Pages

Friday, 16 September 2016

ٽرانسپورٽ جي گهٽتائي ۽ پابندي وارا فيصلا

صاحب خان ڀٽي
سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي کي ميگا سٽي سڏيو ويندو آهي، ايتري قدر جو هن شهر کي وفاقي حڪومت ملڪ جي معاشي ڪرنگهي واري هڏي طور به تسليم ڪندي آهي پر افسوس جو حڪومتي بي ڌياني سبب هن شهر جي شهرين کي بلڪل ننڌڻڪو ڇڏيو  ويو آهي، نه ته شهرين کي ٽرانسپورٽ جي ڪا بهتر سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪو بجلي جو صحيح بندوبست ڪيو ويوآهي، جنهن سبب هن شهر جا شهري بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ ٽرانسپورٽ جي گهٽتائي کي به منهن ڏئي رهيا آهن. ڊي آءِ جي ٽريفڪ به ڪراچي جي اهم ترين شاهراهه فيصل تي رڪشن تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر عوامي جي ڏکيائن کي ڏسندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ امير شيخ رڪشن تي پابندي واري فيصلي کي هڪ مهيني لاءِ واپس وٺي ڇڏيو ۽ چيو ته شاهراهه فصل جي سروي بعد فيصلو ڪيو ويندو ته رڪشن کي شاهراهه فيصل تي هلڻ جي اجازت ڏني وڃي يا وري ان تي مڪمل طور پابندي لڳائي وڃي، ڊي آءِ جي امير شيخ اهو به چيو ته هيوي ٽريفڪ ۽ موٽرسائيڪل تي ٽن ڄڻن جي سوار ٿيڻ تي پابندي برقرار رهندي، ڪجهه عرصو اڳ به چنگچي رڪشا تي به پابندي لڳائي هئي، جنهن کي عدالت ۾ به چيلينج ڪيو ويو هو پر افسوس جو اڄ تائين ڪراچي ۾ چنچگي رڪشو نه هلي سگهيو آهي، جنهن بابت ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ٽرانسپورٽ مافيا ملي ڀڳت ڪري چنگچي رڪشائن کي بند ڪرايو هو، هاڻ ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي، ان بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته چنگچي رڪشائن سبب ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي سستي ۽ هڪ وڏي سهولت شهرين  کي ملي وئي جنهن تي به حڪومت پابندي لڳائي ڇڏي، هاڻ وري رڪشائن تي پابندي لڳائڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. هڪ ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ نه هجڻ جي برابر آهي ته ٻي طرف وري غريب ماڻهن کان روزگار کسڻ واري به حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، جنهن سبب رڪشن جي ڊرائيورن ۾ بي چيني پکڙجي وئي آهي ۽ کين خدشوآهي ته متان ساڻن به اهو ورتاءُ ڪيو وڃي، جئين چنگچي رڪشائن سان ڪيو ويو هو. جڏهن چنگچي رڪشا هلائيندڙن کان روزگار کسڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ته ان وقت به ڊرائيورن احتجاج ڪيو هو پر انهن جون دانهون  ڪنهن به نه ٻڌيون هيون. هاڻ جڏهن ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي جي اهم ترين شاهراهه تي رڪشن تي پابندي لڳائڻ  فيصلو ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي ۽ هڪ مهيني جي مهلت به ڏئي ڇڏي آهي ته ان مان لڳي پيو ته هن ڀيري به ڪيترن ئي ماڻهن کي بي روزگار ڪيو ويندو، هڪ طرف هن ملڪ ۾ بيروزگاري آهي ته ٻي طرف وري حڪومت جن وٽ روزگار آهي انهن کان کسڻ ۾ لڳي پئي آهي، بهر حال ماضي ۾ جيڪو شهرين سان ٿيو آهي ان جو مثال به شايد تاريخ ۾ ڪٿي به نه ملندو.
هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته حڪومت جي ذميواري هوندي آهي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ روزگار ڏيڻ، پر هن حڪومت ۾ ته سڀ ڪجهه الٽوئي ٿي رهيو آهي.عوام کي سستي ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ بدران انهن کان سهولتون کسي رهي آهي، جيڪڏهن ڪراچي جي اهم ترين شاهراهه تي رڪشن تي پابندي لڳائڻ وارو حتمي فيصلو ڪيو ويو ته پوءِ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾سوين ماڻهن وٽ رڪشا آهن جن سان هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيا آهن پر شايد حڪومت کي انهن تي ڪڏهن به ترس نه ايندو، ان جو مثال چنگچي رڪشن تي لڳايل پابندي مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن چنگچي رڪشائن تي پابندي لڳائي وئي هئي ته ان وقت به غريب ڊرائيورن تمام گهڻو احتجاج ڪيو هو پر افسوس جو حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري  هئي. مشرف دور ۾ به جڏهن هن ميگا سٽي ۾ ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ  پاران گرين بس سروس جو آغاز ڪيو ويو هو، ته ان وقت ان بس جو روٽ مخصوص علائقن تائين محدود ڪيو ويو هو، جنهن مان شهرين کي ڪا خاص سهولت نه ملي سگهي هئي. جيتوڻيڪ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال پنهنجي دور ۾ ڪراچي ۾ ڪجهه پلون قائم ڪيون هيون ۽ سندس تعريف ايم ڪيو ايم جي باني به ڪئي هئي، ايتري قدر جو مصطفيٰ ڪمال کي بهترين ميئر به سڏيو ويو هو،  پر افسوس جو ان ئي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال صرف انهن علائقن ۾ ئي ترقياتي ڪم ڪرايا هئا، جتي سندس ووٽ بئنڪ هو، باقي ٻين علائقن کي مڪمل طور  نظر انداز ڪيو ويو هو، ان جو مثال  ڪراچي جي سنڌين وسندين مان ملي سگهي ٿو، جن کي اڄ به صوبائي توڙي وفاقي حڪومت نظر انداز ڪري رهي آهي. اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ جي دور کان اڳ گلستان جوهر جي پهلوان ڳوٺ کان صفوران ڳوٺ تائين روڊ بلڪل صحيح سلامت هوندو  هو پر جڏهن مصطفيٰ ڪمال ميئر ٿو هو ته ان وقت پهلوان ڳوٺ ۾ پائپ لائن وڇائي وئي هئي جنن سبب روڊ ٽٽي ويو هو، جيڪو اڄ تائين نه ٺهي سگهيو آهي،
 هاڻ ته اهو روڊ هڪ پاسي کان بند ٿي چڪو آهي، گند ڪچرو ۽  گندو پاڻي به  ان روڊ  تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي  پر حڪومت ان روڊ کي هن وقت تائين ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهي آهي، جنهن سبب پهلوان ڳوٺ کان صفوران ڳوٺ تائين  ماڻهن کي وڃڻ ۾ تمام گهڻيون ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. اهي به ڪي ڏينهن هوندا هئا، جڏهن ان روڊ سان ٽرانسپورٽ جي گهٽتائي محسوس نه ٿيندي هئي ۽ اڌ رات جو به  گاڏي ملي ويندي هو پر هاڻ رات جو 8  يا 9 کانپوءِ صدر، ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن ڏانهن وڃڻ لاءِ گاڏي ملڻ تمام گهڻو  مشڪل ٿي ويو آهي. ان جا به کوڙ سارا سبب آهن، هڪ حڪومتي جي بي ڌياني آهي ته  ٻيو وري سياسي تنظيمن جون  هڙتالون آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن بدنصيب شهر ۾ دهشتگردن اهڙيون ته ڪهري ڪارروايون ڪيون آهن جو ڪو اهڙو شخص نه بچيو هوندو جيڪو متاثر نه ٿيو هجي، شايد ئي ڪو اهڙو شخص بچيو هجي، جنهن کان هن شهر مان ڦر نه ٿي هجي ۽  ڪو اهڙو شخص هوندو،جنهن کي مالي نقصان نه پهچايو ويو هجي. هن شهر جي وڏي بدنصيبي اها به رهي آهي ته جڏهن به هڪ سياسي تنظيم ڪاوڙبي آهي ته اها شهر ۾ باهيون ٻاري ڇڏيندي آهي پر جڏهن کان ڪراچي ۾ رينجرز جون ڪارروايون شروع ٿيون آهن، تنهن ڏينهن کان ان تنظيم پنهنجيون ڪارروايون روڪي ڇڏيون آهن، جنهن  سبب ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي سگهيو آهي. بهرحال جڏهن به هن شهر ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو ته ان وقت ڪراچي ۾ ڪيترن ئي بسن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي باهيون ڏنيون وينديون هيون، جنهن عمل هڙتال جو اعلان ٿيندو هو ته ان وقت ان تنظيم جا ڪارڪن پبلڪ ٽرانسپورٽ کي نقصان پهچائيندا هئا جيڪڏهن هن و قت تائين جيڪي به هڙتالون ٿيون ۽ انهن هڙتالن ۾ جيترين گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون ، جيڪڏهن انهن سمورين گاڏين جو حساب ڪتاب لڳايو وڃي ته هزارين گاڏيون هونديون، جن کي دهشتگردن باهه ڏئي ساڙيو، اڄ جڏهن ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي کوٽ  آهي ۽ بسون گهٽ آهن جنهن سبب شهري پريشان آهن ۽ اهي پنهنجي منزل ڏانهن وقت تي نه پهچي رهيا آهن، ان جو  وڏو ڪارڻ به پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ آهي. ماضي ۾ جيڪي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ بسون خريد ڪيون  ويون هيون اهي به الائي ڪٿي آهن، اهي بسون ڪجهه عرصو روڊن تي نظر ته آيو پر بعد اهي غائب ٿي ويون، جنهن مان به عوام کي ڪو خاص لاڀ نه ملي سگهيو ۽ اهي بسون ڪٿي آهن، انهن جي حالت ڪهڙي آهي، اهي بسون هلنديون به يا نه، ان بابت هن وقت تائين جاچ ناهي ڪئي وئي، 
جيڪڏهن حڪومت جيڪي بسون خريد ڪيون هيون انهن کي نه ٿي هلائي سگهي  ۽  حڪومت کي اهو خدشو آهي ته  کين ڪراچي شهر ۾ بسون هلائڻ سان نقصان پهچي رهيو آهي ته پوءِ  کي گهرجي ته سمورن جيڪي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري خريد ڪيون ويون انهن کي پرائيوٽ ڪري عام بس ڊرائيورن کي ڏنيون وڃن يا وري اهي بسون ٺيڪي تي ڏنيون وڃن ته جئين ڪراچي ۾ پيدا ٿيل پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ ختم ٿي سگهي ۽ حڪومت به نقصان کان بچي وڃي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ اهي بسون بيٺي بيٺي ڳري وينديون ۽ ڪنهن جي ڪم نه اينديون ۽ اهو نقصان حڪومت سان گڏ عوام جو به هوندو، ان لاءِ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي به رڪشن تي پابندي لڳائڻ کان  ٿورو ضرور سوچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ٽرانسپورٽ جي کوٽ آهي ته ٻي طرف رڪشن تي جيڪڏهن پابندي لڳائي وئي ته پوءِ ڪيترائي رڪشا ڊرائيور فاقا ڪشي ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا. جنهن لاءِ  صوبائي حڪومت کي  گهرجي ته اهڙو فيصلو ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ اڳ جيڪي چنگچي رڪشا تي پابندي لڳائي وئي هئي ان کي ختم ڪري ماڻهن کي روزگار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جئين شهري به ٽرانسپورٽ جي کوٽ کان نجات حاصل ڪري سگهن  ۽ ڪنهن به شهري کي گاڏين جو انتظار نه ڪرڻو پيو.

No comments:

Post a Comment