Pages

Thursday 27 October 2016

داعش خلاف ڪارروايون ۽ اجڙي ويل شهر

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪجهه عرصي کان دنيا جا ڪيترائي ملڪ دهستگردي جي لپيٽ ۾ اچي چڪا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب معدني وسيلن تي قبضو، دنيا تي حاڪميت ڪرڻ وارو خواب ۽ پاڻ کي ٻئي کان وڌيڪ طاقتور ثابت ڪرڻ آهي. اهو سبب آهي جو اڄ دنيا جا ڪيترائي ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن، شام، عراق، يمن ۽ ٻين ملڪن ۾ دهشتگردن جي حملن سبب ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، افغانستان کان ويندي افغستان تائين به دهشتگردن پنهنجي قهري ڪاررواين ۾ ڪيترن ئي معصوم شهرين کي نشانو بڻايو آهي، آفريقي ملڪن ۾ به دهشتگرد تنظيمن جي حملن ۾ ڪيترائي خاندان اجڙي چڪا آهن، جڏهن ته عراق ۽ يمن ۾ به داعش قهري ڪاررواين ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي نشانو بڻايو آهي، جنهن سبب  ڪيترن ئي ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ سندس اتحادين طرفان دهشتگرد تنظيمن کي چٿڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن پر افسوس انهن ڪاررواين سان دهشتگرد تنظيم تي به ڪو به اثر نه پيو آهي پر رهندو انهن ملڪن جا عام شهري ويتر ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. شام، يمن ۽ عراق ۾ جڏهن دهشتگرد تنظيمن خلاف آمريڪا ۽ سندس اتحادين ڪارروائي  شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته سڀ اهو ئي سمجهي رهيا هئا ته شايد انهن ملڪن ۾ امن قائم ٿي ويندو پر افسوس جو انهن ملڪن ۾ هن وقت تائين امن امان جي صورتحال بحال نه ٿي سگهي آهي.
آمريڪا طرفان هر ڀيري اهو بيان جاري ڪيو ويندو  آهي ته دهشتگرد دنيا لاءِ وڏو خطرو آهن، ڪڏهن آمريڪا، طالبان کي خطرو  قرار ڏيندو آهي ته ڪڏهن وري القاعده کي وڏو خطرو قرار ڏنو آهي پر ڪجهه سالن کان آمريڪا داعش کي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي، آمريڪا طرفان اهو به چيو ويو آهي ته داعش ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو آهي ۽ داعش طالبان، القاعده کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بهرحال هن وقت تائين شام، يمن ۽ عراق ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي ڪا خاص اڳڀرائي حاصل نه ٿي سگهي آهي. 26 آڪٽوبر 2016ع تي به شام  جي شهر ادليب ۾ اسڪول تي هوائي حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ شاگدن سميت 22 ڄڻا مارجي ويا هئا، ٻي طرف وري يمن ۾ به 9 آڪٽوبر 2016 تي هڪ شادي جي تقريب ۾ اتحادي فوج طرفان بمباري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ 160 ڄڻا فوت ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. 1990ع ڌاري جڏهن عراق ڪويت تي قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو هو ته ان وقت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عراق تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، 16 جنوري 1991ع تي اتحادي فوج عراق جي خلاف آپريشن شروع ڪيو هو، جنهن دوران اتحادي فوج هوائي حملا ڪيا هئا، جڏهن ته 23 فيبروري 1991ع  سعودي عرب جي سرحد وٽان عراق تي زميني حملو ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڪويت تان عراقي قبضو ڇڏايو ويو هو. ڪويت تي قبضي بابت اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته عراق تيل تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪويت تي حملو ڪيو هو، جنهن سبب سعودي عرب کي به اڳتي وڌڻو پيو هو ۽ ڪويت تان عراق جو قبضو ڇڏرائڻ لاءِ اتحادين جو ساٿ ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سعودي عرب ڪويت تان عراق جو قبضو نه ختم ڪرائي ها ته  عراق جو ڪويت جي سمورن معدني وسيلن تي قبضو ٿي وڃي ها،جنهن سان عراق  مضبوط ٿي وڃي ها، جنهن سبب سعودي عرب ڪويت تان عراق جو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ۾ ساٿ ڏنو هو، جنهن سبب ڪويت تان عراقي فوج جو ختم ڪرايو ويو هو، بهرحال هن وقت ڪويت اندر ته امن امان جون حالتون بهتر  آهن پر عراق ۾ هن وقت به جهيڙو هلندڙ آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اتي ٻه ڌڙا ٿي چڪا  آهن جيڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، جنهن سبب اتان جون حالتون تمام گهڻيون  خراب آهن ته ٻي طرف وري داعش به جنم ورتو آهي، فرانس کان ويندي آمريڪا تائين ڪنهن به ملڪ ڪا دهشتگرد ڪارروائي ٿيندي آهي ته ان جي ذميواري داعش قبول ڪري وٺندي آهي، جئين ماضي ۾ طالبان ۽ القاعده تنظيمون قبول ڪري وٺنديون هيون، هاڻ به ائين ئي ٿي رهيو آهي،
 بس فرق ايترو آهي جو ماضي ۾ طالبان ۽ القاعده کي خطرو چيو ويندو هو پر هاڻ داعش کي دنيا لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو وڃي ٿو. 1 سيپٽمبر 2014 ۾ گڏيل قومن طرفان رپورٽ جاري ڪئي وئي ته عراق ۾ فرقيوراڻي تشدد جي ڪاررواين ۾ هڪ مهيني اندر 1420 ماڻهو مارجي ويا،جڏهن ته اهو به چيو ويو هو ته داعش ( اءِ ايس آءِ ايس ) جي ويڙهاڪن طرفان ڪيترن ئي علائقن تي قبضو به ڪيو ويو، جنهن سبب ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا هئا. گڏيل قومن طرفان اهو به چيو ويو هو ته جولاءِ 2014 ۾ عراق اندر تشدد جي واقعن ۾ 1737 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته جون 2014 اندر  2400 ماڻهو مارجي ويا هئا. گڏيل قومن طرفان اهو ٻڌايو ويو ته داعش اقليتن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو، جنهن سبب لکين ماڻهو ڪردستان ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا هئا. ٻي طرف آمريڪا طرفان چيو ويو هو ته   عراق ۽ شام ۾ زمينون حقيقتون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ داعش جي فنڊنگ ۽ غيرملڪي ويڙهاڪن جي آمد سبب جنگ جو ميدان نظر اچي رهيو آهي. آمريڪي عملدارن طرفان اهو به چيو ويو ته داعش عراق ۾ القاعده کان اڀرندڙ ۽ اڳوڻي عراقي ڊڪٽيٽر صدام حسين جي دور جي فوجي آفيسرن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ان تنظيم جا سليپر سيل به آهن، جيڪي ڌماڪا ڪندا، ڪجهه عرصو اڳ عراقي سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪرڪوڪ شهر تي داعش جي حملي کي مڪمل طور ناڪام بڻائي ڇڏيو هو، جڏهن ته اها  دعويٰ به ڪئي وئي هئي ته  داعش جي 74 دهشتگردن کي ماريو ويو، جڏهن ته عراقي سيڪيورٽي فورسز اهو اعتراف به ڪيو هو ته شدتپسندن جي حملي ۾ 46 ڄڻا مارجي ويا هئا. عراق جي علائقي سنجار ۾ به داعش جي 15 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته داعش به اها دعويٰ ڪئي هئي ته هنن سڪيورٽي فورسز جي  ٻن گاڏين کي تباهه ڪيو هو.
21 آڪٽوبر 2016 ع تي عراقي فوجي موصل جي هڪ عمارت تي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪايو هو، جڏهن عراقي فوج داعش خلاف ڪارروايون شروع ڪيون هيون ته ان وقت اتحادين طرفان به داعش کي ختم ڪرڻ لاءِ عراق تي حملا ڪيا ويا هئا، جنهن  سبب ڪيترائي شهر کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳا هئا، بهرحال هن وقت به عراق جا ڪيترائي شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ۽ ان جو سڀ کان وڏو سبب به اهو ئي آهي ته اتي دهشتگرد تنظيمون پنهنجو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ اتحادي فوج سميت عام شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي، جيتوڻيڪ هن وقت تائين داعش خلاف اتحادي فوج کي ڪا به اڳڀرائي حاصل نه ٿي سگهي آهي پر ان باوجود عراقي حڪومت داعش خلاف به ڪا اڳڀرائي حاصل نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب عراقي شهر موصل ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي، جڏهن ته گڏيل قومن طرفان به اها ئي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي ته موصل ۾ ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن  جي هن وقت تائين سار سنڀال ناهي لڌي وئي. ٻي طرف وري آمريڪي عملدار  طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو ته  عراقي شهر ڪرڪوڪ ۾ داعش جي حملي سبب موصل جي جنگ ۾ تمام گهٽ اثر پيو، هوڏانهن ترڪ صدر رجب طيب اردگان به عراقي حڪومت جي مطالبي کي رد ڪندي چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ عراقي بيس بعشيقه کي نه ڇڏيندا ڇاڪاڻ ته هو عراقي حڪومت جي ڪنهن به حڪم کي نه مڃيندا، رجب طيب اردگان طرفان اهو به بيان جاري ڪيو ويو ته هو عراقي حڪومت جي درخواست تي بعشيقه  بيس جو ڪنٽرول سنڀاليو هو ۽ هو هن وقت واپس ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ويندا، جيستائين جهنن داعش کي ختم نه ڪندا.  جڏهن ته عراقي حڪومت طرفان اهو بيان جاري ڪيو ته هنن ڪا به اهڙي درخواست ترڪي کي نه ڪئي هئي.
پناهگيرن بابت عالمي اداري آءِ او ايم چيو هو ته 17 آڪٽوبر تائين هن وقت تائين 8940  افراد ماڻههو بي گهار ٿي  ويا. گڏيل قومن طرفان چيو ويو ت جنگ سبب ٻه لک کان وڌيڪ  بي گهر ٿي سگهن ٿا.بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي  ته اتحادين طرفان شروع ڪيل ڪارروايون داعش کي ڪنهن حد تائين ٻنجو ڏئي سگهنديون يا وري صرف هوائي حمل  ڪري غريب ماڻهن کي وڌيڪ نقصان   لاءِ نشانو بڻايو ويندو. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان  دنيا اندار دهشتگردن خلاف ڪاروايون جاري ۽ ساري آهن پر انهن  ڪاررواين ۾ به پاڪستان کي ڪا خاص اڳڀرائي حاصل نه ٿي  سگهي آهي. ۽ هاڻ افغانستان ۾ به داعش جي موجودگي ظاهر ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب سڀني ملڪن کي گڏجي داعش جهڙي خطرناڪ تننظيم کي منهن ڏيڻ گهرجي.


No comments:

Post a Comment