Pages

Monday 25 July 2016

چهرن جي تبديلي سان نظام تبديل ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ تبديلي جي باري ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان ٻڌي رهيا هئاسين  پر اها خبر نه هئي ته اها تبديلي ايترو جلدي سنڌڪابينا ۾ اچي ويندي پر اها تبديلي نظام ۾ به ايندي يا نه اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري عرصي کان اسين سنڌ ۾ ته چهرن جي تبديلي ڏسي رهيا آهيون پر نظام تبديل ٿيندي نه پئي ڏسڻ ۾ اچي. ٿر جي صورتحال به سڀني جي سامهون آهي، جتي نه ته پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر آهي ۽ نه ئي ڪي صحت جون خاص سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جيتوڻيڪ ٿر ۾ ڏوڪار واري صورتحال برقرار آهي پر ان باوجود حڪومت اهي دعوائون ڪري رهي آهي ته ڏڪار وارن علائقن ۾ ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي ۽ اهو به چيو ويو ته ٿر ۾ ڪي به کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب فوتگيون نه ٿيون  آهن پر ميڊيا تي روزاني اهي خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته ٿر ۾ مور مري رهيا آهن  ۽ معصوم ٻارڙا به بيماري سبب فوت ٿي رهيا آهن پر حڪومت انهن خبرن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، هاڻ جڏهن رينجرز جي قيام ۽  خاص اختيارن واري معاملي هڪ دفعو ٻيهر پيپلزپارٽي کي اهم فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي به وڏ وزارت تان به هٿ ڌوئڻو پيو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هٽائڻ بابت ٻڌايو ويو آهي ته سيد قائم علي شاهه جي عمر وڌي وڃڻ سبب کيس هٽايو ويو  ۽ ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي  شاهه کي وڏي وزير طور نامزد ڪيو ويو آهي. رينجرز جي قيام ۽ خاص اختيارن وارو معاملو ته مختلف وقتن تي کڙو ٿيندو رهيو آهي ۽ ان کي بعد ۾ حل به ڪيو ويو پر هن ڀيري ڪنهن سوچيو به نه هو ته وڏي وزير کي به  عهدي تان هٽايو ويندو.
سيد قائم علي شاهه اهو ئي وڏو وزير هو، جنهن کي ڪيترائي قلمدان ڏنا ويندا هئا ۽ هو انهن سمورن قلمدانن کي سنڀاليندو آهي، گهرو وزارت جو هجي يا ڪو ٻيو قلمدان وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڀرپور نموني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جنهن سبب شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڌيءُ آصفه ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ڀيٽا به پيش ڪئي ۽ چيو ته هو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ٿورائتي آهي جنهن  ڀٽو خاندان جي ٽن نسلن  سان گڏ بيٽو ۽ ساٿ نڀايو، آصفه ڀٽو اهو به چيو ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مدد وٺندا رهندا ۽  هن جي کين ضرورت پوندي رهندي.دبئي ۾ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پ پ جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هٽائي سنڌ جو نئون وڏو وزير مراد علي شاهه کي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته سهيل انور سيال ۽ شرميلا فاروقي کي وزارتن تان هٽائڻ  تي به غور ويچار ڪيو ويو . جڏهن ته نثار کهڙي کي سنڌ جو گهرو وزير بڻائڻ جو  به امڪان ظاهر ڪيو ويو. اها تبديلي ان وقت ڏسڻ ۾ آهي جڏهن رينجرز  جي اختيارن  جو مدو ختم ٿي ويو هو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت ڪابينا ۾ اهم تبديلي جو فيصلو ڪيو  ويو  آهي،  ڪجهه ڏينهن  اڳ  امجد صابري جي وارثن سان تعزي ڪندي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري  واپس وڃڻ لڳو ته ان وقت هڪ صحافي کيس سوال ڪيو جنهن ته بلاول ڀٽو زرداري سهيل انور سيال کي اڳتي ڪري چيو ته سنڌ حڪومت جواب دو، جنهن بعد هڪ ڀيرو  ٻيهر اهي لفظ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جي هيڊ لائنن جي زينت بڻجي ويا، هون ته سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو به آزار تمام گهڻو وڌي ويو آهي پر اهو آزار ڪڏهن ختم ٿيندو ، ان بابت هاڻ اسان کي نئون ايندڙ وڏو وزير ئي ٻڌائي سگهي ٿو. هونءَ ته پيپلزپارٽي سنڌ توڙي وفاق ۾ پنهنجي مضبوط گرفت رکي چڪي آهي پر ان  باوجود کيس مختلف چيلينجن کي منهن ڏيڻو به پيو آهي،
هاڻ به سنڌ حڪومت کي مختلف ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سنڌ ۾ بي روزگاري وڌي وئي آهي ته ٻي طرف وري بدامني به چوٽ چڙهيل آهي، جيتوڻيڪ رينجرز گذريل ڪيتري ئي عرصي کان امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي پر امن امان  جي صورتحال هن وقت تائين مڪمل بحال نه ٿي سگهي آهي،  جڏهن به رينجرز جي خاص اختيارن وارو مدو ختم ٿيندو آهي ته  ان کي واڌائڻ ۾ سنڌ حڪومت اجلاس گهرائيندي  بعد ۾ وڃي رينجرز کي ٻيهر خاص اختيار ڏنا ويندا آهن، هڪ طرف سنڌ حڪومت طرف اهو چيو ويندو آهي ته  نوڪريون ناهن پر  ان باوجود سنڌ پوليس ۾ رٽائرڊ فوجين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ۾ تيل ۽ گئس ڪمپنين مان به ڪيترن ئي سنڌي آفيسرن کي فارغ ڪيو ويو آهي پر ان تي به حڪومت طرفان ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، هاڻ جڏهن سنڌ ۾ چهرن جي تبديلي ڪئي وئي آهي ته هر هڪ اها اميد رکيو ويٺو آهي ته شايد مستقبل ۾ سنڌ اندر ڪا وڏي تبديلي اچي، هر هڪ جي به اها ئي اميد ئي آهي ته سنڌ اندر جيڪي به مسئلا آهن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ڇاڪاڻ ته جيڪي به سنڌ جا نوجوان بي روزگاري جي ور چڙهيل آهن انهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي اهڙا قدم کڻي جنهن سان انهن جون حالتون سڌري سگهن، تعليم جي بهتري لاءِ به سنڌ حڪومت کي اهم قدم کڻڻ گهرجن، جيڪي به اسڪول بند  آهن، انهن کي کولرايو وڃي ته جئين ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي ۽ جن اسڪولن تي وڏيرن ۽ زميندارن جو قبضو آهي انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين ڪو ٻيو اهڙو قدم کڻي نه سگهي، سنڌ ۾ به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڌارين جي آبادڪاري جو سلسلو جاري آهي، جڏهن سنڌ اندر امن امان جي صورتحال بحال هئي ۽ ٻين صوبن ۾ امن نه هو ته اتي آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو هو، جڏهن خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ٿيو ته اتان وڏي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ٿئي جنهن کي ماضي جي روايت موجب سنڌ جو رخ ڪرايو ويو ۽ سنڌ جي حڪمرانن کي هدايت ڪئي وئي ته انهن کي ترسايو وڃي ۽ اهڙي حڪم کي سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامونر لبيڪ ڪيو ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن طرفان احتجاج به ڪيو ويو پر انهن جي احتجاج تي ڪنهن به ڪاموري ڌيان نه ڏنو جنهن سبب ڌارين جي آبادڪاري ۾ اضافو ٿيو، جنهن سبب سنڌ جي راجڌاني واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال به انتهائي خراب ٿي وئي ۽  ٻيهر ڪراچي ۾ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو، سوات کان پوءِ ڪراچي هاڻ الائي ڪٿي ڪٿي آپريشن ٿئي پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته جڏهن سوات مان لڏ پلاڻ ٿي هئي ته ان وقت حڪومت جي اها ذميواري هئي ته جيڪي به ماڻهو سنڌ اندر داخل ٿي رهيا هئا انهن جي رجيسٽريشن ڪري ها ۽ انهن کي سخت چيڪنگ کان سواءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏي ها پر حڪومت ڪو به اهڙو قدم نه کنيو جنهن جو اڄ سڄي سنڌ ڀوڳي رهي آهي، ڪنهن به سوچيو به نه هو ته هن صوفين جي ڌرتي ۾ به انتهاپسند داخل ٿي ويندا ۽پنهنجيون آپگهاتي ڪارروايون ڪري هزارين ماڻهن کي اجل جو  شڪار بڻائيندا.
ڪراچي، شڪارپور، جيڪب  آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به دهشتگردن ڌماڪا ڪيا جنهن ۾ ڪيترائي معصوم شهري مارجي  ويا ۽ انهن دهشتگردن صوفين جي ڌرتي کي رت سان وهنجاريو جن کي روڪڻ ۾ اسان جي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ناڪام وئي، افغانستان مان جڏهن لڏپلاڻ ٿي هئي ته انهن جو رخ به سنڌ ڏانهن ڪرايو ويو ۽ هاڻ اهي بيان ڏنا پيا وڃن ته انهن جي عزت سان واپسي کي ممڪن بڻايو ويندو، هاڻ اهي افغان مهاجر عزت سان واپس وڃن يا نه وڃن پر جيڪي عزت ملڪ کي ملي آهي ان جو اندازو  قبرستانن مان لڳائي سگهجي ٿو.بهر حال هاڻ سنڌ حڪومت انهن افغان مهاجرن کي هتان ڪڍندي يا نه اها ته بعد جو مسئلو آهي ان کان اڳ سنڌ سرڪار کي ٻيا به کوڙ سان چيئلنج آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي قيادت کي تمام گهڻو ڏکيو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ڪرپشن سبب ميڊيا آڏو وائکو ٿيا آهن، سنڌ ۾ آبادگار طبقو به تمام گهڻو پريشان آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي زمينن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي جنهن سبب فصل سڪي سڙي  رهيو آهي ته ڪجهه اهڙا به علائقا آهن جتي روز گهارا پئجي رهيا آهن  ۽ ان جو ذميوار به آبپاشي عملدار ئي آهن جيڪي بروقت ڪارروايون نه پيا ڪن جنهن سبب گهارا پوڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. سنڌ سرڪار کي انهن علائقن ۾ به پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي معيشيت تڏهن ئي مضبوط ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هتان جو آبادگار خوشحال هوندو ۽ انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهي به خبرون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ته ڪن هنڌن تي آبپاشي عملدار پاڻي پئسن عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن. 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ به آيل امدا د ۾ جيڪي ڪرپشن ڪئي وئي، ان جي به هن وقت تائين جاچ نه ٿي آهي، ٿر لاءِ به جييڪي ٻاهرن ملڪن طرفان امداد آئي اها ڪٿي خرچ ٿي ۽ ڪيڏانهن وئي ان بابت جاچ ٿيڻ لازمي آهي،
 سنڌ پوليس ۾ به سڌارا آڻڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ پوليس ننڊ ستل آهي ۽ اها پنجاب پوليس جنهن کي ڇوٽو گينگ ڏينهن جا تارا ڏيکاريا آهن ۽ پنجاب پوليس کي گوڏا کوڙڻا پيا هئا، اها به ايتري بهادر ٿي وئي آهي جو سنڌ اندر داخل ٿي ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد واپس هلي وڃي ٿي ۽ سنڌ پوليس کي ڪا خبر ئي نه پئي ٿي، ڇوٽو گينگ آڏو گوڏا کوڙيندڙ پنجاب پوليس پنجاب ۾ ته هن وقت تائين امن ناهي ڪرائي سگهي پر سنڌ ۾ ڪارروائي ڪرڻ  لاءِ بنا اجازت ۾ سنڌ اندر داخل ٿي ماڻهن کي مارڻ جي همت ڪري رهي آهي، جنهن تي هن وقت تائين سنڌ حڪومت جي ڪنهن به ڪاموري ڪو به بيان نه ڏنو آهي، هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو پنجاب پوليس جا اهلڪار سنڌ ۾ داخل ماڻهن کي نه ماريو هجي اڳ به گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ پنجاب پوليس جي اهلڪارن ڪارروايون ڪيون  آهن پر انهن خلاف هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي نه ٿي آهي. سنڌ جو عوام به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نظام جي تبديلي جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر هن وقت تائين ڪا به تبديلي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي هاڻ جڏهن سنڌ حڪومت ۾ چهرن جي تبديلي شروع ٿي وئي آهي جيڪا صرف وزارتون مٽائڻ تائين محدود آهي ته عوام ۾ هڪ اميد جاڳي آهي ته شايد هن ڀيري بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻندو ۽  معدني وسيلن سان مالا مال ٿر واسين جي تقدير بدلائڻ ڪي ڪوششون ڪندو ته جئين ٿر جو ماڻهو بک ۽ بدحالي کان بچي سگهن ۽ جيڪي سڄي سنڌ ۾ ٻين صوبن  جي ڀيٽ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ان کي گهٽائڻ لاءِ  حڪم جاري ڪندو ته جئين عوام جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پٽ آصف علي زرداري تي ڀرپور  اعتماد بحال ٿئي ۽  ايندڙ وقت ۾ پيپلزپارٽي سنڌ مان اڪثريت سان کٽي پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن سنڌ مان بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو وڃي باقي رهي ڳالهه ڪابينا ۾ تبديلي ڪرڻ جي ته پوءِ ان سان نه ته ڪو فائدو ٿيندو  ۽ نه ئي نظام ۾ ڪا تبديلي ايندي.  


No comments:

Post a Comment