Pages

Tuesday 25 October 2016

ڪوئيٽا تي ٻيهر دهشتگردن جو وار....

صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي هڪ اهڙو ناسور بڻجي وئي آهي جنهن خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، افغانستان هجي يا وري پاڪستان، ڪو به ملڪ دهشتگردي کان بچي نه سگهيو آهي، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ جڏهن به ڪو دهشتگردي جو واقعو پيش آيو آهي ته ان جو الزام به پاڪستان تي هنيو ويو آهي، افغانستان ۾ ڪا به ڪارروائي ٿيندي آهي ته ان بابت به اهو چيو ويندو آهي ته انهن جو رابطو پاڪستان سان هو، پر افسوس جو الزام لڳائيندڙن اهو ڪڏهن به ناهي سوچيو ته پاڪستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ دهشتگردي سبب شهرين کان ويندي هزارين سيڪيورٽي اهلڪارن پنهنجي جانين جا نظرانا ڏنا آهن، ايتري قدر جو دهشتگردن اسڪولن تي به حملو ڪري ڪيترن ئي ٻارڙن کي به شهيد ڪيو آهي پر افسوس جو عالمي سطح تي پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن ۽ شهرين جي قرباني جو ڪو خاص اعتراف نه ٿو ڪيو وڃي ۽ هر ڀري صرف دهشتگرد خلاف وڌيڪ ڪاررواين جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو، پر چوندا آهن ته دهشتگردن جو ڪو به دين يا مذهب نه هوندو آهي ۽ اهي ڪٿي به حملو ڪري سگهن ٿا ۽ پاڪستان ۾ به اهو سلسلو جاري ۽ ساري آهي، هونءَ ته ملڪ اندر دهشتگردن خلاف ڪارووايون جاري آهن ۽ ڪومبنگ آپريشن به هلندڙ آهي پر ان باوجود دهشتگرد سيڪيورٽي ادارن سان گڏ عام شهرين کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن، ڪڏهن مذهبي انتهاپسند دهشتگرد امام بارگاهن تي آپگهاتي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻائين ٿا، 24 ۽ 25 آڪٽوبر 2016 جي رات جي وچ ۾ به اهڙو هڪ واقعو بلوچستان جي گادي واري شهر بلوچستان ۾ پيش آيو جنهن ۾ 55 کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، 
رات جي اونداهي ۾ دهشتگردن ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي نيو پوليس ٽريننگ سينٽر حملو ڪيو ۽ سينٽر ۾ داخل ٿي فائرنگ ۽ ڌماڪا ڪيا جنهن سبب 55 کان وڌيڪ اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن حملي جو اطلاع ايف سي کي مليو ته ان وقت ايف سي سان گڏ فوج جا دستا بروقت پوليس ٽريننگ سينٽر پهچي ويا، جڏهن ته سڄي علائقي جي پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرن نگراني به ڪئي، پوليس ٽريننگ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 117 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي به ٿيا، جن کي بي ايم سي ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جن مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي به ٻڌائي وئي هئي. جڏهن ته دهشتگردن جي حملي کانپوءِ ڪوئيٽا جي سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي به لڳائي وئي هئي، سيڪيورٽي ادارن طرفان ٻڌايو ويو هو ته سينٽر ۾ 4 ڌماڪا به ڪيا ويا جنهن بعد پوليس سينٽر جي ڪمپائونڊ ۾ باهه لڳي وئي هئي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر برگيڊ عملي کي به طلب ڪيو ويو هو، جن وقت تي پهچي باهه تي ضابطو آندو هو، سيڪيورٽي ادارن طرفان اهوبه ٻڌايو ويو هو ته پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 250 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو هو، جڏهن ته سينٽر جي هڪ ڪمري مان 8 ۽ ٻئي مان 10 اهلڪارن جا لاش هٿ ڪيا ويا هئا، دهشتگردن جي حملي ۾ فراز، عنايت الله، عاصم، مجيب الله، شبير، ڪامران، بشير احمد، جاويد عالم، شير جان، عزيز احمد ، شاهد، رياض احمد، اظهر احمد، محمد شعيب،خطير علي، منور علي، فتح علي دودو، گلشير سميت 117 کان وڌيڪ تربيت حاصل ڪندڙ اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، جن کي بلوچستان حڪومت طرفان هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ حملي بابت بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته دهشتگردن سڀ کان پهرين مين گيٽ تي موجود اهلڪار کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ڀرپور جوابي ڪارروايئي سخت مقابلو ڪيو، 
جڏهن دهشتگردن سنتري کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ ٽئين دهشتگرد سينٽر ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سرفراز بگٽي اهو به ٻڌايو ته پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 7 سئو اهلڪار موجود هئا. جڏهن ته هڪ دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ ماريو ويو، جڏهن ته ٻن دهشتگردن آپگهاتي بم سان پاڻ کي اڏائي ڇڏيو، ٻي طرف ايف سي آءِ جي بلوچستان شير افگن به ميڊيا کي ٻڌايو ته دهشتگردن جو رابطو افغانستان هو، جڏهن ته 11 لڳي 10 منٽن تي کين حملي جو اطلاع مليو، شيرافگن اهو به ٻڌايو ته دهشتگردن کي افغانستان مان هدايت ملي رهي هئي، آپريشن 4 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويو، آءِ جي ايف سي اهو به بڌايو ته حملي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي ۽ العالمي ملوث آهي، بهرحال ڪوئيٽا ٽريننگ سينٽر سانحي تي حملو ڪندڙن کي 4 ڪلاڪن بعد ماريو ويو ۽ سينٽر کي ڪليئر قرار ڏنو و يو، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن طرفان اهو به ٻڌايو ويو ته ٽنهي دهشتگردن کي آپگهاتي جيڪٽ به پاتل هئا، جن مان ٻن دهشتگردن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو هو، جنهن بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي  کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو هو، بلوچستان جي وڏي و زير ثناءَ الله زهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کين ٽي چار ڏينهن اڳ دهشتگردي جو اطلاع هو جنهن سبب هنن سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي هئي، ثناءَ الله زهري اهو به چيو ته دهشتگردن کي شهر ۾ حملي جو موقعو نه مليو ته هنن ڀرپاسي وارن علائقن ۾ حملو ڪيو، ٻي طرف وزيراعظم نوازشريف ٽريننگ سينٽر تي حملي جي سخت لفظن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته هو شهيد ٿيل اهلڪارن جي وارثن سان افسوس ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، ٻي طرف آمريڪا طرفان به ڪوئيٽا حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جان ڪربي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هن ڏکي گهڙي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ڏک ۾برابر جا شريڪ آهن، جڏهن ته مختلف پارٽين جي اڳواڻن طرفان به ڪوئيٽا سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ مذمت ڪئي وئي. 
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪو پهريون ڀيرو ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي ناهي ٿي پر ان کان اڳ به دهشتگردن ڪيترن ئي علائقن ۾ قهري ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ وڪيلن کي نشانو بڻايو آهي، ڪجهه عرصو اڳ هڪ وڪيل کي شهيد ڪرڻ بعد ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ڌماڪو ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيترائي وڪيل شهيد ٿي ويا هئا، ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز تي به حملا ٿيندا رهيا آهن. 19 آڪٽوبر 2015 ع ۾ به ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن رت جي راند ۾ 11 بي گناهه ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو، 11 آگسٽ 2016ع ۾ ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي زوردار ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ 5 پوليس اهلڪارن سميت 11 ڄڻا مارجي ويا هئا. 5 آڪٽوبر 2016ع تي به ڪوئيٽا ۾ هزاره ڪميونٽي سان تعلق رکندڙن کي قتل ڪيو ويو هو، دهشتگردن بس کي روڪي 5 عورتن کي قتل ڪيو هو ان کان به هزارن ڪميونٽي کي نشانو بڻايو ويو، هونءَ ته بلوچستان ۾ پرڏيهي مداخلت جا سيڪيورٽي ادارا رپورٽ جاري ڪندا رهيا آهن پر ان باوجود پاڙيسري ملڪن جي مداخلت  رڪجي نه سگهي آهي، بلوچستان ۾ راءِ جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي به حراست ۾ ورتو ويو هو،  جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن پاڙيسري ملڪن جي مداخلت جا ڪيترائي ثبوت به گڏ ڪري ورتا هئا پر ان باوجود دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ اندر دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن ته انهن جا پيرا به پاڙيسرين ملڪن ڏانهن به ويا آهن، جڏهن کان پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون تيز ٿيون تڏهن کان سيڪيورٽي ادارن پاڪ افغان بارڊر تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن افغانستان طرفان سرحد تي ڇڪتاڻ پيدا ڪئي  وئي هئي پر ان باوجود اسان جا حڪمران اهو چوندا رهيا ته افغانستان اسان جو برادر ملڪ آهي ۽ ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي، 
بهرحال جيڪو هاڻ ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملو ٿيو آهي ان وقت آءِ جي ايف سي شير افگن اهو ئي ٻڌايو آهي ته حملو ڪندڙ دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي ۽ العالمي سان هو، جڏهن ته دهشتگردن کي هدايتون افغانستان مان جاري ڪيون ويون، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا اسان جي حڪومت اڃا به افغان مهاجرن جي مهمان نوازي ڪندي يا وري انهن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ڪرڻ جو ڪو حتمي فيصلو ڪندي پر اهو فيصلو ڪرڻ شايد حڪومت لاءِ تمام گهڻو ڏکيو هوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني حڪومت جڏهن افغان مهاجرن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي ته انهن کي 50 لک نوڪريون به ڏنيون ويون هيون جنهن جو اعتراف پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز گڏيل قومن ۾ به ڪري چڪو آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جن  افغان مهاجرن کي نوڪريون ڏنيون ويون اهي مهاجر ڪئمپن ۾ ته نه رهيا هوندا، انهن گهر به پنهنجا وٺي ڇڏيا هوندا ۽ ڪاروبار به شروع ڪري ڇڏيو هوندو ۽ نادرا جو جيڪو حشر آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، مطلب ته انهن افغان مهاجرن آساني سان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا هوندا ۽ هاڻ انهن کي ڪڍڻ حڪمرانن  لاءِ تمام گهڻو ڏکيو بڻجي ويندو. جنهن لاءِ ضروري آهي ته ملڪ اندر سيڪيورٽي سخت ڪرڻ سان گڏ افغان مهاجرن کي جلد کان جلد ملڪ مان تڙيو وڃي ته جئين امن امان جي صورتحال برقرار رهندي، ڇاڪاڻ ته هاڻ جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن انهن جا پيرا افغانستان طرف به وڃي رهيا آهن ۽ ان جو اعتراف اسان جا سيڪيورٽي ادارا به ڪري رهيا آهن.
sahibalisindhi@gmail.com


No comments:

Post a Comment