Pages

Saturday 22 October 2016

سياسي، سرحدي ڇڪتاڻ ۽ احتساب

صاحب خان ڀٽي
پاڪستان تحريڪ انصاف جي 2 نومبر واري احتجاج جي اعلان کانپوءِ حڪومت تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻن طرفان اهي بيان جاري ڪيا ويا آهن ته عمران خان 2 نومبر واري احتجاج کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مذهبي جماعتن کان مدد طلب ڪئي آهي ۽ اهو الزام به لڳايو ويو آهي ته عمران خان مدرسن جي انتظاميه کي به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي ته ٻي طرف وري عمران خان اهڙين بيانن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پر ان باوجود حڪومت وڏي دٻاءُ جو شڪار نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته  هڪ طرف تحريڪ انصاف نوازشريف خلاف پاناما بابت جاچ جو مطالبو ڪري رهي آهي ته ٻي طرف وري ڀارت لاڳيتو سرحد وٽ ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ملڪ اندر هڪ خوف واري فضا قائم ٿي وئي آهي ۽ حڪمرانن سان گڏ عوام به پريشان آهي، جنهن سبب هر هڪ اهو ئي سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخر 2 نومبر تي ڇا ٿيندو؟ اهو  صرف ان جي ڪري ٿي رهيو آهي ته ماضي ۾ جيڪي تحريڪ انصاف طرفان احتجاج ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن انهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عمران خان چندي جو سرعام ميڊيا تي مطالبو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪارڪنن کي ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي هئي ۽ نه ئي وري سرحد وٽ ڪا ڇڪتاڻ هئي، پر هن ڀيري صورتحال ٿورو تبديل ٿي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته هي چندو ڪنهن فلاحي اداري لاءِ نه پر عوامي چونڊيل وزيراعظم خلاف گڏ ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد وزيراعظم نوازشريف کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ آهي، تحريڪ انصاف سربراهه رائيونڊ ڌرڻي کان پوءِ ٿورو ٿڌو ٿي ويو هو، پر وري اچانڪ الائي کيس ڇا ٿيو جو هڪ ڀيرو ٻيهر 30 آڪٽوبر تي کيس اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪرڻو پيو، جنهن تي به هو قائم نه رهيو سگهيو ۽ کيس اسلام آباد ڌرڻي جي تاريخ تبديل ڪرڻي پئي.
بهرحال تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هر ڀيري پنهنجي بيانن ۾ اهو چوندو رهيو آهي ته ملڪ اندر ڪرپشن وڏو ناسور بڻجي چڪي آهي، عمران خان اهو به چوندو رهيو آهي ته هو وزيراعظم جي استعيفيٰ تائين احتجاج جاري رکندو. هاڻ ڏسڻو اهو ئي آهي ته ڇا وزيراعظم نوازشريف پاڻ کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو ۽ آف شور ڪمپنين جي وضاحت ڏيندو يا وري 2 نومبر واري احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙيندو. جڏهن کان عمران خان 2 نومبر واري احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ته ان ڏينهن کان نواز ليگ اڳواڻن طرفان به اهي ئي بيان جاري ڪيا پيا وڃن ته عمران خان به ٻڌائي ته خيرات ۽ زڪوات جا پئسا هن ڪيڏانهن ڪيا،  خواجا آصف اهو به چيو آهي ته هو احتساب لاءِ تيار آهن پر عمران خان کي به خيرات ۽ زڪوات جي وضاحت ڪرڻي پوندي، اهڙي بيان کانپوءِ رد عمل ۾ عمران خان به پنهنجي بيان چيو ته ڪرپشن ڪندڙ هاڻ زڪوات ۽ خيرات وارن پسئن سان فلاحي ڪمن کي نشانو بڻايو رهيا آهن، بهر حال هاڻ مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف ۾ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي چوٽ تي چڙهيل آهي، عمران خان به گذريل ڪيتري عرصي کان پاناما ليڪس واري معاملي جي صاف شفاف جاچ تائين احتجاج جاري رکندو پيو واچي، هن ڀيري به عمران خان اهو ئي چيو آهي ته هاڻ به نواز شريف وٽ وقت آهي ۽ هو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري، عمران خان اهو به چيو آهي ته هاڻ هو ڳالهيون اسلام آباد ڌرڻي دوران ڪندا، اهڙي بيان مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته شايد ڪنهن حڪومتي عملدار سان ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو آهي جنهن سبب عمران خان ميڊيا ته اهو بيان ڏنو آهي ته هو اسلام آباد ڌرڻي دوران ئي ڳالهيون ڪندو،
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان نواز سرڪار کي ڏوراپو ڏيندي چيو ته آخر عمران خان جهڙي شخص کي ڪي پي حڪومت ڇو ڏني وئي ۽ عمران خان کان  اهو سوال به ڪيو ته  آخر هو ڪنهن جي چوڻ تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان جي اهڙي بيان مان به اهو لڳي رهيو آهي  ته هو نواز شريف جي سپورٽ ڪري رهيو آهي ، بهر حال هن وقت نواز سرڪار کي سرحدي ڇڪتاڻ سان گڏ احتجاجن ۽ ڌرڻن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف رحيم يار  خان ۾ جلسي کي خطاب دوران روئي به ڏنو هو جنهن بابت عمران خان چيو ته نوازشريف ملڪي حالتن تي نه پر ڪرپشن  بابت روئي رهيو آهي، پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهرالقادري به پنهنجي بيان چيو آهي ته خبر ناهي پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جا مقصد ڪهڙا آهن، ڌرڻي بابت سندس ڪو به صلاح مشورو ناهي ٿيو، ڊاڪٽر طاهرا القادري چيو ته اسلام آباد ڌرڻي بابت سندس رڳو شيخ رشيد سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ، تحريڪ انصاف کي سندن سياسي حمايت حاصل آهي،
هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو  طاهر القادري عمران خان جي ڌرڻي جي حمايت ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري 2 نومبر واري ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت قبولي آهي، هونءَ  ته عمران خان  تي مختلف وقتن ۾ اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته سندس پٺيان ڳجها هٿ آهن جن جي چرچ تي هو احتجاج ۽ ڌرڻا لڳائي پيو، ايتري قدر جو عمران خان تي فوج جي حمايت حاصل هجڻ به الزام لڳايو ويو آهي پر ان باوجود هو انهن سمورن الزامن کي رد ڪندو رهيو آهي ۽ اهي بيان به جاري ڪندو رهيو آهي ته هو سندس پٺيان ڪير به نه آهي، ڪجهه وقت عمران خان تي حقاني مدرسي کي فنڊ جاري ڪرڻ جو به الزام لڳايو ويو هو،جنهن بابت به عمران خان  اهو ئي چيو هو ته هو مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ عمران خان پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو هو ته مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي، جڏهن عمران خان حقاني مدرسي کي فنڊ جاري ڪرڻ واري خبر جي تصديق ڪئي هئي ته ان وقت پيپلزپارٽي جي شريڪ چيرئمين آصف علي زرداريچيو هو ته عمران خان جي وات ۾ جيڪو اچي ٿو هو چئي ڏئي ٿو ۽ اهو به چيو ته عمران خان 30 ملين رپيا طالبان جي مدرسي کي ڏنا، عمران خان جي حقاني مدرسي کي فنڊ ڏيڻ واري خبر بعد آمريڪا طرفان به اهو بيان جاري ڪيو هو ته هو عمران خان طرفان حقاني مدرسي کي فنڊ ڏيڻ واري خبرن کان  آگاهه آهن،
جڏهن ته مختلف جماعتن طرفان عمران خان جي اهڙي عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي، عمران خان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اهو به چيو هو ته کيس طالبان خط لکي ٿوريا به مڃيا آهن، عمران خان اهو سڀ ڪجهه هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو هو، عمران خان هو به چيو هو ته کيس خبر نه هئي ته سندس اسپتال مان ڪنهن طالبان به علاج ڪرايو آهي، جڏهن طالبان سندس ٿورا مڃيا ته پوءِ کيس خبر پئي هئي، جنهن تي مختلف تنظيم طرفان به  اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته عمران خان جي اسپتال مان طالبان به علاج ڪرائي رهيا آهن، بهر حال مدرسي کي فنڊ ڏيڻ وارو معاملو ۽ طالبان طرفان علاج ڪرائڻ معاملو پنهنجي جڳهه تي آهي پر هن وقت عمران خان تي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو الزام لڳي رهيو آهي ته هو  اسلام  آباد کي بند ڪرڻ لاءِ چندو گڏ ڪري رهيو آهي ۽ مذهبي جماعتن کان به مدد طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته مدرسن کان به ماڻهو گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو  آهي، پر اها خبر ناهي پئجي سگهي ته اهي ڪهڙا مدرسا آهن جيڪي عمران خان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ اهي ڪهڙيون مذهبي جماعتون آهن جن کان عمران خان مدد طلب ڪئي آهي،
بهر حال اهو هاڻ 2 نومبر تي ئي خبر پوندي ته آخر ڇا ٿيندو پر رحمان ملڪ جي بيان بعد ٿورو صورتحال  تبديل ٿيندي به نظر اچي رهي آهي پر ان مان به اهو نه ٿو چئي سگهجي ته  عمران خان ۽ نوازشريف وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي، جڏهن کان ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ ڪئي آهي تنهن ڏينهن کان سرحد تي به ايل او سي جي ڀڃڪڙي جو سلسلو هلي رهيو آهي ۽ ڀارتي فوج بنا جواز فائرنگ به ڪري رهي آهي جنهن سان هن وقت تائين ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن پر ان باوجود سياسي قيادت هڪ پليٽ فارم تي گڏ نظر نه اچي رهي آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته سياسي جماعتون ڀارتي جارحيت خلاف هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ لاءِ راضي نه آهن ۽ نه ئي هو هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڀارت کي اهو جواب ڏيڻ چاهين ٿيون ته پاڪستان  جون سموريون متحد آهن ۽ انهن وچ ۾ ڪي به اختلاف نه آهي، ڇاڪاڻ ته هي وقت احتجاجن يا ڌرڻن جو نه آهي، عمران خان به جيڪو صرف نوازشريف خلاف بيان ڏئي رهيو آهي ان کي به ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي ته جئين سرحد وٽ ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿي سگهي.


No comments:

Post a Comment