صاحب خان ڀٽي
سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ۾ ڏياريءَ
جو ڏڻ هر سال آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي، هن ڏهاڙي هر ماڻهو پنهنجي
گهرن کي سينگاريندو آهي، مطلب ته هن ڏيهن کي روشنين جو ڏڻ به چئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ
ته هن ڏهاڙي تي گهرن ۾ ڏيئا ۽ بتيون ٻاريون وينديون آهن. جڏهن ته ڏياريءَ ملهائڻ جو سلسلو پنجن ڏينهن تائين جاري رهندو
آهي. ڏياريءَ جي ڏڻ جي لفظي معنيءَ ڏيئن جي قطار آهي. ڏياري جو ڏڻ ان ڪري ملهايو
ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن شري رام پنھنجي پيءُ جي قول ۽ فرمان جي
پاسداري خاطر بنواس جھڙي مشڪل مرحلي مان گذرڻ قبوليو هو پر
پنھنجي والدين جي نافرماني جو مرتڪب نه ٿيو هو، ڏياريءَ جي ٽيون ڏهاڙو تمام گهڻو
خاص هوندوآهي، هن ڏينهن ننڍڙا ٻار توڙي وڏا نوان ويس پائيندا آهن. مطلب ته هن ڏينهن
کي نوان ڪپڙا پائڻ جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. شام وقت پوڄا پاٺ جون تياريون ڪيون
وينديون آهن ۽ گهرن ۾ مختلف کاڌا به تيار ڪيا ويندا آهن ، رات جي وقت لڪشمي جي پوڄا
ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته لڪشمي جي پوڄا کي دولت جي ديوي به چيو ويندو آهي، جنهن کي
لڪشمي جي خوشحالي جي علامت به چيو ويندو آهي، جنهن سان گهرن ۾ ڌن، شانتي، خوشحالي ۽
خوشيون اينديون آهن، ڏياريءَ جي موقعي تي آتش بازي به ڪئي ويندي آهي ۽ مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪري پاڙيسرين ۾ به
ورهايا ويندا آهن، هن ڏهاڙي تي مٺايون به تقسيم ڪيون وينديون آهن. ڏياريءَ جي
موقعي تي مختلف شهرن جا ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ پوڄا پاٺ جو به انتظام ڪندا آهن، ڪجهه
ماڻهو سرسوتي ديوي، گنيس ۽ ٻين ديوتائن جي پوڄا پاٺ ڪندا آهن. پوڄا پاٺ جو مقصد
نئين سال لاءِ ديوئن ۽ ديوتائن ذريعي گهر ۾ ڌن دولت ۽ خوشحالي آڻڻ هوندو آهي. هن ڏهاڙي
تي هر هڪ ماڻهو سمورا اختلاف ويساري خوشيون ونڊيندو آهي.
ڏياريءَ جي ڏڻ جي موقعي تي
پنهنجي مٽ مائٽن کي تحفا به ڏنا ويندا آهن. ڏياريءَ جي ڏڻ جي موقعي تي گهٽين کي به
سينگاريو ويندو آهي، پوڄا پاٺ کانپوءِ آتشبازي ڪئي ويندي آهي، جنهن دوران ننڍڙا ٻارڙا
توڙي مرد ۽ عورتون ڦٽاڪا ڦاڙينديون آهن ۽ آتشبازي بئي ڪئي ويندي آهي، جنهن سان
آسمان رنگ به رنگي روشنين سان ڇائنجي ويندو آهي. ڏياريءَ جو ڏڻ پنج ڏينهن ملهايو
ويندو آهي، ڏياري جو ڏڻ هر سال هندو ڪلينڊر موجب اسو مهيني ۽ ڪتيءَ جي مهيني ۾ ڀرپور
نموني سان ملهايو ويندو آهي. ڏياريءَ ڪاري رات جو ملهائي ويندي جنهن رات مڪمل طور
اوندهه هجي، ان ڪاري رات ۾ ڏيئا ٻاري ڀرپور نموني ڏياريءَ ملهائي ويندي. ڏياري جي
موقعي تي ديوئن جي پوڄا پاٺ کان سواءِ ڦٽاڪا ڦاڙڻ سان گڏ گهرن کي مختلف رنگن سان
سينگاريو ويند آهي، هن ڏڻ کي ملهائڻ جون تياريون هڪ هفتو اڳ ئي شروع ٿي وينديون
آهي ۽ ڏياريءَ جي ڏڻ جي ٻن ڏينهن کان اڳ ئي تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ڏياريءَ
جي تمام گهڻي پراڻي آهي، ڏياريءَ جو ڏڻ گرمي جي موسم کان پوءِ ايندو آهي. هي ڏڻ ڪاري رات يا نئين چنڊ جي رات ملهايو ويندو آهي.
ڏياريءَ جو ٽيون ڏهاڙيو هندو برادري جو سڀ کان وڏو تهوار هوندو آهي،
ڏياري کي هندي ۾ ديوالي،
مارواڙي ۾ ڏيواڙي جي نالن سان پڪاريو ويندو آهي. جنهن جي معنيٰ ڏيئا يا روشني
آهي. مون کي وڌيڪ ته ڏياريءَ بابت معلومات
نه آهي پر هڪ ليکڪ کي پڙهيو هيم، جنهن
پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته اڄ کان اٽڪل انيڪ سال اڳ ايوڌيا ننگري ۾ راجا
دسرت جي راڄداني هئي. ايوڌيا ننگري ۾ انياءَ جو ته نالو نشان ئي ڪو نه هو سڄي پرجا
سک شانتي سان رهندي هئي ايتريقدر جو شينهن ٻڪري به هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پيئندا هئا
پر انهي باوجود راجادسرت تمام گهڻو مايوس نظر ايندو هو. هڪ دفعي راجا دسرت شڪار
لاءِ نڪتو ته کيس جهنگل ۾ سج لهي ويو ۽ چئوطرف انڌير ڇائنجي ويو انهي مهل نديءَ جي
ڪناري تي پنهنجي پتا شانتو ۽ ماتا گيان ونتي لاءِ سندن پٽ شروڻ ڪمار پاڻي ڀري رهيو
هو. ڇاڪاڻ جو سندس ماتا ۽ پتا ٻئي سورداس (اکين کان معذور) هئا. پاڻيءَ جي گُڙ گُڙ
جو آواز ٿيو جنهن تي راجا سرٿ سمجهيو ته ڪو جانور آهي جيڪو نديءَ مان پاڻي پي رهيو
آهي ۽ راجا هڪدم شڪار سمجهي تير هلايو جيڪو سڌو شروڻ ڪمار جي سيني ۾ وڃي لڳو ۽ هو
تڙپي تڙپي مري ويو. جڏهن اها خبر شروڻ ڪمار جي سُورداس ماتا پتا کي پئي ته انهن
سراپ ڏنو ته جنهن ماڻهو اسانجي ٻچڙي کي ماري اسان کان اسانجو سهارو کسيو آهي اهو
به پنهنجي پٽ جي وڇوڙي ۾ تڙپي تڙپي مرندو. راجا دسرت جنهن کي ٽي زالون هيون جنهن مان وڏي راڻي ڪوشليا مان
شري رامچندر، سمترا مان لڪشمڻ ۽ شتروگهن ۽ ڪيڪئي مان ڀرت پيدا ٿيا.
راجا دسرت جڏهن پوڙهو ٿيو ته هن پنهنجي وڏي ۽
مهندار پٽ شري رامچند ر کي پنهنجو جانشين بنائڻ جو فيصلو ڪيو ته اها ڳالهه سندس ٽين
راڻي ڪيڪئي کي نه وڻي ۽ هن پنهنجي پتي راجا دسرت کي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي
ته توهان مونکي ڏنل وچن پاڙيو. پهريون وچن رامچندر 14 سال بنواس وڃي ۽ ٻيو وچن ته
منهنجو پٽ ڀرت راڄ گدي تي ويهي راڄ ڪري. اهڙا ڪٺور وچن ٻڌي راجا دسرت کي جهٽڪو لڳو
پر هن وچن نڀائڻ خاطر دل تي پٿر رکي چيو ته پراڻ جائي پر وچن نه جائي. جڏهن اها
خبر شري رامچندر کي پئي ته هو محل جا سک ڇڏي پنهنجي زال سيتا ۽ ڀاءُ لڇمڻ کي ساڻ ڪري
بن ڏانهن روانو ٿيو. بن ۾ گهمندي گهمندي جڏهن گوداوري نديءَ جي ڪناري ڏنڊڪ بن ۾
پهتو ته اتي لنڪا جي راجا راوڻ دوکي ۽ فريب سان سيتا کي کڻي وڃي لنڪا ۾ قيد ڪيو ۽
شري رامچندر دکڻ جي راجا سُگريو ۽ پون پتر هنومان جي مدد سان سيتا کي راوڻ جي قيد
مان آزاد ڪرائي پاپي دُشٽ راجا راوڻ کي ماري پنهنجي پتا راجا دسرت جي وچنن جي
پالنا ڪري 14 سال بنواس ڪاٽي واپس موٽڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ هو واپس موٽي آيو، جنهن
کان پوءِ هن ڏينهن کي فتح جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي ۽ هن ڏينهن جي موقعي تي گهرن کي ڏيئا ٻاري روشن ڪيو ويندو آهي ۽ گهرن جي
صفائي سٿرائي جو به خاص خيال رکيو ويندو
آهي. سنڌ ۽ هند ۾ به ڏياريءَ جو ڏڻ وڏي جوش سان ملهايو ويندو آهي ۽ هن ڏهاڙي گهرن ۽
مندرن کي ڏيئن سان سينگاريو ويندو آهي .
پر افسوس جڏهن کان ڌارين جي
لوڌ اچي سنڌ ۾ لٿي آهي، تنهن ڏينهن کان ته ڪو نظر لڳي وئي آهي جنهن سبب مذهبي
انتهاپسندي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي ۽ هر طرف نفرتون پکڙجي رهيون آهن، جنهن سبب
هر طرف مذهبي ڪٽر پڻي جو ماڻهو شڪار ٿي
رهيا آهن. اڳ ۾ صوفين جي پيغام هر طرف
گونجندو هو ۽ هر ماڻهو بنا ڪنهن مذهبي فرق جي رهندا هئا ۽ هر طرف امن ۽ ڀائيچارو
هو پر افسوس جو اڄ هن سنڌ ڌرتي جون حالتون تبديل آهن ۽ سنڌ جا اصل وارث پنهنجي ڌرتيءَ
ماءُ کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، ڪيترائي ماڻهو لڙڪ ڳاڙيندي سنڌ کي الوداع چئي
هليا به ويا آهن پر افسوس جو نه ته حڪومت مذهبي انتهاپسندي کي ڪو ٻنجو ڏئي سگهي
آهي ۽ نه ڪو هن وقت تائيم خاص قدم کنيو ويو آهي. اڳ پيرن، فقير، درويشن ۽ بزرگن جي
درگاهن تي هر مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو گڏجي
حاضري ڏيندا هئا پر هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن. جنهن سبب سنڌ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن ۾ ويڇا پيدا ٿي ويا آهن ۽ نفرتن جنم ورتو آهي.
جنهن سان صوفين جو امن وارو پيغام محدود ٿي ويوآهي. جنهن جي ڪري عدم برداشت، شدت
پسندي ۽ انتهاپسندي عروج تي پهچي وئي آهي ۽ مذهبي انتهاپسندي واري وبا اسان جي
معاشري کي وڪوڙي ڇڏيو آهي، جنهن جو هن وقت به اسان ڀوڳي رهيا آهيون. 23 آڪٽوبر
2014 ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڏياريءَ سرڪاري سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ هندو
برادري سان تعلق رکندڙ سرڪاري ملازمن کي اڳواٽ پگهارون به جاري ڪيون ويون هيون،
جنهن سان هندو برادري ۾ پيدا ٿيل احساسي محرومي ختم ٿي وئي هئي، پر هاڻ هڪ دفعو ٻيهر
سڄي سنڌ ۾ صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت پئجي وئي آهي، جنهن سبب هر هڪ کي ڪردار
ادا ڪرڻو پوندو ته مستقبل ۾ ڏياري جو ڏڻ سڀئي گڏجي ملهايون ۽ خوشيون وکيريون ته
جئين صوفين جو پيغام عام ٿي سگهي.

No comments:
Post a Comment