Pages

Friday 21 October 2016

ملڪ جي مستقبل جي جنگ

صاحب خان ڀٽي
2007ع کان پوءِ جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت جو مدو پورو ٿي رهيو هو ته ان وقت ملڪ جو صدر به پيپلزپارٽي جو هو ته ۽ وزيراعظم به پيپلزپارٽي جو هو پر جئين جئين وقت گذري رهيو هو ته پيپلزپارٽي جي وزيراعظم کي عهدي تان هٽڻو پيو هو ۽ پيپلزپارٽي ٻئي اڳواڻ کي وزيراعظم چونڊرايو هو پر هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ اندر اهڙو ماحول پيدا ٿي رهيو آهي جنهن مان لڳي رهيو آهي جيڪي 11، ٻارنهن مهينا اچي حڪومت کي بچيا آهن اهي نواز سرڪار لاءِ انتهائي ڏکيا گذرندا ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاناما ليڪس بابت جاچ لاءِ مطالبا ڪري رهيو آهي ان مان لڳي ٿو ته وزيراعظم نوازشريف لاءِ ڏکيائون تمام گهڻيون وڌي وينديون، بهرحال هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائندا ته ڇا نواز سرڪار سان به اهو ئي ٿيندو جيڪو پيپلزپارٽي سان ٿيو هو يا وري نواز شريف باقي رهيل ڪجهه ڏينهن حڪومت جا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي اها تاريخ قائم ڪندو ته پاڪستان ۾ ڪنهن وزيراعظم 5 سالن جو مدو پورو ڪيو، ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو جي شهادت بعد جمهوري حڪومت ۾ پيپلزپارٽي کي ئي اهو اعزاز مليو آهي جنهن پنهنجي حڪومت جا پنج سال پورا ڪيا آهن ، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اسلام آباد ۾ 2 نومبر تي عوامي سمنڊ گڏ ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته  2 نومبر وارو ڏهاڙو پاڪستان جي مستقبل جي جنگ آهي، جڏهن ته نواز سرڪار طرفان اهي بيان ڏنا ويا آهن ته اسلام آباد کي بند ڪرڻ وارا ملڪ جا سڄڻ ناهن ۽ اهي ملڪي ترقي کي روڪڻ چاهين ٿا، جنهن کي روڪڻ لاءِ هو هر ممڪن قدم کڻندا، ايتري قدر جو اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نواز سرڪار تحريڪ انصاف جي 2 نومبر واري ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ   عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ صلاح مشورا به ورتا پيا وڃن، جيتوڻيڪ نواز سرڪار  اهو واضع ڪري چڪي آهي ته هو ڪنهن به ريت  اسلام آباد کي بند ڪرڻ نه ڏيندا ، تنهن باوجود عمران خان ڪارڪنن کي اسلام آباد بند ڪرڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جو به چئي چڪو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هن ڀيري عمران خان اسلام آباد کي بند ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي پر ان باوجود پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري اسلام آباد بند ڪرڻ واري عمران خان جي اعلان جي حمايت نه ڪئي آهي،
جيتوڻيڪ  عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ پي ٽي آءِ  اڳواڻن ڊاڪٽر طاهر القادري کي اسلام آباد ڌرڻي بابت راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر افسوس جو هن سندن حمايت نه ڪئي، تنهن  باوجود عمران خان اسلام آباد ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ  سرگرم نظر اچي رهيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي به عمران خان جي اسلام آباد کي بند ڪرڻ واري اعلان جي حمايت ناهي ڪئي، ايتري قدر جو خورشيد شاهه  به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڌرڻن سان ڪجهه به نه ورندو ۽ اسلام آباد کي بند ڪرڻ گهرجي، هڪ طرف سرحد تي ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي ته ٻي طرف وري عمران خان به اسلام آباد کي بند ڪرڻ جي حڪومت کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سبب حڪومت دٻاءُ جو شڪار نظر اچي رهي آهي، هڪ طرف ڀارت آهي ته ٻي طرف وري ملڪ اندر عمران خان نواز سرڪار لاءِ پريشاني واري صورتحال کڙي ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت جيڪي قدم کڻي رهي آهي اهي ايترا اثرائتا نه آهن ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ پي ٽي  آءِ سربراهه عمران خان جي حمايت هر ڪو ڪري رهيو  آهي پر ڪنهن وقت سياسي اڳواڻ عمران خان جو ساٿ ڇڏي به ويندا آهن ۽ اهو بيان ڏيندا آهن ته هو عمران خان جو ساٿ نه ڏيندا ته ڪڏهن اهي بيان به جاري ڪيا ويندا آهن ته عمران خان  پاناماليڪس معاملي جي جاچ بابت کين گڏ کڻي هلي، اهو صرف ان ڪري بيان ڏنو ويندو آهي ته سڄي ميڊيا عمران خان جي ڌرڻي يا جلسي کي ڪوريج ڏيندي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب ڪڏهن سياستدان پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندا آهن ته ڪڏهن وري نواز شريف سان گڏ هوندا، جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه 30 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت ائين نه لڳي رهيو هو ته هي ڪو ڌرڻو حڪومت لاءِ ڪو وڏو دٻاءُ ثابت ٿيندو پر هاڻ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته نواز سرڪار عمران خان جي ڌرڻي کان ٿورو پريشان نظر اچي رهي آهي،
تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ هدايت جاري ڪئي، جڏهن ته شيخ رشيد سميت مختلف پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان ڊاڪٽر طاهر القادري کي اسلام آباد ڌرڻي جي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي پر ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪنديون رهيون ته ڊاڪٽر طاهر القادري عمران خان جي اسلام آباد واري ڌرڻي ۾ شرڪت جي حمايت نه ڪئي، تنهن باوجود عمران خان اسلام آباد ڌرڻي کي پاڪستان جي مستقبل جي جنگ قرار ڏيندي چيو ته هو اسلام آباد ڌرڻي کي هر صورت ۾ ڪامياب ڪندا، جيڪڏهن حڪومت ڪو به غلط قدم کنيو ته ان جا خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا ۽ حالتون خراب ٿيون ته ان جي ذميوار به نواز سرڪار ئي هوندي، اهڙي بيان کان پوءِ نواز سرڪار طرفان به اهي بيان جاري ڪيا ويا هئا ته هو ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد کي بند ڪرائڻ نه ڏيندا، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو مطلب ته سڄي پاڪستان کي بند ڪرڻ جي برابر آهي، بهرحال هن وقت تائين تحريڪ انصاف ۽ نون ليگ طرفان هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو  هلندڙ آهي پر اتي تبديلي جو هڻندڙ عمران خان پنهنجي اعلان ۾ به ٿوري تبديلي آندي ۽ چيو ته هاڻ هو 30 آڪٽوبر نه پر 2 نومبر تي ڌرڻو هڻندو، جڏهن ته ان جو ڪو خاص سبب ناهي ٻڌائي ويو ته آخر ڪهڙي سبب جي ڪري تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڌرڻي جي تاريخ تبديل ڪئي،
رائيونڊ جي ڌرڻي بابت وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ويون هيون ته  پر جڏهن نواز سرڪار ڏنڊا فورس جوڙي هئي ته ان کانپوءِ عمران خان پنهنجي  رويي ۾ تبديلي آندي هئي ۽ چيو هو ته  هو سندس پارٽي ڪارڪن ڪنهن کي به نقصان نه پهچائندا ۽ هو صرف جلسي واري هنڌ کان علاوه ڪڏانهن به نه ويندا، اهڙي بيان بعد پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن  ڪنهن به شخص وٽ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀاڙو نه هجي ته هو کين ڏيڻ لاءِ تيار آهي، بهرحال  اهڙا سياسي بيان ٻنهي پارٽين طرفان مختلف وقتن تي ايندا رهيا آهن پر هن ڀيري جڏهن عمران خان جلسي جي تاريخ تبديل ڪئي ته  لڳي پيو ته هو شايد  ڌرڻي وارو هنڌ به تبديل ڪندو پر ائين نه ٿيو ۽ هن صرف تاريخ ئي تبديل ڪئي، پر هاڻ حڪومت به ٿورو حرڪت ۾ نظر اچي رهي  آهي ۽ اهي خبرون گردش ٿي رهيون آهن ته وفاقي سرڪار طرفان اسلام آباد کي بند ڪرائڻ واري اعلان بعد پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي نظر بند ۽ گرفتار ڪرڻ بابت غور ڪري رهي آهي ۽ هو ڪنهن به وقت پي ٽي آءِ جي قيادت کي گهرن ۾ نظر بند يا وري گرفتار ڪري سگهي ٿي، جيتوڻيڪ اهي خبرون صرف ميڊيا تي ذريعن وٽان ئي هلي رهيون آهن جن بابت نه وفاقي سرڪار طرفان ڪو خاص بيان جاري ڪيو ويو  آهي نه ئي وري پي ٽي آءِ طرفان اهڙو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ طرفان جيترا به ڌرڻا ۽ جلسا ڪيا ويا آهن انهن ۾ حڪومت صرف پي ٽي آءِ کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي ۽ ڪڏهن به انهن جي جلسي يا احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪيو آهي، جئين ٻين ماڻهن جي احتجاج کي ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو ويندو آهي، هونءَ به عمران خان هر ڀيري اهو چوندو رهيو آهي، سندس احتجاج کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حالتون خراب ٿي  وينديون ۽ ان جي ذميوار به نواز سرڪار ئي هوندي، بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته واقعي 2 نومبر پاڪستان جي مستقبل جي جنگ آهي يا وري ڌرڻن ۽ ڪنٽينر واري سياست جي مستقبل جي جنگ آهي، ڇاڪاڻ ته نواز سرڪار طرفان چيو ويو آهي ته اسلام آباد کي بند ڪرڻ مطلب پاڪستان کي بند ڪرڻ آهي.

No comments:

Post a Comment