Pages

Friday 28 October 2016

لاڪ ڊائون کان اڳ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون ته ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي پر هن وقت تائين ڪرپشن خلاف ڪنهن ڪو اثرائتو قدم نه کنيوآهي جنهن سبب ملڪ جي معشيت ۾ ڪا خاص بهتري نه اچي سگهي آهي ۽ نه ئي وري تعليم، صحت سميت ٻيون سهولتون عوام کي فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، جيڪڏهن جمهوريت جي دعويدارن کان ان بابت پڇيو وڃي ٿو ته اهي صرف اهو چئي پنهنجي جان آجي ڪرائي ڇڏين ٿا ته انهن کي ڪڏهن به جمهوريت جو مدو پورو نه ڪرڻ ڏنو ويو ۽ سندن حڪمراني جو تختو اونڌو ڪيو ويو جنهن سبب جمهوريت جو لاڀ عوام کي نه ملي سگهيو آهي، ٻي طرف وري ڪجهه نالي ماتر سياسي اڳواڻن جو اهو به خيال آهي ته ڪرپشن سبب ملڪ ترقي نه پيو ڪري جنهن سبب عوام کي ڪو خاص فائدو نه ملي سگهيو، انهن سياسي اڳواڻن جو اهو به خيال آهي ته حڪمران ڪرپٽ آهن، جنهن سبب مداخلت ٿيندي رهندي آهي.
بهرحال ڪرپشن خلاف هن ڀيري پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهي چڪو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته هو ملڪ مان ڪرپشن کي ختم ڪري هڪ نئون پاڪستان تعمير ڪندو، عمران خان اهو به چيو آهي ته هو ملڪ مان ڪرپشن جي پاڙ پٽي ڪرپشن ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران خان جي ڪرپشن خلاف شروع ڪيل تحريڪ تي هر هڪ اتفاق ڪري رهيو آهي، ايتري قدر جو عمران خان جي هر هڪ سڏ کي لبيڪ چئي عوام روڊن تي به نظر اچي رهيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته مختلف سياسي جماعتن جي عمران خان جي حمايت ڪرڻ مجبوري بڻجي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته عمران خان جي ڪرپشن خلاف شروع ڪيل مهم تي هر هڪ عمران سان ئي گڏ نظر اچي رهيو آهي ۽ ڪجهه پارٽين کي اها ڳڻتي به آهي ته متان ايندڙ اليڪشن ۾ عوام عمران خان کي ووٽ نه ڏئي وجهي جنهن سبب پاناما معاملي تي ڪجهه پارٽيون وزيراعظم کان جاچ جو به ظاهري طور مطالبو ڪري رهيون آهن ته ڪجهه پارٽيون وري نواز شريف جو سرعام ساٿ به ڏئي رهيون آهن، انهن مان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به هڪ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران خان جيڪي به هن وقت ڳالهيون تائين حڪمرانن جي ڪرپشن جون ڳالهيون ڪري چڪو آهي ان تي عوام مٿس اعتماد به ڪري رهيو آهي پر ڪجهه ماڻهو اهو به چئي رهيا آهن ته عمران خان جون ڪرپشن خلاف سموريون ڳالهيون سئو سيڪڙو درست آهن پر سندس احتجاج جو طريقو غلط آهي،
هن وقت تائين عمران خان جيڪي به ڌرڻن ۽ مظاهرن جا سڏ ڏنا آهن انهن ۾ عوام ڀرپور نموني شرڪت ڪئي آهي ۽ انهن ڌرڻن ۽ احتجاجن ۾ عورتن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو آهي پر هن ڀيري تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جيڪو اسلام آباد کي بند ڪرڻ وارو سڏ ڏنو آهي ان بابت حڪومت ۾ وڏو ٿرٿلو مچي ويو آهي جنهن سبب حڪومت پيپلزپارٽي سميت مختلف پارٽين سان رابطا به ڪيا آهن پر پيپلزپارٽي اسلام آباد ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ واري معاملي جي حمايت کي بلاول جي 4  مطالبن سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب هن وقت تائين پيپلزپارٽي تحريڪ انصاف جي 2 نومبر واري ڌرڻي جي حمايت يا مخالفت ناهي ڪئي. عمران خان به پنهنجي هر خطاب ۾ 2 نومبر تي ملڪ جي تقدير  تبديل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي، جئين ماضي ۾ چوندو رهيو آهي ته هو نئون پاڪستان تعمير ڪندا ، جڏهن کان عمران خان 2 نومبر تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي ته حڪومت به مختلف پارٽين سان رابطي ۾ اچي وئي آهي پر شايد نواز سرڪار کي اهو وقت ياد نه آيو آهي جڏهن نوازسرڪار به اهڙي نموني ئي پيپلزپارٽي خلاف احتجاج ڪندي هئي، شايد نواز سرڪار کان اهي ڏينهن وسري ويا آهن،  جن ڏينهن ۾ پيپلزپارٽي جي  حڪومت هوندي هئي ۽ وزيراعظم نوازشريف ۽ شهباز شريف، آصف علي زرداري جي حڪومت خلاف روڊن تي لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪندا هئا ۽ اسلام آباد طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪندا هئا،
بهرحال اهو آصف علي زرداري هو جنهن ان صورتحال کي منهن ڏنو هو پر  نواز سرڪار ۾ جڏهن به ڪنهن احتجاج يا ڌرڻي جو اعلان ٿيو ته ان وقت نوازشريف تمام گهڻو پريشان ٿي ويندو آهي ۽ پيپلزپارٽي  سميت ٻين پارٽين کان مدد وٺڻ شروع ڪندو آهي پر افسوس جو 2 نومبري واري ڌرڻي تي  پيپلزپارٽي  نواز ليگ کان ٿورو پري پري نظر اچي رهي آهي، شايد پيپلزپارٽي کي هاڻ پڪ ٿي وئي آهي ته عمران خان، نوازشريف کي پاناماليڪس معاملي تي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندو يا پيپلزپارٽي اهو سوچي رهي آهي ته جيڪڏهن عمران خان نوازشريف کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ ڦاسائي ويو ته عمران خان ايندڙ چونڊن ۾ ملڪ وزيراعظم نه بڻجي وڃي، بهرحال پيپلزپارٽي جي ڪهڙي سوچ آهي جو هن وقت تائين نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ جي حمايت ناهي ڪئي ان بابت هاڻ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا پر جي يو آءِ سربراهه ته نوازشريف جي سرعام حمايت جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ مختلف هنڌن تي عمران خان خلاف بيان به جاري ڪري چڪو آهي، ايتري قدر جو مولانا فضل الرحمان  عمران خان کان اهو سوال به ڪيو آهي ته آخر هو ڪنهن جي چوڻ تي هلي رهيو آهي، بهرحال گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ تهريڪ انصاف جي يوٿ ڪنوينشن تي پوليس جيڪي چڙهائي ڪئي ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ملڪ اندر مقبوليت وڌي وئي آهي، ڇاڪا‎ڻ ته پوليس يوٿ ڪنوينشن تي چڙهائي ڪري پي ٽي آءِ جي صدر علي عباس بخاري ۽ ميڊيا سيل انچارج افتخار دراني سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا هئا ۽ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جنهن دوران حڪومت کان ڪارڪنن کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
جڏهن پوليس ڪنوينشن تي چڙهائي ڪئي ته ان وقت هڪ عورت پوليس اهلڪار هڪ پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪن کي حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻنهي هڪ ٻئي جي ڳلي ۾ هٿ وڌو، جنهن کي ميڊيا به ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اهو محسوس ڪري سگهجي پيو ته پي ٽي آءِ جا مرد توڙي عورت ڪارڪن بنا ڪنهن خوف جي احتجاج ڪري رهيون هيون ۽ کين گرفتار ٿيڻ جو به ڪو خوف نه هو، جنهن ريت هڪ عورت ڪارڪن عورت پوليس اهلڪار کي ڍڪا ڏئي رهي هئي ان مان اهو صاف ظاهر پيو ٿئي ته هتي قانون جو ٻٽو معيار آهي، سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ تي عورتن تي شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ انهن تي لٺبازي ڪئي ويندي آهي پر ڏاڍن کي پوليس ته ڇا هتان جا حڪمران به ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن، جيڪي سنڌ ۾ ڪا عورت ائين پوليس اهلڪار سان پيش اچي ها ته ان تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪري جيل ۾ وڌو وڃي ها، بهرحال عمران خان هونءَ به اهي سوال ٿي رهيا آهن ته آخر سندس پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن ۽ هو ڪنهن جي چوڻ تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. بهرحال پي ٽي آءِ طرفان اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪنوينشن تي پوليس چڙهائي ڪري 200 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو  آهي، ٻي طرف بلاول ڀٽو زرداري طرفان به اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ڪنوينشن تي پوليس چڙهائي جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو  آهي ته حڪومت پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي، بلاول ڀٽي زرداري اهو به چيو آهي ته عورتن سان بدتميزي ڪرڻ حڪومت جي وائڙائپ جو ثبوت آهي.
جڏهن اسلام آباد ۾ 2 نومبر کان اڳ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيو ته  ائين لڳي رهيو هو ته هاڻ شايد حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جا سمورا دروازا بند ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته عمران خان اڳ به اهو بيان جاري ڪري چڪو آهي ته هو هاڻ 2 نومبر تي حڪومت سان ڳالهيون ڪندا. گذريل ڏينهن حڪومت طرفان لال حويلي ۽ بني گالا  تي به ڪڙو چاڙهيو ويو۽ ڪنٽينر به رکي ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪيو ويو هو، جنهن سبب پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سمورن  ڪارڪنن کي بني گالا پهچڻ جي هدايت ڏني هئي، بهرحال هاڻ هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته نواز ليگ سرڪار 2 نومبر واري ڌرڻي کي ڪهڙي ريت ناڪام بڻائيندي، ان بابت ته هاڻ صرف نواز ليگ اڳواڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي ڪنوينشن تي چڙهائي بعد ٿيل گرفتارين کان پوءِ سڄي ملڪ جهڙي ريت احتجاج شروع ٿي ويا آهن ۽ اهو چيو پيو وڃي ته عمران خان جو اسلام آباد کي بند ڪرائڻ واري اعلان کان اڳ ئي حڪومت  پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو حڪومت گرفتاريون ڪري عمران خان کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي ۽ لال حويلي واري جلسي کان  ويندي 2 نومبر ڌرڻي تائين هو آساني سان ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.جيتوڻيڪ هاءِ ڪورٽ اسلام آباد کي بند نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪو آهي پر ان باوجود عمران خان اسلام آباد کي بند ڪرڻ واري فيصلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڏو پرعزم نظر اچي رهيو آهي. 

 

No comments:

Post a Comment