Pages

Friday 29 July 2016

پنجاب پوليس جا ڪلور

صاحب خان ڀٽي
گذريل  ڪيتري عرصي کان سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال قانون لاڳو ڪندڙ اداران لاءِ هڪ  چيلينج بڻيل آهي، جنهن سبب شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ٻين  شهرن ۾ ڦرن، چورين ۽ اغوا  جي وارداتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي  پر ان باوجود سنڌ پوليس اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته انهن امن کي بحال ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري  ورتي آهي. هڪ طرف سنڌ پولس جون ڪارروايون جاري آهن ته ٻي طرف وري پنجاب پوليس به ڏوهارين خلاف سرگرم ٿي  وئي آهي ۽ پنجاب پوليس جا اهلڪار بنا ڪنهن جي اجازت جي سنڌ جي ڳوٺن تي حملو ڪري بي گناهه ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ بعد  ماري رهيا آهن پر ان باوجود سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت طرفان ڪو به بيان سامهون اچي نه سگهيو آهي، انساني حقن جون تنظيمون به هن وقت تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي پر سول سوسائيٽي طرفان ڪجهه شهرن ۾ پنجاب پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن پر ان باوجود سنڌ جي ڪامورن  جي ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ۾ هڪ ڳوٺ تي پنجاب جي صادق آباد جي پوليس 16 موبائيلن ۾ سوار ٿي نوالبشر پٺاڻ جي گهر تي چڙهائي ڪئي اتي موجود 7 ڄڻن الاهي مزاري، محمد سليم مزاري، خان محمد انڍڙ، جان محمد انڍڙ، خان محمد انڍڙ ۽ مير محمد سميت 7 ڄڻن کي سري عام گوليون هڻي ماري ڇڏيو ۽ پنجاب پوليس ويندي ويندي انهن جا لاش به پاڻ سان گڏ پنجاب کڻائي وئي هئي، اهڙيون خبرون ڪيترن ئي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي نشر به نشر ٿيون هيون. ٻڌايو پيو وڃي ته رحيم يار خان جي ايس ايس پي زيشان اصغر جي اڳواڻي ۾ پنجاب پوليس جي ٽن ٿاڻن ڀنگ، ڪوٽ سبزل ۽ احمد پور لما ٿاڻن جي پوليس جي وڏي اٽالن ڪشمور پوليس کي اطلاع ڏيڻ بنا ڪاروائي ڪئي هئي، پنجاب پوليس جي اهڙي ڪارروائي ۾ گڊو جو رهواسي الاهي مزاري پڻ مارجي ويو هو، جڏهن ته  الاهي مزاري جي والد شملي مزاري ميڊيا  آڏو اهو بيان ڏنو هو ته پنجاب پوليس بنا جواز ڪاروائي ڪري سندس پٽ کي ماريو  آهي ۽ سندس پٽ خلاف سنڌ ۽ پنجاب سميت ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ ڪو ڪيس داخل نه آهي.
 اهڙي واقعي بعد سڄي سنڌ ۾ هڪ خوف واري لهر به ڇائنجي وئي هئي پر افسوس جو سنڌ حڪومت توڙي سنڌ پوليس اهڙي ڪارروائي تي ڳالهائڻ بدران ڪن لاٽار ڪئي، جنهن مان لڳي رهيو هو ته هاڻ  پنجاب پوليس کي به سنڌي نوجوانن کي مارڻ جو لائسنس ڏنو ويو  آهي. جهڙي ريت پنجاب پوليس سنڌ ۾ داخل ٿي ڪارروائي ڪئي شايد سنڌ پوليس اهڙي ڪارروائي ڪرڻ جي ڪڏهن جرئت به نه ڪئي هوندي، پر ڪشمور ۾ ٿيل پنجاب پوليس جي ڪلور بعد هڪ ڳالهه ته واضع آهي پنجاب پوليس تمام گهڻو بهادري وارو ڪارنامو ڪيو آهي جنهن ستن ڄڻن کي ماري اهو ثابت ڪيو ته هنن مقابلي ۾ ڏوهارين کي ماريو آهي. جڏهن پنجاب پوليس سنڌ ۾ داخل ٿي ڪارروائي ڪئي هئي ته ان وقت اهي خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته ڏوهارين کي ماريو ويو پر بعد جڏهن مارجي ويلن جي وارثن احتجاج ڪيو  ته اهو محسوس ٿيو ته هاڻ سنڌين جو والي وارث نه رهيو آهي جنهن سبب پنجاب پوليس مصعوم ماڻهن کي ماري بهادري جو راڳ ڳائي رهي  آهي. رحيم يار خان جي ايس پي زيشان اصغر پنجاب ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ماريل ڏوهارين جو تعلق پنجاب جي بدنام ڏوهاري گينگ انڍڙ گينگ سان هو، جن 3 ڏينهن اڳ پنجاب مان هڪ ماڻهون کي اغوا ڪيو جنهن جي اطلاع تي پنجاب پوليس ڪاروائي ڪئي ۽ انڍڙ گينگ جي سربراھ خان محمد انڍڙ کي ساٿين سميت گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  ته مقابلو ٿيو، ذيشان اصغر اهو چيو هو ته جوابي فائرنگ ۾ 7 ڏوهارين کي هنن ماريو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو  آهي ته جڏهن پنجاب پوليس جا اهلڪار ڪارروائي ڪري هليا ويا ته ڪشمور پوليس اهڙي ڪارروائي کان تعلقي جو اظهار ڪيو ۽ صحافين کي ڪوريج کان روڪي ڇڏيو پر ان باوجود صحافين بهادري جو مظاهرو ڪندي پنجاب پوليس جي اهڙي  پوليس گردي کي سامهون  آندو، ڪجهه صحافين اهو به چيو ته پوليس سان سندن ڪوريج جي معاملي تان منهن ماري به ٿي. ڪشمور  ۾ مارجي ويل ڏوهاري هئا يا نه اها ته سنڌ پوليس جي رڪارڊ مان ئي خبر پئجي سگهجي ٿي، ڪشمور  واقعي بابت اهي خبرون هلي رهيون آهن ته پنجاب پوليس جڏهن گهرن تي چڙهائي ڪئي ته ستن ڄڻن کي مارڻ بعد پناجب پوليس چار عورتن کي کنڀي  وئي، جڏهن ته ڪشمور پوليس طرفان اهو بيان ڏنو ويو ته پنجاب پوليس طرفان کين  ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو هو ۽ ڪارروائي بابت کين ڪابه ڄاڻ نه  هئي. هن پنجاب پوليس جا ٻيا به  ڪيترائي بهادري  وارا ڪارناما آهن،
 هڪڙو وڏو ڪارنامو پنجاب پوليس جو اهو به آهي ته جڏهن راجنپور جي ڪچي واري علائقي ڇوٽو گينگ پنجاب پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻايو ته ان وقت پنجاب صوبي جي سڄي پوليس ناڪام ٿي وئي هئي ۽ پوليس کي فوج کان مدد وٺڻ جي ضرروت پئي، ڇوٽو گينگ جو ننڍڙو ٽولو پنجاب پوليس کي ائين نچائي رهيو هو جئين مداري ڀولڙي کي دگ دگي  ذريعي نچائيندو آهي ۽ ان ڪارروائي دوران ڇوٽو گينگ جي ڏوهارين ستن پوليس کي به ماريو هو ۽ 18 کي يرغمال بڻايو هو. جنهن تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي تمام گهڻو افسوس ٿيو هو.جڏهن پنجاب پوليس ڇوٽو گينگ آڏو گوڏا کوڙيا هئا  گڏهن اهو محسوس ٿي رهيو هو ته واقعي پنجاب پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ پنجاب پوليس جي وس ۾ ناهي رهيو، جنهن سبب اڄ به پنجاب ۾ دهشتگرڊن جا ٺڪاڻا موجود آهن ۽ ڪجهه عرصو اڳ جڏهن وفاقي گهرو وزير اعلان ڪيو هو ته پنجاب ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويندو ته اچانڪ پنجاب جون حالتون خراب ٿي  ويون هيون، جنهن بعد خبر ئي نه پئي ته اهو آپريشن شروع به ٿيو آهي يا اهو آپريشن ختم ٿي ويو آهي، جيڪڏهن واقعي آپريشن  پنجاب ٿي رهيو آهي ته اهو بهتر عمل آهي پر جيڪڏهن اهو آپريشن بند آهي ته ٻين صوبن ڪڏهن به امن قائم نه ٿيندو، ڇو ته دهشتگرد انهي صوبي رهندا آهن جتي کين تحفظ محسوس ٿيندو ۽ انهن کي اها پڪ هوندي آهي ته انهن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي. سنڌ پوليس به اها دعويٰ ڪري چڪي آهي ته ڏوهاري ٻين صوبن کان اچي سنڌ ۾ ڪارروايون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا جنهن سبب امن امان جي صورتحال مڪمل طور بحال نه ٿي سگهي آهي. بهر حال ذڪر هلي رهيو هو ڇوٽو گينگ جو ته واقعي ڇوٽو گينگ اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو جيڪو اڄ تائين ڪو به ڏوهاري نه سگهيو هيو، جهڙي ريت پنجاب پوليس جي اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ماريو  ويو.
، اهڙرو مثال ڪٿان به نه ٿو ملي. جڏهن پنجاب پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي، تڏهن پاڪ فوج کي طلب ڪيو ويو هو جنهن تي ڪيترن ماڻهن اهي بيان به ڏنا هئا ته پنجاب پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن سبب فوج کان مدد طلب ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پنجاب پوليس معمولي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ فوج کي طلب ڪري سگهي ٿي پوءِ پنجاب ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي دهشتگردن خلاف ڪئين ڪارروائي ٿي رهي آهي ۽ پنجاب پوليس مان هاڻ اها اميد به نٿي رکي سگهجي ته پنجاب پوليس ڪنهن به خطرناڪ دهشتگرد خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پنجاب پوليس جو حڪم صرف به  غريب معصوم شهرين تي هلندو آهي ۽ پنجاب پوليس به جيڪڏهن ڪارروائي ڪندي آهي ته اها صرف بي گناهه شرين خلاف ڪندي آهي. باقي جيڪا پنجاب پوليس ڇوٽو گينگ کي گرفتار نه ڪري سگهي ته اها پنجاب پوليس 7  ڏوهارين کي مقابلي ۾ ڪئين ماري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها پنجاب پوليس آهي جيڪا ڇوٽو گينگ کي گرفتار ڪرڻ وئي هئي ته 17 پوليس  اهلڪارن جا لاش کڻي آئي هئي پر ان پوليس کي سنڌ جي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي همت ڪئين  پيدا ٿي؟ جنهن جو جواب شايد پنجاب پوليس ئي ڏئي سگهي يا وري اسان جا ڪامورائي انهن کان سوال پڇي سگهن ٿا. بهر حال پنجاب پوليس جي بهادري ته ڇوٽو گينگ واري فلم مان لڳائي سگهجي ٿو جنهن جون خبرون ماڻهن تمام گهڻيو غور سان پڙهيون ۽ ٻڌيون هيون، جڏهن راجنپور ۾ پنجاب پوليس ناڪام ٿي فوج اچي هوائي ۽ زميني ڪارروائي ڪئي، آپريشن دوران هوائي نگراني لاءِ هيليڪاپٽڙ به استعمال ڪيو هو ۽ اها وارننگ ڏني وئي هئي ته هٿيار ڦٽا ڪيا وڃن. جنهن بعد آپريشن دوران ڇوٽو گينگ جي سربراهه غلام رسول عرف ڇوٽو بکراڻي  74 ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري پيش ڪئي هئي، بهر حال اهو اشو ته هاڻ ختم ٿي چڪي آهي پر اهو اوقعو اڃا تائين ڪنهن کان به وسرونه آهي.  ڪشمور ۾  پنجاب پوليس اهلڪارن  هٿان مارجي ويلن جي خون سان ته هن وقت  تائين ڪو به انصاف نه ٿي سگهيو آهي،  هي ڪا پهرين ڪارروائي نه هئي پنجاب ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پنجاب پوليس بنا ڪنهن جي اجازت کانسواءِ سنڌ ۾ داخل ٿي ڪارروائي ڪندي رهي  آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت خاموش رهي آهي. جنهن سبب پنجاب پوليس کي اڃا به وڌيڪ همت اچي وئي آهي جيڪا بنا عورت پوليس اهلڪارن جي هوندي عورتن کي کنڀي کڻي وئي، جنهن بابت هن وقت تائين ڪنهن  به سماجي اداري احتجاج رڪارڊ ناهي ڪرايو.  ماضي ۾ به پنجاب پوليس ڏوهارين جو جواز  ڄاڻائي سنڌ ۾ داخل ٿي بنا ڪنهن کي اطلاع تي ڄڻ جي گرفتاريون عمل ۾ آنديون آهن پر هاڻ جڏهن ڪشمور ۾ ستن ڄڻن کي مارڻ  واقعو پيش آيو آهي ته ان وقت هتان جون اختياريون تماشائي بڻيل آهن.

No comments:

Post a Comment