صاحب خان ڀٽي
اهو سچ آهي ته ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ ڪچي شراب جي واهپي
سبب املهه حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ ڪچي شراب سبب هزارين گهر اجڙي به چڪا آهن
پر افسوس جو زهريلي شراب جي وڪري خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي
ڪئي پئي وڃي جن حڪومت کان پئسا خرچ ڪري شراب جي گتن جا لائسنس ورتا هئا ۽ لائسنس
اڪثر هندو ڪميونٽي ورتا هئا ڇاڪاڻ ته انهن کي پيئڻ جي ڪا به منع نه ٿيل هوندي آهي
پر هاڻ انهن خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي ۽ جواز ڄاڻايو ويو آهي ته شراب
مسلم آبادي وارن علائقن ۾ کلي عام وڪرو ٿي رهيو
آهي، جنهن سبب انهن کي بند ڪيو ويو آهي، پر افسوس جو حڪومت کي اهو به خيال
نه آيو ته اڄ جي جديد دور ۾ جتي ٻاهرن ملڪن ۾ شراب جون هوٽلون قائم ڪيون ويون آهن
اتي شراب جا لائسنس جاري ڪرڻ کان اڳ مڪمل جاچ پڙتال ڪئي ويندي ۽اتان جي حڪومت جي
ئي ذميواري هوندي آهي ته اها ئي شراب جي ٽيسٽ کي يقيني بڻائي پوءِ وڪرو ڪرائيندي آهي
پر هن ملڪ ۾ شراب جي گتن کي لائسنس ته ڏنا ويا پر ڪوائلٽي کي چيڪ نه ڪيو، جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته اڄ تائين سنڌ ۾ ڪو اهڙو ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي جنهن مان اهو ثابت ٿي سگهي
ته لائسنس يافته شراب جي گتن تان وڪرو ٿيل شراب سبب ڪو ماڻهو فوت ٿيو هجي پر ائين
ضرور ٿيو آهي جو ڪراچي کان علاوه سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ بااثرن طرفان جيڪي ڪچي
شراب جون بٺيون قائم ڪيون ويون ۽ اتي ٺرو ٺاهيو ويو جنهن جي استعمال سان
ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائڻ لڳا،
جڏهن کان سنڌ ۾ شراب جي گتن کي بند ڪيو ويو آهي ان ڏينهن
کي ڪچي شراب جي واهپي ۾ واڌ اچي وئي آهي جنهن سبب روز ڪٿي نه ڪٿي ماڻهون فوت ٿي
رهيا آهن، پوليس طرفان به لائسنس يافته شراب جي گتن خلاف به ڪاروايون جاري آهن،
ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين شراب جا گتا بند ڪرايا ويا آهن پر افسوس جو ڪچي شراب
جي وڪري ۾ هن وقت تائين ڪا گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، سنڌ ۾ جن شراب جي گتن کي
لائسنس ڏنا ويا هئا انهن کي به رد ڪيو ويو آهي، ملير ۾ ڪجهه ڏينهن پوليس ڪارروائي
ڪري شراب هٿ ڪيو ويو آهي، مطلب ته سنڌ جو ڪو اهڙو شهر نه بچيو آهي جنهن بابت اهو
چئي سگهجي ته لائسنس يافته شراب جو گتو هلندو هجي، مطلب ته هن وقت ته هن وقت سنڌ
جي سمورن شهرن ۾ لائسنس يافته گتا بند ٿي چڪا آهن ۽ وڪرو ڪندڙن ۽ پيئندڙن خلاف
ڪريڪ ڊائون به جاري آهي، ڪيترن ئي کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، سمجهه ۾
اها ڳالهه نه ٿي اچي ته آخر حڪومت جڏهن ڪنهن شيءَ جو لائسنس جاري ڪندي آهي ته ان
وقت کين اهو ڇو نه خيال ايندو آهي ته اهو برو عمل آهي يا وري خراب عمل آهي، هاڻ جڏهن کان پوليس شراب جا گتا بند
ڪرايا آهن ته ڪراچي کان ويندي ڪشمور تان ڪچي شراب جي وڪري ۾ ايتري ته واڌ اچي وئي
آهي جو ماڻهو فوت ٿيڻ جون خبرون روز ٻڌڻ ۾ ملي رهيون آهن، حڪومت صرف اها دعويٰ ڪري
رهي آهي ته هنن شراب جي گتن کي بند ڪرائي ڇڏيو آهي پر اهو بيان هن وقت تائين ناهي
ڏنو ويو ته لائسنس يافته شراب جا گتا ته بند ڪيا ويا آهن پر انهن بااثرن جو ڇا
ٿيندو جيڪي زهريلو ٺرو وڪرو ڪري انساني حياتيون کسي رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي
ڪير ڪندو، ڇا انهن خلاف ڪارروائي لاءِ به چائنا کي ٺيڪو ڏنو ويندو، جيڪي اچي سنڌ ۾
زهريلي ٺري جي وڪرو تي پابندي لڳائندا ۽ انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندا جيڪي ڪچو
شراب وڪرو انساني حياتين سان کيڏي رهيا آهن، جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ حڪومت
تڪڙا قدم ڇو نه پئي کڻي، اسان وٽ اهو وڏو الميو رهيو آهي ته سرڪار ان وقت ئي قدم
کڻندي آهي، جڏهن ڪو وڏو سانحو پيش ايندو آهي، ماضي ۾ به هڪ اهڙو سانحو پيش اچي چڪو
آهي، جنهن ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب عورتن سميت ڪترائي ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي
ويٺا هئا ۽ حڪومت صرف انهن متاثرن لاءِ امداد جو اعلان ڪيو هو پر انهن ماڻهن خلاف
ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي جن زهريلي شراب وڪرو ڪئي هئي.
جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ شراب تي پابندي لڳائڻ وارو فيصلو
ٻڌايو هو ان کان پوءِ ايڪسائيز کاتي شراب
خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيو ۽ مختلف شهرن مان گرفتارين جي به دعويٰ ڪئي وئي،
جڏهن ته. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي شراب خلاف هدايتن کان پوءِ ڪراچي سميت
مختلف شهرن ۾ شراب جا دڪان بند ڪرايا ويا، اهڙي ريت سنڌ جي راجڌاني کانپوءِ لاڙڪاڻي
شهر ۾ 3 شراب خانا بند ڪرايا ويا، نصرپور ۾ به پوليس ڪارروائي ڪري ڪيرا شاخ وٽ هڪ
شراب خاني کي بندڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي. ڪوٽڙي ۾ به ڪوٽري المدينه چوڪ قائم هڪ شراب
کي بند ڪيو ويو، جڏهن ته نوري آباد ۾ بس اسٽاپ تي هڪ شراب خاني ۽ عمر ڪوٽ ۾ ٻه شراب
خانا فوري طور بند ڪرايا ويا ٻئي پاسي شڪاپور ۾ مک شراب خانو به بند ڪرايو ويو،
سکر ۾ پوليس چار شراب جي دڪانن کي سيل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي اڄ به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو
آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شراب جي گتن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري ساري آهن.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت مختلف شهرن ۾ شراب تي پابندي کانپوءِ ڪچي شراب جي وڪري ۾ رڪارڊ اضافي جون خبرون ٻڌڻ
۾ اچي رهيون آهن اهو به ٻڌڻ ۾ اچي
رهيو آهي ته پابندي کانپوءِ شراب بليڪ تي
وڪرو ٿي رهيو آهي ڪجهه ماڻهو ته پنهنجي حياتين سان به کيڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽
ميڊيڪل اسٽورن تي اسپرٽ سيميت ٻين شين لاءِ رش لڳي وئي آهي ۽ ٺرو به کلي عام وڪرو
ٿيڻ جون خبرون به ميڊيا تي نشر ٿي رهيون آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ منشيات جي
وڪري ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، شراب، چرس، هيروئن، ڀنگ، سگريٽ، مين پڙي سميت ٻين
ڪيترين ئي نشي آور شين جي وڪري سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هر طرف کان اهي
ئي دانهون آهن ته منشيات سبب انساني حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن، پر هن وقت تائين
ڪو به اهڙو خاص قدم نه کنيو ويو آهي جنهن سان اهو ظاهر ٿي سگهي ته سنڌ ۾ منشيات جو
خاتمو ٿي سگهندو. چرس بابت صرف ٻڌندا پيا اچون ته ٻين افغانستان ۽ ٻين پهاڙي
علائقن کان ماڻهو چرس سمگل ڪندا آهن، مختلف وقتن تي پوليس طرفان به ڪارروائي ۾
اهڙن ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي جيڪي ٻين صوبن کان منشيات سنڌ ۾ وڪرو ڪرڻ
لاءِ ايندا آهن، بهرحال مين پڙي، گٽڪو ۽ سگريٽ به صحت لاءِ هاڃڪار آهن پر جڏهن کان
سنڌ سنڌ ۾ شراب جي وڪري ۾ واڌ ٿي آهي ته ان ڏينهن کان ماڻهو به فوت ٿيڻ لڳا آهن،
ڪجهه عرصو اڳ ٽنڊو محمد خان ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا هئا
۽ ڪيترائي ماڻهو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل به ڪيا ويا هئا. ٽنڊي محمد خان ۾
ڪچي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويلن جي واررثن سميت هزارين ماڻهن ڌرڻو هنيو ۽ حڪومت
کان مطالبو ڪيوهو ته ڪچي شراب جي وڪري تي پابندي لڳائي وڃي ته جئين قيمتي جانيون
ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن. ان وقت به پوليس ڪارروائي ڪئي هئي ۽ڪيترن ئي ماڻهن کي
گرفتار به ڪيو ويو هو پر افسوس جو ان وقت مک جوابدار فرار ٿي ويو هو. ٽنڊو محمد
خان جي ڪريم آباد ڪالوني ۾ جن ماڻهن ڪچو شراب پيتو هو ان ۾ عورتون به شامل هيون، زهريلو
شراب واپرائڻ سبب شريمتي هونا زال بابو ، 35 سالا الهڏنو ملاح ، 25 سالا پپو ڪولهي
۽ 28 سالا شفيع پٽ تلسي ڪولهي ۽ ٻيا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ سيٺارجا
لڳ هنڊياتي ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب ٻه نوجوان فوت ٿي ويا هئا. هنڊياري ۾ ڪچو شراب
واپرائڻ سبب فوتين ٿيلن نوجوانن ۾ ولي محمد ۽ ڪرم حسين دستي شامل هئا، 07 فيبروري
2016ع ۾ ميرپور ماٿيلي ۾ به ڪچي شراب واپاريئڻ سبب ڏهرڪي واسي نوجوان حميد شر فوت
ٿي ويو هو. نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ بقاءَ الله ناريجو ۾ ڪڇو زهريلو شراب
واپرائڻ سبب 3 ڄڻا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا هئا.
بهرحال هاڻ جڏهن شراب جي گتن تي پابندي لڳائي وئي آهي ته
ڪچي شراب جو وڪرو به سري عام ٿي رهيو آهي، ٻن ٽن ڏينهن کان اهي خبرون ميڊيا تي
گردش ڪري رهيون آهن هن وقت تائين وڌيڪ چار
ڄڻا ڪچي شراب جي واهپي سبب پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن، هاڻ اها حڪومت جي
ذميواري آهي ته سنڌ ۾ ڪچي زهريلي شراب جي وڪري تي پابندي لڳائي ۽ سختي سان عمل
ڪرائي ته جئين انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن ۽ جن ماڻهن کي لائسنس جاري ڪيا
ويا انهن سان به قانون موجب انصاف ڪيو وڃي، ان ۾ عام ماڻهو جو ئي فائدو ٿيندو
ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن کي لائسنس ڏنا ويا اهي ڪڏهن به غير معياري ۽ زهريلي شراب وڪرو
نه ڪندا ۽ انساني جانيون بچي وينديون نه
ته ٻي صورت ۾ ڪچي شراب جو وڪرو هلندو رهندو ۽ ماڻهو مرندا رهندا.
No comments:
Post a Comment