Pages

Sunday 30 October 2016

روشنين جي شهر ۾ ٻيهر دهشتگردي

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي شهر جنهن کي روشنين جو شهر سڏيو ويندو هو ان کي اڄ دهشتگردن پنهنجي دهشت سان اونداهي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، دهشتگردن جي روشنين جي شهر ۾ ٿيل قهري ڪاررواين کان پوءِ نه معشيت بهتر ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي واپاري توڙي شهري پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو دهشتگرد ڪجهه وقت لڪڻ بعد ٻرن نڪري اچن ٿا ۽ پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي وري گم ٿي وڃن ٿا، سيڪيورٽي ادارا به روز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪري دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن پر ان باوجود دهشتگردي ختم ٿيندي نظر ئي نه پئي اچي، ڪڏهن دهشتگرد سڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻائن ٿا ته ڪڏهن وري عام شهرين کي مارين ٿا ته ڪڏهن وري فرقيوارڻا فسا پکيڙڻ جي سازش ڪن ٿا جنهن سبب هن شهر جو امن تباهه ٿي ويو آهي، ماضي ۾ جڏهن هڪ سياسي جماعت طرفان سوڳ جو سڏ ڏنو ويندو هو ته هي روشنين جو شهر منٽن ۾ بند ٿي ويندو هو ۽ روڊ ويران ٿي ويندا هئا پر جڏهن کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لنڊن جو رابطو ختم ڪرايو آهي تنهن ڏينهن کان هڙتالون ته ختم ٿي ويون پر دهشتگردي ڪارروايون اڄ به جاري ۽ ساري آهن،
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن روشنين جي شهرن ۾ دهشتگردن جو راڄ قائم هو ان وقت پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم طرفان مطالبو ڪيو هو ته شهر کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو وڃي جنهن لاءِ آپريشن کي لازمي قرار ڏنو ويو هو، جنهن جي ان وقت واکاڻ به ڪئي وئي هئي ڇاڪاڻ ته هر هڪ شهري جي اها ئي خواهش هئي ته هن مورڙي جي شهر ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿئي پر افسوس جو جڏهن آپريشن شروع ٿيو ته ان وقت مختلف جماعتن طرفان اهي رڙيون ڪيون ويون ته انهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ رينجرز صرف انهن جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رهي آهي، اهڙي مخالفت بعد رينجرز طرفان اهو بيان به جاري ڪيو ويو هو ته شهر ۾ ڪجهه سياسي پارٽين کي هٿياربند ونگز به آهن جنهن کي ختم ڪرڻ تمام ضروري آهي جنهن تي سڀني سياسي جماعتن حامي به ڀري هئي، پر جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن هٿياربند ونگز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ته شهر اندر ڪافي حد تائين امن امان جي صورتحال قائم به ٿي، سڪيورٽي ادارن طرفان اها رپورٽ به جاري ڪئي وئي هئي ته ڪجهه هٿياربند ونگز شهر ۾ فرقيوارڻا فساد پکيڙڻ ۾ ملوث رهيا آهن جن خلاف به هو ڪارروائي ڪي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جئين جئين دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ٿي رهيون آهن تئين تئين دهشتگرد به پنهنجي دهشت کي قائم رکڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيا آهن ۽ حڪومت جي رٽ کي چيلنج ڪري رهيا آهن، ڪڏهن مسجدن ته ڪڏهن وري امام بارگاهن کي نشانو بڻائڻ جو به سلسلو به هلندڙ آهي،
هونءَ ته شايد ئي ملڪ جو ڪو اهڙو شهر بچو هجي جتي دهشتگردن معصوم شهرين کي شهيد نه ڪيو هجي، گهوٽڪي هجي يا وري شڪارپور، دهشتگرد پنهنجي وحشت جو عام ماڻهن کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن، شڪارپور ۾ ٻن آپگهاتي دهشتگردن عيد ڏهاڙي امام بارگاهه تي حملي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي هڪ بهادر سپاهي پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي ناڪام بڻايو هو، ان اهلڪار جي شهادت سبب ڪيترن ئي معصوم ماڻهن جون جانيون بچي ويون هيون ۽ ان وقت هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو هو جڏهن ته هڪ دهشتگرد کي سوگهو ڪيو ويو هو، پر افسوس جو هن وقت تائين انهن دهشتگردن جي ماسٽر مائينڊ خلاف ٿيل ڪارروائي ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، ڪجهه عرصو اڳ جيڪب آباد ۾ دهشتگردن فرقيوراڻا فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ان وقت ته ڪيترائي معصوم بي گناهه ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا، مطلب ته سنڌ جو راجڌاني شهر ڪراچي هجي يا ٻيو ڪو شهر، دهشتگردن پنهنجي دهشت ۽ حڪومت جي رٽ کي چيلنج ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. نيشنل ايڪشن پلان تي جڏهن کان عمل شروع ٿيو ته ان وقت سنڌ جي راجڌاني مان ڪيترن ئي دهشتگردن کي حراست ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ امن به قائم ٿيو هو، جنهن کي دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جي شهر ناظم آباد ۾ بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪرڻ بعد چيلنج ڪري ڇڏيو آهي،
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  به ناظم آباد ۾ مجلس دوران حملي ۾ شهيد ٿيلن ماڻهن واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته حملي ملوث جوابدارن کي انجام تائين پهچايو ڃي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ناظم آباد حملي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي ۽ چيو ته هو شهر ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندا. جڏهن سياسي، سماجي ۽ سول سوسائيٽي طرفان ڪراچي ۾ آپريشن جو مطالبو ڪيو ويو هو ته ان وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪرپشن ڪندڙن جي ڳچين ۾ به هٿ وڌا هئا جنهن تي ڪيترن ئي سياسي جماعتن اعتراض به واريو هو  ۽ چيو ويو هو ته  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جو آهي، باقي رهي ڳالهه ڪرپشن ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي ته ان لاءِ ايف بي آءِ ۽ نيب آهي جيڪي انهن خلاف ڪارروائي سگهن ٿا، بهرحال ڪرپشن خلاف قانون لاڳو ادارا ڪارروائي ڪن يا نه ڪن پر هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته دهشتگرد حڪومت جي رٽ کي چيلنج ڪري رهيا آهن جنهن جو مثال ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ مجلس تي ٿيل حملي مان ملي ٿو، پوليس طرفان اهو بيان ڏنو ويو آهي ته ناظم آباد ۾ مجلس جو کين اطلاع نه ڏنو ويو هو، جنهن سبب اهو سانحو پيش آيو آهي،  روز حڪمران اهو بيان ڏئي رهيا آهن ته دهشتگرد آخري ساهه کڻي رهيا آهن، جنهن سبب هو عام شهرين کي نشانو بڻائن پيا، پر هاڻ هر هڪ اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته آخر اهو آخري ساهه دهشتگردن جو ڪڏهن نڪرندو جو ڪراچي جا رهواسي سک جو ساهه کڻي سگهندا، اڳ ۾ ڀتي خورن جو راڄ هو ۽ هاڻ وري دهشتگرد پنهنجين ڪاررواين ۾ معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ڀتي خور ته وڃي لڪي ويهي رهيا آهن پر پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن،
اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه طرفان ڪجهه عرصو اڳ بيان ڏنو ويو هو ته ڪراچي ۾ آبادي وڌي وئي آهي پر افسوس جو ان وقت وڏي وزير اهو نه ٻڌايو ته هن شهر  جي آبادي ڪهڙي ريت وڌي، ڌارين جي لوڌ ڪهڙي ريت شهر ۾ آندي وئي، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صرف اهو بيان ڏئي پننهنجي جان آجي ڪئي هئي ته جيڪڏهن هو ڌارين جي لوڌ کي روڪين ٿا ته طاقتور ڌريون مٿان دٻاءُ ٿيون وجهن ته انهن کي نه روڪيو، شايد هن اها به ٻڌائڻ جي زحمت نه ڪئي هئي ته ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي ته سنڌ حڪومت به بي دخل ڪرڻ جي ڪسر نه ڇڏي هئي ان جو ثبوت سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن مان ئي ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪا پارٽي عوام کي لٽو ۽ اجهو ڏيڻ جو واعدو ڪندي هئي اها ئي پارٽي ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ جا قدم کڻي رهي هئي، مشرف دور ۾ مشرف کي به ايتري همت نه هئي جو هوڪراچي ۾ سنڌين جا قديم ڳوٺ ڊاهي سگهي پر هن پيپلزپارٽي جي حڪومت اها همت ڏيکاري ڪراچي جا ڪيترائي ڳوٺ ڊاهي سنڌين کي بي دخل ڪري ڏيکاريو ۽ هزاين سنڌين کان اجها کسي ڏيکاريا، بهرحال پيپلزپارٽي ڪراچي جي سنڌي وسندين کي پڪو ڪري يا نه ڪري سندس مرضي آهي پر هن شهر ۾ امن امان لاءِ به قدم کڻي ته جئين ڪراچي جا شهري سک جو ساهه کڻي سگهن. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي جنهن ڏينهن کان نواز ليگ حڪومت ۾ آئي آهي ان ڏينهن کان ڪراچي ۾ ڪافي حد تائين بهتري آئي آهي، اسان کي اهي به ڏينهن ياد آهن جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هڪ سياسي جماعت خلاف بيان ڏيندو هو ته ڪراچي باهه جيان ٻري پوندي هئي هر طرف گولين جو آواز هوندو هو ۽ شهر بند ٿي ويندو هو نه ته سڪيورٽي ادارا شهر کي کولرايا سگهندا هئا ۽ نه ئي وري شهرين کي همت هوندي هئي ته هو ڪاروبار کولين پر هاڻ جنهن ڏينهن کان ڪراچي ۾ آپريشن شروع ٿيو تنهن ڏينهن کان شهر بند ڪرائيندڙ عنصر پاڻي ئي بند ٿي ويا، جيڪي مختلف  وقتن تي پنهنجيون ڀڀڪيون به ڏيندا رهن ٿا، پر هاڻ جڏهن وري هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن مورڙي جي شهر کي رت سان وهنجارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته  شهر ۾ معصوم شهرين کي قتل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، روز شهر ۾ ڪٿي نه ڪٿي فائرنگ جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن، جيڪڏهن اخبارون پڙهنداسين ٿا ته اهو ڪو ڏينهن نه هوندو جنهن ڏينهن ڪراچي ۾ فائرنگ جو واقعو پيش نه آيو هجي، هاڻ ڪراچي ۾ به اهڙي احتجاج ۽ ڌرڻي جي ضرورت آهي جئين عمران خان ڪرپشن خلاف ڪري رهيو آهي.

sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment