Pages

Thursday, 3 November 2016

سريلي راڳي ماسٽر چندر جي وڇوڙي کي 32 سال مڪمل

ٺارو شاهه (شوبز نيوز) سريلي راڳي ماسٽر چندر جي وڇوڙي کي 32 سال ٿي ويا آهن، اڄ سندس ورسي ملهائي پئي وڃي. 18 جولاءِ 1909 ۾ ٺارو شاهه ۾ جنم ويندڙ ماسٽر چندر جو اصل نالو چندر ڪنگو مل ڏامواڻي هو، هن ابتدائي تعليم ٺارو شاهه ۾ ئي حاصل ڪئي، هالاڻي جي مندر ۾ ڀڄن چئي ڳائڻ جي شروعات ڪئي.ماسٽر چندڙ راڳ کي عبادت سمجهندو هو، هو راڳي سان گڏ سٺو  شاعر ۽ موسيقار به هو.ماسٽر چندر 1930 ۾ پهريون گيت رڪارڊ ڪرايو، هن 1930 کان 1940 تائين راڳ جي ميدان ۾ وڏي شهرت ماڻي.ورهاڱي کانپوءِ ماسٽر چندر خاندان سميت ڀارت لڏي ويو، جتي هن اجمير شريف، ڪولڪتي ۽ پوءِ  ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي.ماسٽر چندر فلمن ۾ به ڪم ڪيو، 1942 ۾  ٺهندڙ  سنڌي فلم ايڪتا ۾ هن پهريون ڀيرو ڪم ڪيو.ماسٽر چندڙ جي مشهور ڪلامن ۾ قسمت ڪئي جدائي ڪنهن تي ميار ناهي، سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون، رس نه رسڻ ۾ ڇاهي راڻا ۽ ٻيا ڪلام شامل آهن.ورهاڱي کانپوءِ 1956 ۾ جڏهن ماسٽر چندر جنم ڀومي ٺارو شاهه آيو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.جڏهن ته ماسٽر چندر سريلي آواز سان گڏ 1984 ۾ ڀارت چ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.....

No comments:

Post a Comment