Pages

Tuesday 26 July 2016

آمريڪي صدارتي چونڊون ۽ وڌندڙ فائرنگ جا واقعا

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۾ 8 نومبر 2016ع تي وڏو دنگل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، جئين جئين  وقت گذرندو پيو وڃي تئين آمريڪا ۾ فائرنگ جا واقعا وڌندا پيا وڃن، هڪ طرف آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ فائرنگ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ته ٻي طرف وري مختلف رياستن ۾ نسلي جهيڙا به ٿي رهيا آهن ۽ صدارتي چونڊن جو سرگرميون به عروج تي پهتل آهن، ري پبلڪن  پارٽي به  ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي حمايت آمريڪي صدر  بارڪ اوباما جي ويڳي ڀاءُ مالڪ اوباما به ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هيلري ڪلنٽن  ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ به  چوٽي جو مقابلي جو امڪان آهي پر جئين جئين 8 نومبر  ويجهو ايندو پيو  تئين آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ تيزي اچي رهي آهي، آمريڪا جون حالتون به هاڻ ائين  ٿي ويون آهن جئين اڳ ڪراچي ۾ هونديون هيون، جتي هر روز فائرنگ ۾ ماڻهو مارجي ويندا هئا ۽ هتان جا حڪمران صرف سکڻا بيان ڏيندي نظر ايندا هئا ، آمريڪي عملدار به هاڻ بس اهي ئي بيان ڏئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻ آمريڪي عملدارن وٽ ڪي جواز به نه رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي فائرنگ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، انهن رياستن ۾ ماضي ۾ به ڪاري ۽ اڇي نسل وچ ۾ ڇڪتاڻ  هلندو رهيو آهي ۽ هاڻ به اتي اها ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. آمريڪا جون اهڙيون کوڙ ساريون رياستون آهن جتي امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي  جئين اڳ لياري ۽ لياقت آباد جون هونديون هيون، اهڙو هڪ فائرنگ جو واقعو آمريڪي رياست فلوريڊا جي نائٽ ڪلب ۾ 25 ۽ 26 جولاءِ جي وچ ۾ به پيش آيو. جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي به ٿي پيا.  آمريڪي عملدارن جو چوڻ هو ته فلوريڊا رياست جي فورٽ ميرز شهر جي هڪ نائٽ ڪلب ۾ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، اهو به ٻڌايو ويو ته نائٽ ڪلب ۾ نوجوانن جي هڪ پارٽي ٿي رهي هئي ته هڪ هٿياربند ڪلب ۾ گهڙي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، معمول موجب واقعي بعد پوليس اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ۽ حملي کي گرفتار ڪيو پر واقعي جا ڪارڻ ميڊيا آڏو درست نموني پڌرا نه ڪيا و يا. هونءَ به فلوريڊا رياست ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان فائرنگ جا واقعا تمام گهڻو ٿي رهيا آهن، هي ڪو آمريڪا ۾ پهريون فائرنگ جو واقعو نه  آهي پر  گذريل ڪجهه مهينن کان آمريڪا ۾ فائرنگ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. 12 جون 2016ع ۾ آمريڪا ۾ فائرنگ جو بدترين واقعو پيش آيو هو ۽ اهو به آمريڪي رياست فلوريڊا جو شهر اورليندو هو.
اورلينڊو ۾ هم جنس پرستن جي ڪلب ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا هئا. اهو واقعو آمريڪي وقت موجب رات 2 ڌاري پيش آيو هو. آمريڪي عملدارن ٻڌايو هو ته فائرنگ وقت نائيٽ ڪلب ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، جڏهن ته حملي آور جي سڃاڻپ افغاني نسل جي آمريڪي عمر متين طور ڪئي وئي هئي. آمريڪي اختيارين اهو به ٻڌايو هو ته حملي آور متين ٽن ڪلاڪن تائين نائيٽ ڪلب ۾ ماڻهن کي يرغمال بڻايو جيڪي مدد لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ پنهنجن وارثن کي فون ڪالز ذريعي آگاهه ڪري رهيا هئا، حملي آور متين سيڪيورٽي فورسز تي به فائرنگ ڪئي هئي جنهن  بعد پوليس کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. پوليس ٻڌايو هو ته حملي آور وٽ رائيفل ۽ بندوق هئي ۽ وٽس هڪ ڊوائس به موجود هئي، جنهن بابت کين شڪي هو ته هو هن ڊوائس ذريعي ڪو ڌماڪو ڪرڻ پئي چاهيو، اهڙي فائرنگ واري واقعي بعد اورلينڊو شهر ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون هيون ۽ حملي آور جو لاڙو اسلامي انتهاپسندي سان ٻڌايو ويو هو. ايف بي آر اها بريفنگ ڏني هئي ته حملي آور جو اسلامي انتهاپسندن سان تعلق هو، واقعي جي آمريڪي صدر باراڪ اوباما، نائب صدر جو بائيڊن، ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار هيلڊري ڪلنٽن، ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ءٌ ٻين مذمت ڪئي هئي.18 ۽ 19 جولاءِ 2016ع  پوليس هٿان ڪاري نسل جي ٻن  شهرين جي مارجي وڃڻ واري واقعي کانپوءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن دوران 5 پوليس اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا هئا. آمريڪي شهر ڊيلاس ۾ وڏي انگ ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن پوليس هٿان ٻن شهرين جي قتل واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي هئي، جڏهن پوليس ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مان اڻڄاتل پاسي کان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا هئا. آمريڪي صدر باراڪ اوباما پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ڪاري نسل جا نوجوان مارڻ ۽ مڇريل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 5 پوليس اهلڪارن جي مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو هو ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم به ڏنو هو، وائيٽ هائوس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته صدر باراڪ اوباما ڪاري نسل جي نوجوانن جي مارڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، آمريڪي صدر بارڪ اوباما اهو به چيو هو ته  هو ڪنهن به صورت ۾ پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي بخش نه ڪندا، ڇاڪاڻ ته پوليس اهلڪار احتجاج ڪندڙن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، اهڙي واقعي بعد فلوريڊا جي چيف پوليس کي به ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون جنهن چيو هو ته ڇا به ٿي پئي هو ڪنهن کان نه ڊڄندو ۽ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪندو.
10 آڪٽوبر 2015ع ۾ آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ فائرنگ جا واقعا پيش آيا جن ۾ به 2 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 3 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. 2 ۽ 3 ڊسمبر 2015ع جي وچ ۾ به آمريڪا جي رياست ڪيلفيورنيا جي  شهر سان برارڊينو ۾ قائم معذورن جي سينٽر ۾ تقريب دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ حملي  آور 14 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي به جاچ دوران ان جو تعلق مذهبي جنونيت سان ڄاڻايو ويو هو. 4 ڊسمبر 2015ع ۾ ڪيليفورنيا جي رياست جي علائقي ڪلارڪسن ايونيو ۾ به فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو ۽ اهڙا کوڙ سارا فائرنگ جا واقعا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان آمريڪا ۾ معمول بڻجي ويا آهن جنهن بابت هر هڪ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخر آمريڪا ڏينهون ڏينهن فائرنگ جا واقعا ڇو وڌي رهيا آهن ؟ ۽ انهن پٺيان ڪهڙا سبب آهن، ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ ٿيل فائرنگ جي تازن واقعن جو سڌو سنئون آمريڪي چونڊن سان واسطو آهي اهي فائرنگ جا واقعا صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي تمام گهڻو فائدو پهچائندا ۽  سندس مخالف اميدوار کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي ريپبلڪن پارٽي صدارتي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙو فيصلو آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر ڪليو لينڊ ۾ ري پبلڪن جو ڪنوينشن جي ٻئين ڏينهن  ۾ ڪيو ويو. جنهن دوران ري پبلڪن جي پارٽي ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزدگي جو باضابطه اعلان ڪيو.  ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزدگي واري اعلان بعد سندس حامين پاران ڪنوينشن ۾ جشن ملهايو ويو هو جڏهن ته ته جان مڪين سميت سندس پارٽي جي اهم اڳواڻن شرڪت کان معذرت ڪئي هئي. صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هو پارٽي طرفان صدارتي اميدوار جي نامزدگي ملڻ سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي.  ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو محنت ڪندو ۽ قوم کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندو.
آمريڪا ۾ هڪ سروي به ڪرايو ويو هو جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته آمريڪا ۾ ري پبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي 36 سيڪڙو حمايت حاصل آهي، جڏهن ته هيلري ڪلنٽن کي 43 سيڪڙو حمايت حاصل آهي، بهر حال اها سروي ڪيتري حد تائين درست آهي يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر  آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي ويڳي ڀاءُ مالڪ اوباما ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. مالڪ اوباما جو چوڻ آهي ته هو ٽرمپ جي چونڊ مهم کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، جنهن سبب هو  ان کي ئي ووٽ ڏيند ۽ هو ڊونلڊ ٽرمپ کي تمام گهڻو پسند ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو دل جي ڳالهه ڪندوآهي، سندس چوڻ هو ته ڊونلڊٽرمپ جي آمريڪا کي هڪ ڀيرو ٻيهر عظيم قوم بڻائڻ واري بيان کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، مالڪ اوباما جي حمايت جي اعلان بعد هن وقت تائين آمريڪي صدر بارڪ اوباما جو ڪو به رد عمل سامهون نه اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي ان بابت هن وقت تائين آمريڪي ميڊيا ۾ ڪو خاص بحث ٿي رهيو آهي.  جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما هيلري ڪلنٽن جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي پر سندس ويڳي ڀاءُ پاران ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت بعد مٿس به تمام گهڻا سوال اٿي رهيا آهن ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ به سندس خلاف بحث ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ، آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هيلري ڪلنٽن کانسواءِ ٻيو ڪو به ٻيو بهتر اميدوار نه آهي ڇاڪاڻ ته هو هيلري ڪلنٽن جي خوبين ۽ ڪمزورين کان مڪمل طور واقف آهي، بارڪ اوباما اهو به چيو هو ته 11 سيپٽمبر جي حملن کان پوءِ آمريڪي قوم دهشتگردي کان محفوظ آهي.
هونءَ ته آمريڪا جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش ايندو آهي ته چوندو آهي ته اتان جي حڪومت امن امان جي صورتحال قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي  پر هاڻ جڏهن آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون جي ويجهي ايندي ئي آمريڪا ۾ هٿياربندن رڻ ٻاري ڏنو آهي انهن کي روڪڻ لاءِ امريڪا پاڻ به هن وقت تائين ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي، جيڪي سخت سيڪيورٽي جون دعوائون ڪيون ويون انهن دعوائن جو اندازو هاڻوڪي ٿيل فائرنگ جي واقعن مان لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت آمريڪا ۾ فائرنگ جا واقعا چالاءِ وڌي رهيا آهن ۽ ڇو وڌي رهيا آهن ان بابت آمريڪي حڪومت جو ڪو به چٽو بيان سامهون نه اچي سگهيو آهي پر اڄ جڏهن آمريڪا ۾ فائرنگ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ته ائين لڳي رهيو آهي ته اڄ آمريڪا ۾ ڪراچي جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن جتي به هڪ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته  آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ هٿيارن جو وڪرو تمام گهڻو ٿي رهيو آهي ۽ بنا لائسنس ۽ غير قانوني هٿيار  رکڻ واري ماڻهن جي شرح ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو  آهي، جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما هن وقت تائين گن ڪنٽرول قانون تي عمل نه ڪرائي سگهيو آهي پر آمريڪي شهري حڪومت کان اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته جلد کان جلد هٿيارن جي وڪري تي پابندي لڳائي وڃي ۽ گن ڪنٽرول قانون تي سختي سان عمل ڪرائي وڃي ته جئين انهن رياستن ۾ امن واري فضا قائم ٿي سگهي.


No comments:

Post a Comment