سياست ۾ انتهائي سرگرم آهي. ڊونلڊ ٽرمپ به آمريڪا ۾ 14 جون 1946ع ۾ پيد ا ٿيو هو. جيڪو هن وقت آمريڪي جي مشهور  ڪاروباري شخصيت آهي ۽ کيس صدارتي اميدوار جي نامزدگي امير ۽ واپاري هئڻ سبب ملي آهي. هيلري ڪلنٽن جي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي ڀاءُ مالڪ اوباما به حمايت ڪري چڪو آهي، جنهن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو  آهي ته هو ووٽ ڏيندو ته صرف ڊونلٽ ٽرمپ کي نه ته ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته  کيس ڊونلٽ ٽرمپ جي شخصيت تمام گهڻو متاثر ڪيو  آهي. ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ ۾ شهر ۾ جنم ورتو هو ۽ هن شروعاتي تعليم به نيويارڪ مان ئي حاصل ڪئي هئي. ڊونلڊ ٽرمپ گريجوئيشن  وارٽن اسڪول مان ڪئي جڏهن بيچلر جي ڊگري يونيورسٽي آف پينسلوينيا مان حاصل ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ جو والد فريڊ ٽرمپس  ڪنسٽرڪشن جو ڪم ڪندو  هو، جنهن سبب ڊونلڊ ٽرمپ کي ريئل اسٽيٽ اينڊ ڪنسٽرڪشن جو ڪم ڪرڻو پيو، ان سان گڏوگڏ ڊونلڊ ٽرمپ سياست جو به وڏو شوق هو، جنهن سبب هن  ري پبلڪن پارٽي ۾ شموليت ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترن ئي چينلن تي پڻ ڪم ڪيو  آهي. جون 2015 ع ۾ ٽرمپ کي ري پبلڪن پارٽي جو صدر چونڊيو ويو هو.  2016ع ۾ ٽرمپ کي باضابطه طور صدارتي اميدوار بڻايو ويو آهي. ٽرمپ جي نامزدگي جو اعلان آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر ڪليو لينڊ ۾ ريپبلڪن پارٽي جي ڪنوينشن ۾ ڪيو ويو هو. ري پبلڪن  پارٽي جي 1725 ڊيليگيٽس جي ڊونلڊ ٽرمپ کي حمايت حاصل آهي. جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جو مخالف اميدوار سندس وڏو مخالف ٽيڊ ڪروز هو.
هاڻ جڏهن ٻنهي پارٽين جا اميدوار نامزد ٿي چڪا آهن تڏهن  هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۾ صدارتي اميدوار  جي ڊوڙ ۾ ٻنهي ڄڻن  وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيڻ جو امڪان ٿي  ويو آهي. آمريڪا  ۾ هاڻوڪي  ٿيل سروي چيو ويو  آهي ته هيلري ڪلنٽن جي شهرت گهٽتجي آهي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي اسلام مخالف بيانن سندس شهرت ۾ اضافو ٿيو آهي پر اهاڻ جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ نامزدگي حاصل ڪري ورتي  آهي. تنهن وقت به سندس ڪيترائي  مخالف آمريڪا  ۾ احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن. اسلامي ملڪ به هيلري ڪلنٽن جي حمايت ڪري رهيا  آهن ته آمريڪي هيلري ڪلنٽن کي ٿيڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ ڀارت ۽ ٻيا ملڪ به چئي رهيا آهن هيلري ڪلنٽن جي صدر ٿيڻ سان دنيا ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿيندي ڇاڪاڻ ته ڊونلڊ ٽرمپ هميشه اسلام مخالف بيان ڏنا آهن جنهن سان لکين  مسلمانن کي دلي صدمو پهتو آهي. جيوتڻيڪ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي رويي وڏي تبديلي آندي آهي پر ان باوجود سندس ڏنل بيان اڄ به ماڻهن جي ڪنن ۾  جمهومي رهيا آهن. بهر حال هاڻ صدارتي اميدوار جي نامزدگي  وارو مرحلو ختم ٿي چڪو پر ان باوجود هن  سڄي صور تحال باوجود ملڪ اندر فائرنگ جي واقعن ۾ واڌ اچي چڪي آهي. جنهن سبب ان سموري مسئلي کي  چونڊن سان ڪڍيو پيو وڃي اهئين لڳي رهيو آهي ته ملڪ اندر  هٿيارن جي روڪٿام وارو بل منظور  نه ٿيڻ سبب آمريڪا ۾ فائرنگ جا واقعا معمول جو موجب بڻيل آهن، آمريڪي سروي موجب هيلري ڪلنٽن جا کٽڻ جا وڏا سبب موجود آهي. ڇاڪاڻ  ڪاري نسل وارن علائقن ۾  کيس حمايت حاصل آهي ۽  دنيا  جي  ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان به بهتر لاڳاپا آهن، جيڪي به ڊونلڊ ٽرمپ بدران هيلري ڪلنٽن جي حمايت ڪري رهيا آهن..

No comments:

Post a Comment