Pages

Sunday 23 October 2016

فلمن کانپوءِ ڀارتي برآمدگي تي پابندي لڳندي

صاحب خان ڀٽي
چوندا آهن ته موسيقي روح جي غذا آهي پر اهو ڪڏهن نه ٻڌو هو ته موسيقي جي سرحد به ٿيندي آهي پر جڏهن کان پاڪستان ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تنهن ڏينهن کان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ڇڪتاڻ به وڌي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي سرحد تي به وقتن به وقتن فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو به هلندڙ آهي، لاڳيتو ڀارت ايل او سي جي ڀڃڪڙي به ڪري رهيو آهي، هڪ طرف ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته ٻي طرف وري انهن جي فلمن جي نمائش تي به پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ڀارتي گيت ۽ ڀارتي فنڪارن جا گانا نه هلائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هڪ خانگي ٽي وي جي اينڪر جڏهن پيمرا جي چيئرمين کان سوال ڪيو ته پاڪستاني ميڊيا اننهن گلوڪارن فنڪارن کي ڏيکاري سگهي ٿي جيڪي ڀارت ۾ پنهنجا گيت رڪارڊ ڪرائي هئا، جهڙوڪ استاد نصرت فتح علي خان جنهن ڀارتي فلمن لاءِ ڪيترائي مشهور گيت ڪلام ڳايا هئا ته ان بابت هن چيو هو ته اهي گيت تڏهن هلائي سگهجن ٿا جڏهن اهي گيت انهن فنڪارن پاڪستان ۾ ڳايا هجن، بهرحال هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ڀارتي مواد کي ڏيکارڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو  آهي ۽ ڪارروايون به جاري آهن، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته صرف ڀارتي فلمن ۽ موسيقي تي پابندي لڳائي وئي آهي پر واپار تي ناهي لڳائي وئي ڀارت مان ٽماٽا ۽ آلو جي برآمدگي تي پابندي لڳائي ناهي وئي، جنهن جي ڪري صرف فلمن ۽ گانن تي پابندي سان ڪو به فرق نه پوندو، ڇاڪاڻ تهه جن ماڻهن کي ڀارتي گانا يا فلمون ڏسڻيون هونديون اهو هن جديد دور ۾ موبائل تي انٽرنيٽ ذريعي به ڏسي سگهندو رهي ڳالهه دشمن جي مواد تي پابندي لڳائڻ جي ته اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن ڀارت جي هر پروڊڪٽ تي پابندي لڳائي وڃي ۽ واپار به ختم ڪيو وڃي ته جئين هتان جي زراعت به مضبوط ٿي سگهي.
ڀارتي جارحيت کانپوءَ جڏهن کان ڀارتي انتهاپسندن پاڪستاني گلوڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني آهي تنهن ڏينهن کان ڀارتي فنڪار ۽ اداڪار به ميدان تي لهي آيا آهن. جيڪو ڀارتي اداڪار ڪنهن پاڪستاني اداڪار جي حمايت به ڪري رهيو آهي ته ان کي ڀارتي  انتهاپسند غدار چئي رهيا آهن ۽ انهن کي به بيان واپس وٺڻ جو چيو پيو وڃي،  بهرحال ڀارت ۾ پاڪستاني اداڪارن خلاف  ۽ حمايت ۾ بيان ڏيڻ وارو سلسلو هلي رهيو آهي، جيڪو  ڀارتي اداڪار پاڪستاني اداڪار جي حمايت ۾ بيان ڏئي رهيو آهي، ان کي هتان جي ميڊيا تمام گهڻي ڪوريج به ڏئي رهي آهي، پاڪستان ۾ به ڀارتي چينل ڏيکارڻ کان منع ڪيو ويو آهي ۽ ڊش تي به پابندي لڳائي وئي آهي ۽ پيمرا 15 آڪٽوبر کان ڀارتي چينلن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ڇڏيو  آهي، ڀارتي جارحيت کان پوءِ سڄي ملڪ جي سينيمائن جي مالڪن به ڀارتي فلمن جي نمائش کي بند ڪري ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو اسٽيج ڊرامن ۾ به ڀارتي گانن کي نه هلائڻ جي هدايت ڪئي و ئي آهي، سرڪار طرفان اهو حڪم به جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو به اسٽيج ڊرامن ۾ڀارتي گانو هلائيندو ان ٿيئٽر کي بند ڪيو ويندو. جڏهن کان پيمرا اهي ڪارروايون ڪيون آهن ته ڪيبل آپريٽرز به دشمن جا چينل مڪمل طور بند ڪري ڇڏيا آهن، تنهن ڏينهن کان جگجيت سنگهه، لتا منگيشڪر، ميڪا سنگهه، سونو نگم سميت ٻين ڪترن ئي دشمن ملڪ جي فنڪارن ۽ گلوڪارن کي ماڻهو ڏسڻ کان محروم ٿي ويا آهن، جنهن سبب هاڻ ڪو به هن ملڪ جو رهواسي ڀارتي گانا نه ٻڌي رهيو آهي،
 جڏهن کان ڪيبل آپريٽرز ڀارتي چينل بند ڪيا آهن انهن ڏينهن کان جن ماڻهن گهرن ۾ کارا لڳرايا آهن انهن خلاف به وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي جنهن بعد  ماڻهن جي گهرن جي ڇتن تي نظر ايندڙ کارا به غائب ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته جنهن به ڀارتي چينل ڏٺو ته انهن مٿان ڏنڊ وڍو ويندو، بهرحال هاڻ ڪجهه ڏينهن کان ڀارتي چينل مڪمل بند ٿي ويا آهن ۽ ڪيبل تي صرف پنجاب اسٽيج ڊراما هلي رهياآهن جن  ۾ صرف نصيبو لال جا گانا هلي رهيا آهن، ان سان گڏ جيڪي فلمو هلايون پيون وڃن  اهي به تمام گهڻي پراڻي دور جون هلي رهيون آهن جن کي ڏسي پراڻو دور ياد اچي رهيو آهي، سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي جون يادگار فلمون هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسڻ لاءِ ملي رهيون آهن ته ٻي طرف وري يار بادشاهه، مولا جٽ، منگا گجر، پتر همايو گجر دا ۽ ٻيون کوڙ پنجابي فلمون به ڪيبل تي هلي رهيون آهن، جن کي ڏسڻ بعد ائين لڳندو آهي ته سڄو ملڪ مني پنجاب ٿي ويو آهي، بهرحال ڀارتي چينل بند ٿيڻ سان هڪڙو ته مون کي به فائدو ٿيو آهي جو اڳ گهر ويندو هيس ته ڪيبل تي هڪڙو ڀارتي ڊرامو ختم ئي نه ٿيندو ته مٿان وري ٻيو ڊرامو شروع ٿي ويندو آهي، ٽي وي تي نه ته گهر ۾ ڪا فلم ڏسي سگهبي هئي ۽ نه ئي وري ڪي خبرون ٻڌي سگهبيون هيون پر هاڻي پوگوچينل سان گڏ ڪارٽون ۽ خبرن وارا چينل به آساني سان ڏسي سگهان ٿو، پر هڪڙي ڪمي به محسوس ٿي رهي آهي، اهي ڪمي لتا منگيشڪر، جڳجيت سنگهه سميت ٻين مهان گلوڪارن جي آهي، جن کي ٻڌڻ سان سڪون ملندو هو پر هاڻ جنهن ڏينهن کان موسيقي جي سرحد قائم  ڪئي وئي آهي تنهن ڏينهن کان انهن مهان گلوڪارن جا  ڳايل ڪلام ٻڌي ناهيان سگهيون  ۽ اهي خبرون به گردش ڪري رهيون  آهن ته ڪنهن کي به دشمن جا گانا هلائڻ جي به اجازت نه هوندي ۽ نه ڪو ماڻهو ڀارتي گلوڪارن جا گانا هلائي سگهندو، جيڪڏهن هلائيندو ته ان شخص خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، هاڻ ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو ته وقت ئي ٻڌائندا،
ماضي ۾ جڏهن پاڪستاني سينيما گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا هئا ۽ ماڻهن سينيما گهرن ڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنو هو تڏهن اهو چيو ويو هو ته پاڪستان ۾ معياري فلمون ن ٺهي رهيون آهن جنهن سبب پاڪستاني فلمي انڊسٽري زوال جو شڪار ٿي وئي جنهن کي معياري بڻائڻ ڪوشش ڪئي ويندي پر ان کان اڳ ئي ڀارتي فلمن کي پاڪستان ۾ ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جنهن بعد ٻيهر  پاڪستان ۾ سينيما گهرن ۾ رونقون وڌي ويون هيون ۽ ڪراچي ۾ سينميا گهرن کي جديد نموني ٺاهيو ويو هو ۽ ڪجهه فلمون پاڪستان ۾ ٺهيون جيڪو تمام گهڻو مشهور به ٿيون، پر ڀارتي جارحيت کان پوءِ سينيما گهرن جي مالڪن ڀارتي نه ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو ته حڪومت به پاڪستاني فلمن ۽ گانن کي ڏيکارڻ جو حڪم جاري ڪيو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سرڪار لتا، جگجيت سنگهه سميت ناليوارن ڀارتي گلوڪارن جي گانن کي هلائڻ تي ڪيتري وقت تائين پابندي تي عمل ڪرائي سگهندي يا وري ان تي وقتي پابندي کانپوءِ ماضي جيان ٻيهر پابندي ختم ڪري ڇڏيندي، هاڻ اهو ته وقت ئي ٻڌائندو، ماضي ۾ جڏهن پابندي لڳائي وئي هئي ته ان وقت به پاڪستان ۾ ڀارتي فلمون ۽ اتان جي گلوڪارن جا البم اچي رهيا هئا ۽ هر ڪو انهن ڀارتي فنڪارن جا ڪلام ٻڌندو هو، هاڻ اها سرڪار جو ڪم آهي ته پنهنجي حڪم تي ڪيتري حد تائين عمل ڪرائي سگهندي.

No comments:

Post a Comment