Pages

Monday 24 October 2016

اسلام آباد ڌرڻي ۾ هٿياربندن کان مدد وٺڻ جو انڪشاف

صاحب خان ڀٽي
ڪجهه عرصو اڳ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ احتجاجي ڌرڻو هنيو هو ته حڪومت فوج کي طلب ڪيو هو جنهن حساس عمارتن جو  ڪنٽرول سنڀاليو هو، ان وقت ئي سرڪاري چينل تي به حملو ڪيو ويو هو، جنهن بابت تحريڪ انصاف سربراهه چيو هو ته سرڪاري چينل تي حملو ڪندڙ سندس پارٽي جا نه آهن، تنهن باوجود نواز ليگ طرفان اهو ئي چيو ويو هو ته تحريڪ انصاف ئي سرڪاري چينل تي حملو ڪرايو آهي، پر هاڻ جڏهن تحريڪ انصاف 2 نومبر تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي تڏهن به اهي خبرون ٻڌڻ ۾ ملي رهيون آهن ته تحريڪ انصاف هن ڀيري اسلام آباد کي بند ڪرائڻ لاءِ هڪ هزار هٿياربندن کان مدد حاصل ڪري ورتي آهي جيڪي 2 نومبر کان اڳ اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندا ۽ باهيون ڏئي حالتون خراب ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا، اسلام آباد کي بند ڪرائڻ واري اعلان کانپوءِ وفاقي سرڪار طرفان اهو بيان ڏنو ويو هو ته عمران خان مودي جيان اسلام آباد ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪرڻ چاهي ٿو پر کيس ناڪام بڻائيندا، حڪومت طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته اسلام آباد بند ڪرائڻ جو مطلب ملڪي ترقي کي روڪڻ آهي،  اهڙن بيانن کان پوءِ وزيراعظم نوازشريف چيو ته اهڙن سياستدانن کي سوچڻ گهرجي جيڪي شهرن کي بند ڪرائڻ جو اعلان ڪن ٿا ته عام شهري تي ڇا گذرندي هوندي جيڪو روزاني جي بنياد تي روزگار ڪندو آهي، وزيراعظم جي اهڙي بيان کان پوءِ  مون کي ته ڪراچي جون حالتون ياد اچي ويون هيون ڇاڪاڻ ته ڪراچي ته ڪيترائي ڀيرا بند ٿي چڪو آهي، 12 مئي سانحي کان ويندي عمران فاروق قتل ڪيس تائين ڪيترائي ڀيرا ڪراچي جي شهرين گهرن ۾ ويهي گذاريو آهي، جڏهن ته اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس بعد هن ڪراچي شهر کي ته سيڪنڊن ۾ بند ڪرايو ويندو هو ۽ هڙتالن جو سلسلو جاري رهندو هو جنهن کي روڪرائڻ لاءِ ڪير به اڳتي قدم نه وڌائندو هو، بهرحال هاڻ ماضي وارين حالتن ۾ ۽ اڄوڪي حالتن ۾ ڪافي حد تائين فرق اچي چڪو آهي پر منهنجي چوڻ جو مطلب تي عمران خان صرف اسلام آباد کي بند ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ته حڪمرانن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي وياآهن. جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو حڪمرانن کي اسلام آباد ڪيتري حد پيارو آهي،
هونءَ ته پاناماليڪس معاملي جي صاف شفاف جاچ جو مطالبو ته هر هڪ پارٽي ڪندي رهي آهي پر هن وقت تائين ڪا به جماعت پاناما ليڪس معاملي تي پنهنجو خاص احتجاج رڪارڊ نه ڪرائي سگهي آهي، تحريڪ انصاف طرفان به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻڻ جو سلسلو جاري آهي، حڪومت به ڪيترائي ڀيرا تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪري چڪي آهي پر ان جو به ڪو خاص نتيجو ناهي نڪري سگهيو، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به هر وقت وزيراعظم نوازشريف کان احتساب جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، جڏهن کان پاناما ليڪس بابت احتجاج شروع ٿيا آهن تنهن ڏينهن کان ڪڏهن عمران خان جي موقف جي حمايت ته ڪڏهن مخالفت ڪرڻ جو به سلسلو هلندڙ آهي، ڪجهه سياستدان چئي رهيا آهن ته عمران خان ٽئين قوت کي دعوت ڏئي رهيو آهي، جنهن سان جمهوريت کي نقصان ٿيندو پر عمران خان اهڙين خبرن جي ترديد ڪندو رهيو آهي، جڏهن عمران خان رائيونڊ ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو تڏهن ائين لڳي رهيو  هو ته حڪومت شايد هلي ويندي پر ائين نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت نواز ليگ جا ڏنڊا بردار ماڻهو به سرگرم ٿي ويا هئا جنهن بعد عمران خان طرفان اها خاطري ڪرائي وئي هئي ته هو رائيونڊ ۾ صرف جلسو ڪندا، ٻي ڪنهن هنڌ نه ويندا، تنهن بعد تحريڪ انصاف کي رائيونڊ ۾ ڌرڻي جي اجازت ڏني وئي هئي، هونءَ ته عمران خان اسلام آباد، لاهور سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پاناما بابت احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي پر هن ڀيري جڏهن کان اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي تنهن ڏينهن کان حڪومت تمام گهڻو پريشاني جي ورچڙهيل نظر اچي رهي آهي، جنهن جو اندازو نواز ليگ اڳواڻن جي بيانن مان به لڳائي سگهجي ٿو، بهر حال هن وقت تائين عمران خان صرف اهو ئي چئي رهيو آهي ته نوازشريف کي اڃا به وقت آهي هو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري، نه ته 2 نومبر تي هو اسلام آباد کي بند ڪري ڇڏيندا،
عمران خان جي اهڙي اعلان کانپوءِ  نواز ليگ اڳواڻن طرفان اهي خدشا به ظاهر ڪيا پيا وڃن ته تحريڪ انصاف سربراهه 2 نومبر واري جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مذهبي جماعتن ۽ مدرسن کان مدد طلب ڪري ورتي آهي ۽ ان جو انڪشاف سيڪيورٽي ادارن به ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن ميڊيا تي  اهي خبرون هليون ته ڳجهن ادارن رپورٽ جاري ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ 2 نومبر واري ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب مان هڪ هزار هٿياربندن جي خدمت حاصل ڪري ورتي آهي. انٽيلي جنس رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هٿياربندن کان مدد ورتي آهي، جيڪا رپورٽ حڪومت ڏانهن به موڪلي وئي آهي. آءِ بي آءِ ۽ اسپيشل برانچ جي رپورٽن ۾ جي ڪاپين کي گهرو وزارت ڏانهن به موڪليو ويو آهي، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته حڪومت هٿياربندن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وٺي، رپورٽس ۾ هٿياربندن جي خدمت حاصل ڪندڙن صوبائي اسيمبلي ميمرن جا نالا شامل آهن. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هٿياربند 2 نومبر کان اڳ اسلام آباد آندا ويندا، جيڪي شهر جي مختلف حصن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندا. ٻي طرف عمران خان به  چيو آهي ته ٽين قوت آئي ته ذميوار نوازشريف ئي هوندو، سندس چوڻ هو ته 20 سالن جي جدوجهد جو مقصد ٽين قوت آڻڻ نه آهي. ڌرڻي لاءِ فوج نه ئي غير رياستي عنصرن جي حمايت حاصل آهي، حڪومت اهڙو تاثر ڏئي رهي آهي. ڪجهه عرصو اڳ عمران خان چيو هو ته نوازشريف کان وڌيڪ آصف علي زرداري جو دور هو پر اڄ عمران خان چئي رهيو آهي ته آصف علي زرداري پاڻ ڪرپٽ آهي، هو نوازشريف جو ڪهڙو احتساب ڪندو، ٻي طرف وري نواز ليگ جي اڳواڻن طرفان چيو ويو آهي ته عمران تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته ڌرڻي پٺيان ٽين قوت آهي خواجا آصف ته عمران خان اهو سوال به ڪيو آهي ته عمران شوڪت خانگم اسپتال جي 70 ڪروڙ رپين جي خيراتي فنڊ جو حساب ڏئي.
عمران خان ۽ نوازشريف وچ ۾هلندڙ ڇڪتاڻ بابت پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه طرفان به چيو ويو آهي ته عمران لاش چاهي، ٽين قوت مداخلت ڪئي ته ذميوار عمران ۽ نواز هوندا، خورشيد شاهه اهو به چيو ته حڪومت ساڻن رابطا ڪيا آهن، هو مشڪل وقت گذارڻ لاءِ ڪلهو نه ڏيندا. هن وقت نوازشريف جو وڏو حامي عمران خان ئي آهي.  بهرحال هن وقت جيڪا رپورٽ جاري ڪئي ويا آهي ان مان  اهو  لڳي ٿو ته شايد هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وڃي، هن ڀيري شايد پيپلزپارٽي به نوازشريف جو ساٿ نه ڏئي ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت گهرو وزير چوڌري نثار پيپلزپارٽي  بابت بيان ڏئي چڪو آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي  پر نه ٿو لڳي ته  هن ڀيري پيپلزپارٽي ڪا مثبت موٽ ٿيندي نواز ليگ کي ڏيندي، هڪ ته آصف علي زرداري به پرڏيهه ويٺل آهي، جيڪو به هن وقت تائين ملڪ ۾ واپس ناهي  وريو، رهي ڳالهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ته شايد اهو ڪڏهن به اهو  پنهنجو اثر ويهاري نه سگهندو جهڙي ريت آصف علي زرداري جو اثر هوندو هو، باقي رهي ڳالهه جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اهو به شايد نوازشريف جي ڪا خاص مدد نه ڪري سگهي ته اسلام آباد ڌرڻي کي منهن ڏئي سگهجي.هڪ طرف نوازسرڪار لاءِ سرحد وٽ ڇڪتاڻ آهي ته ٻي طرف وري اسلام آباد ڌرڻي کي بند ڪرائڻ لاءِ هڪ هزار هٿياربندن کان مدد ورتي وئي آهي.هاڻ نواز سرڪار کي ئي پنهنجي حڪمت عملي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻي پوندي ته جئين 2 نومبر تي مادل سانحو ٻيهر نه ورجايو وڃي.
sahibalsindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment