Pages

Thursday, 3 November 2016

ناڪارا بڻيل ريلوي نظام ۽ ضايع ٿيندڙ املهه انساني حياتيون

صاحب خان ڀٽي
اڄ جي جديد ۾ هر ملڪ پنهنجي شهري کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ  هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي پر افسوس جو هن ملڪ ۾ نه ته عوام کي ڪا بهتر سهولتون فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ نه ان لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، 1947ع کان اڳ انگريز  دور جي ڏنل سهولتن مان عوام اڄ به فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، ان جو وڏو مثال هتان جون قديم پليون ۽ عمارتون آهن ۽ ان سان گڏ ريلوي نظام به آهي، جيڪو 1947ع کان ريلوي  جو ڄار وڇايو ويو آهي ان ۾ اڄ تائين ڪا به جدت نه آندي وئي آهي، رهندو جن علائقن ۾ ٽرينون گذرنديون هيون انهن کي به دهشتگردي جو سبب ڄاڻائي بند ڪيو ويوآهي، ڪن ريلوي اسٽيشنن تي ٽرينن کي بيهاريو ئي نه ويندو آهي، ان جو سڀ کان سبب اهو ئي آهي ته هن ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ مافيا تمام گهڻو بااثر بنجي چڪي آهي جنهن سبب اهي نٿا چاهين ته ريلوي نظام ۾ ڪا به بهتري اچي سگهي، ڪجهه عرصو اڳ ريلوي جو وفاقي وزير اهڙي شخص کي بڻايو ويو آهي جنهن بابت اهي خبرون نشر ٿيون هيون ته ان جون ڪيتريون ڪوچ ۽ بسون هلنديون آهن جنهن سبب هن ريلوي نظام جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هيو، بهرحال اهو وقت ته گذري ويو  پر هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت ريلوي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي جنهن سبب حادثا معمول بڻيل  آهن، ڪڏهن ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهي وينديوون آهن ته ڪڏهن وري ٽرينن کي سنگنل نه ملڻ سبب هڪ ئي ٽريڪ تي ٻه گاڏيون اچي وينديون آهن جنهن سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي وينديون آهن. گذيل ڏينهن به صبح جو ڪراچي جي قذافي ٽائون ويجهو زڪريا ايڪسپريس ۽ فريد ايڪسپري وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو ، جنهن ۾ ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته ڊي جي ريلوي پنهنجي بيان ۾ اهو اعتراف ڪيو ته ٽرينن کي سنگنل نه ڏنو ويو هو جنهن سبب حادثو پيش آيو،
هاڻ ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو هن جديد دور ۾ اسان جي ملڪ جو ريلوي نظام ڪيترو بهتر آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي دشمن ملڪ ڀارت ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته اتان جو ريلوي نظام لک ڀيرا بهتر آهي ۽ اتي اڃا ريلوي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن پر اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن ريلوي نظام کي ڪرپشن جي ورچاڙهي ان جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪڏهن ڪڏهن اهو ٻڌڻ ۾ملندو آهي ته ريلوي ادارو خساري ۾وڃي رهيو آهي خبر نه پوندي آهي ته ريلوي نظام خساري ۾ پيو وڃي يا وري حڪمران خساري ۾ وڃي رهيا آهن،بهرحال هن وقت ريلوي نظام سان جيڪو حشر ڪيو ويو آهي ان مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت هن اداري کي به خانگائڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهي  آهي، جيڪڏهن حڪومت  کي هن  ريلوي نظام کي بهتر ڪرڻو هجي يا ان ۾ ان نظام جدت آڻڻي هجي ها ته ان بابت حڪومت ڪي قدم ضرور کڻي ها، پر افسوس جو  حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن کي هن اداري کي ترقي وٺرائڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي،  ڪجهه عرصو اخبارن ۾ اهي خبرون هليون هيون ته انگريز دور ۾ جيڪو ريلوي نظام ڏنو ويو هو ان مان ڪا به جدت نه آندي وئي آهي ۽ نه ئي ان لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن ان کان پوءِ اهي خبرون ٻڌڻ  لاءِ مليون هيون ته پاڪستان طرفان چين کان جديد ٽرين جون بوگيون ورتيون ويون آهن ۽ انهن ۾ اي سي سان گڏ ٻيون سهولتون به فراهم ٿيل آهن ان وقت اسان جي ملڪ جو عوام تمام گهڻو خوش ٿيو هو پر افسوس جو اهي بوگيون ايتريون ته گهٽ ورتيون ويون جو ماڻهن کي ان ٽرين ۾ سفر ڪرڻ لاءِ به ٽڪيٽ ملڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويو هو، حڪومت طرفان اها به دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هاڻ ريلوي نظام بهتر ڪيو ويو آهي ۽ سمورو نظام ڪمپوٽرائزڊ ڪيو ويو آهي،
جيڪڏهن اسان ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن تي وينداسين ته اتي به مسافرن سان اهو حشر ڪيو پيو وڃي ته انهن کي ٽڪيٽ نه ملندي آهي، جيڪڏهن ملندي آهي ته گاڏين ۾ جاءِ ئي نه هوندي، جيڪڏهن قسمت سان ٽرين ۾ ويهڻ لاءِ جاءِ به ملي وڃي ته ٽرين وقت تي ريلوي اسٽيشن کان نڪرندي نه آهي، مسافر هميشه اهي دانهون ڪندا رهيا آهن ته جڏهن هو ٽڪيٽ به خريد ڪندا آهن پر انهن کي وقت تي پنهنجي طرف نه پهچايو ويندو آهي، ڪجهه مسافر اهي به رڙيون ڪندا  آهن ته جڏهن ٽرين ڪراچي کان رواني ٿيندي آهي ته ان جي انجڻ ڪڏهن ڪوٽڙي ۾ خراب ٿي پوندي آهي ته ڪڏهن وري سکر ويجهو بيهي ويندي آهي ۽ مسافرن کي پريشان ٿيڻو پوندو آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن به عيد ايندي آهي ته هر ڪو ماڻهو عيد پنهنجي مٽن مائٽن ڏانهن ڪرڻ ويندو آهي ڪجهه ماڻهن کي ريل ۾ سفر ڪرڻ پسند هوندو آهي پر هنن کي اها خبر ئي نه هوندي آهي ته جنهن ڏينهن کان ملڪ ۾ اي سي ۽ عورت ڪلينر واريون بسون ۽ ڪوچ هلڻ شروع ٿيا آهن ان ڏينهن کان ريلوي جو نظام مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي نه حڪمران ان تي ڌيان ڏئي رهيا آهن ۽ نه ريلوي جا عملدار ان نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهيا آهن. ان مان اهو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو ريلوي جي تباهي جو سڀ کان وڏو سبب ٽرانسپورٽ مافيا آهي ۽ان کانپوءِ ريلوي جا عملدار آهن جيڪي هڏ حرامي ڪري پنهنجي ڊيوٽين ۾ غفلت ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ٽرين حادثا پيش اچي رهيا آهن، ڪراچي کان سکر تائين ٽرين جي پٽڙين جو اهو حشر ٿي ويو آهي جو پٽڙين جي هيٺان لڳل سليپ ٽٽي ويا آهن پر انهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ به ڪي قدم نه پيا کنيا و ڃن ۽ نه پٽڙي ۾ لڳل پليٽن جا نٽ لڳايا پيا وڃن،
جيڪڏهن عملدارن کان پڇيو ويندو آهي ته اهي صرف اهو چئي جان ڇڏائي ڇڏيندا آهن ته چور اهي پليٽون ۽ نٽ ڪڍي ويندا آهن،جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته انهن کي روڪڻ ڪم ڪنهن جو آهي ۽ ان بابت به ريلوي عملدارن کي جواب ڏي پوندو، ڇاڪاڻ ته اها انهن جي ئي ذميواري آهي ته هو ٽرين جي پٽڙي کان ويندي ريل جي انجڻن ۽ گاڏن جو معائنو ڪن ۽ جيڪڏهن ڪا خرابي هجي ته ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ قدم کڻن، پر افسوس جو ريلوي نظام کي تباهه ڪرڻ لاءِ نه ته ريلوي عملدار ڪا ڪسر ڇڏي رهيا آهن ۽ نه ئي  وري حڪومت وري ڪا دلچسپي وٺي رهيا آهن، جنهن مان لڳي پيو ته مستقبل پاڪستان اندر ٽرين کي ميوزيم ۾ بيهاريو ويندو ۽ جيڪي ٽرين جون بوگيون هتي استعمال ٿي رهيون آهن ان کي به شوپيس جيان روڊن رستن ۽ ڇوڪن تي بيهاريو ويندو  ته ماڻهو ڏسن هن ملڪ ۾ ڪنهن دور ۾ٽرين هليندي هئي، بهرحال حڪومت کي هاڻ سنجيدگي سان ريلوي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندي  ته جئين  قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن، جيڪڏهن حڪومت ريلوي جي نظام کي بهتر نه ٿي ڪري سگهي ته ان جو به ٺيڪو چائنا کي ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين ريلوي نظام کي بهتر نه ڪيو ويو  آهي، جيڪڏهن ريلوي جو ٺيڪو به چين کي ڏنو وڃي ته جئين خبر پئجي سگهي ته آخر ڪوتاهي ڪير ڪري رهيو  آهي جو  ٽرينن وچ ۾ ٽڪر معمول بڻيل آهي، جنهن سان ڪيتريون املهه انساني حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن.

No comments:

Post a Comment