Pages

Sunday 30 October 2016

ترڪي جون عراق کي ڏنل ڌمڪيون

صاحب خان ڀٽي
بحرانن جي ور ڇڙهيل ترڪي عراق کي ڌمڪي ڏني آهي ته هو خطري جي صورت ۾ عراق ۾ زميني آپريشن شروع ڪري سگهن ٿا، ترڪي طرفان اهو به چيو ويو آهي ته هو داعش کي چٿڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندا، ٻي طرف وري عراقي حڪومت ترڪ کي بشيقا بيس خالي ڪرڻ جي به درخواست ڪئي آهي جنهن کي به ترڪي رد ڪري ڇڏيو  آهي، ترڪ صدر رجب طيب اردگان طرفان چيو ويو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ موصل جي بشيقه بيس کي خالي نه ڪندا ۽ هو پاڻ ڏانهن وڌندڙ هر هڪ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ به تيار آهن. ترڪ صدر طيب اردگان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو موصل ۾ داعش کي ڪافي حد تائين مات ڏئي چڪا آهن، رجب طيب اردگان طرفان اهو به چيو ويو ته هو عراق جي مقامي ڪرد تنظيم جي درخواست تي آيا هئا ۽ هو ڪنهن جي به هدايت تي هلندا ۽ عراق کي خبردار به ڪيو ته هو پنهنجي حد ۾م رهي، جڏهن عراقي حڪومت طرفان بشيقه بيس کي خالي ڪرڻ جي درخواست جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون ته ان وقت عراقي حڪومت طرفان ان جي ترديد ڪئي وئي هئي ۽ چيو ويو هو ته هنن ترڪي کي ڪا به درخواست نه ڪئي آهي. ترڪ صدر طرفان به چيو ويو ته ڪرد ورڪرز پارٽي ملڪ جي اترئين ضلعي سنجير کي ٻيو وڳوڙي علائقو بڻائڻ چاهي ٿي پر ان جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڀرپور مداخلت  ڪئي ويندي. ترڪي جي پرڏيهي ميلو ڪيسو گلو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي ملڪ ڏانهن وڌندڙ ڪنهن به خطري کي منهن ڏين لاءِ تيار آهن، جيڪڏهن ان لاءِ عراق م کين زميني آپريشن به ڪرڻنو پيو ته هو ان لاءِ به تيار آهن.  ترڪي پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ سنجيدا قدم کڻڻ کان پوئتي نه هٺندا ڇاڪاڻ ته شام ۾ هلندڙ ڪارروايون ان جو مثال آهي،
ترڪي ۾ جڏهن فتح گولن جي تحريڪ سان واسطو رکندڙ فوجي ڌڙي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو ته ان وقت اتان جي عوام بهادري جو مظاهرو ڪندي فوجي ڌڙي جي سازش کي ناڪام بڻايو هو، جنهن جي ڏيهه توڙي پرڏيهه وڏي واکاڻ ڪئي وئي، ملڪي سياستدان  طرفان به ترڪي جي عوام کي واڌايون ڏنيون ويون هيون ۽ آمريڪا، روس ۽ ٻين ملڪن طرفان رجب طيب اردگان کي جمهوري حڪومت جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ان وقت جي فوجي ڪمانڊر اهو اعتراف به ڪيو هو ته فوج ۾ ڀرتي ٿيل فتح گولن جي حمايت جمهوريت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ڪئي، ان وقت طيب اردگان به تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو ۽ کيس پنهنجي ڪاميابي تي وڏو فخر محسوس ٿي رهيو هو، بغاوت جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ بعد هر هڪ شخص اهو ئي سوچي رهيو هو ته آخر هاڻ رجب طيب اردگان ڪهڙا قدم کڻندو ۽ ملوث ماڻهن کي ڪهڙي سزا ملندي پر اها سڄي صورتحال ان وقت ظاهر ٿي جڏهن ترڪ صدر رجب طيب ارگان ۽ ترڪ وزيراعظم گادي واري شهر ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته  جيڪڏهن عوام چاهيو ته ملڪ اندر ڦاهي واري سزا بحال ڪئي ويندي، سندس اهو به چوڻ هو ته ترڪ جي عوام کانئس مطالبو ڪري رهي آهي ته ڦاهي واري سزا کي بحال ڪيو وڃي ۽ ان وقت ترڪ صدر ملڪ ۾ لڳايل ايمرجنسي واري مدي ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻين ملڪن کي خبردار به ڪيو هو ته اهي سندس ملڪ ۾ مداخلت ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ ايمرجنسي بابت ڪنهن به ملڪ کي نه ڳالهائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو سندن اندروني معاملو آهي، بهرحال ناڪام بغاوت کان پوءِ اهو سمجهيو پئي ويو ته هاڻ ترڪي ۾ امن ۽ خوشحالي اچي ويندي ۽ اتان جي معشيت به وڌيڪ مضبطو ٿي ويندي پر افسوس جو ائين ن ٿيو، ڇاڪاڻ ته ناڪام بغاوت  کانپوءِ  ترڪي ۾ ڪرد ويڙهاڪ ۽ فتح الله گولن جي تحريڪ سان واسطو رکندڙ ماڻهو طيب رجب اردگان جي حڪومت اٿي بيٺا، جنهن سبب ترڪي ۾ به دهشتگردي جا واقعا معمول بڻجي ويا، جيڪي اڄ به جاري ۽ ساري آهن. جڏهن ته سارڪاري ملازمن کي نوڪرين تان به برطرف ڪيو ويو آهي، صحافين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه تي ادارن تي پابندي به لڳائي وئي آهي. ڪڏهن انقره ۾ ڌماڪا ٿين ٿا ڪڏهن وري ترڪي جي ٻين شهرن کي نشانو بڻايو  وڇي ته ايتري قدر جو ترڪ حڪومت فتح الله ولن جي حوالگي لاءِ آمريڪا سان رابطو ويو آهي پر ان تي به ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي  آهي. اڄ به ترڪي ۾ فتح گولن جي حمايتن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، استادن کي به نوڪرين تان هٽايو ويو آهي،
ترڪي ۾ دهشتگردي بابت پڇا ڳاڇا جي سلسلي ۾ ٻن ميئرن کي گرفتار ڪيو ويو .پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪي جي ڏکڻ اوڀر صوبي ديار باڪر جي ٻن ميئرن گلتن ڪيسانڪ ۽ فرات انلي کي دهشتگرديءَ بابت جاچ جي سلسلي ۾ سوگهو  ڪيو ويو.سيڪيورٽي اهلڪارن جي وڏن اٽالن تائون هال ۾ سرڪاري آفيسن جي جهڙتي به ورتي ۽ اهم ڪاغذ پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا، بهرحال هن وقت تائين ترڪي به بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪرد ويڙهاڪن خلاف به ڪاررايون جاري آهن، ٻي طرف ترڪ حڪومت جيڪو آمريڪا کان طيب  اردگان جيڪو فتح الله گولن جي حوالگي جو  مطالبو ڪيو ان جو آمريڪا کيس ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو  آهي. بهرحال هن وقت ترڪي جون حالتون به سڀني جي سامهون آهن ته ٻي طرف وري عراق ۾ داعش کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ ترڪي گڏجي ڪم به ڪري رهيا آهن  ۽ عراق جي شهر موصل جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڇن. عراق جي شهر  موصل تي داعش 2014ع ۾ قبضو ڪيو هو ۽ ان کان پوءَ ان تنظيم پاران ابوبڪر البغداي جي خلافت جو اعلان پڻ ڪيو ويو هو. هاڻي عراقي ۽ اتحادي فوج کي موصل طرفن اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ اتحادي فوج ۽ داعش جي دهشتگردن ۾ ويڙهه جاري آهي، جڏهن ته موصل شهر ۾ هن وقت به داعش ماڻهن کي يرغمال بڻائي رهي  آهي، جنهن سبب موصل شهر مان ماڻهو وڏي تعداد ۾ لڏ پلان ڪري رهيا آهن.
22 آڪٽوبر 2015 عراق ۾ فورسز جِي ڪارروائي دوران مارجي ويل 365 داعش ويڙهاڪن جا 19 اجتماعي قبرن مان لاش هٿ ڪيا ويا هئا،  عراقي اختيارين طرفان ٻڌايو ويو هو ته بغداد جَي علائقي بيجي قصبا مان 365 داعش ويڙهاڪن جا لاش مليا. عراقي اختيارين جو چوڻ هو ته ڄاڻايل سمورا ويڙهاڪ فورسز جي ڪارروائي ۾مارجي ويا هئا، جن کي 19 اجتماعي قبرن ۾ دفنايو ويو هو، اختيارين طرفان اهو به چيو  ويو هو ته بيجي قصبا واري علائقي تي ڪجهه عرصو اڳ داعش جو قبضو هو، جيڪو عراقي ۽ آمريڪي فورسز گڏيل ڪارروائي ڪري ختم ڪرايو هو، داعش کي  چٿڻ لاءِ 10 سيپٽمبر  2016ع ۾ آمريڪا عراق ۾ وڌيڪ 400 فوجي مقرر ڪيا هئا، 30 آگسٽ 2016ع ۾ عراق جي شهر التسر ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 18 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن داعش عراق ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هئي ته ان وقت آمريڪا ۽ سندس اتحادين طرفان ڪارروايون تيز ڪيون ويون هيون ٻي طرف گڏيل قومن طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو ته دهشتگرد تنظيم داعش، عراق ۾ سوين ماڻهن کي زبردستي موصل شهر ۾ وٺي وئي گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس موجب عراق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 خاندانن کي جبري طور موصل ۾ موڪليو ويو جن کي دهشتگرد انساني ڍال بڻائي استعمال ڪري سگهن ٿا، بهرحال هن وقت تائين عرا ق ۾ داعش کي  چٿڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن پر هاڻ وري جڏهن ترڪي عراق کي زميني جي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي ته ان مان ظاهر ٿي رهيو  آهي ته هن وقت به داعش عراق ۾ مضوبط آهي، ڇاڪاڻ  ترڪي جي اهڙي ڌمڪي مان ظاهر آهي ته ايتريون ڪارروايون ٿيڻ باوجود به ترڪي داعش کي پاڻ وڏو خطرو سمجهي رهيو آهي.
            sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment