صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا دارالامان آهن جتي عورتون تشدد کان تنگ ٿي پناهه
وٺي ترسيل آهن پر افسوس جو انهن دارالامان جا جڏهن ڪرتوت ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته
انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي پر ان باوجود انهن دارالامان جي اختيارين
خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي جنهن سبب اڄ به سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا
دارلامان موجود آهي جتي عورتن سان بدسلوڪي وارو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي، ته ڪٿي
وري عورتن کي پئسن عيوض وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙيون خبرون روز ميڊيا تي رپورٽ به ٿي
رهيون آهن، ڪجهه دارالامان جي ليڊيز آفيسرن بابت اهو انڪشاف به ٿيو آهي ته اهي
دارالامان ۾ ترسيل عورتن کي غلط رستو اختار ڪرڻ تي مجبور ڪنديون آهن، جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو جيڪي به هتي دارالامان قائم ڪيا ويا آهن
انهن تي حڪومت طرفان ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي وري انهن ۾ ڀرتي ٿيل عملي
بابت ڪا جاچ پڙتال ڪئي وئي آهي، جنهن سبب اڄ به انهن ڪيترن ئي دارالامانن ۾ اهو
ڪڌو عمل رڪجي نه سگهيو آهي، جيڪڏهن انهن دارالامانن جي آفيسرن خلاف خاص ڪارروائي
ڪئي وڃي ها ته اڄ انهن دارالامانن ۾ ڪنهن کي به عورتون وڪرو ڪرڻ جي جرئت نه ٿي
سگهي ها.
هونءَ ته سنڌ ۾ روز ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن گهر مان ڇوڪرين جي فرار
ٿي وڃڻ جون خبرون اخبارن جي زينت بڻيل رهن ٿيو پر انهن سان بعد جيڪو سلوڪ ڪيو وڃي
ٿو اهو ميڊيا تي تمام گهٽ ايندو آهي، ڪجهه ڇوڪريون پسند جو پرڻو ڪرڻ جي بهاني گهرن
کان ڀڄي وينديون آهن ته ڪجهه وري مڙس جي تشدد سبب گهرن تنگ تي نڪري اينديون آهن پر
جڏهن انهن کي ڪو به رستو نظر نه ايندو آهي ته انهن مان ڪجهه عورتون ٿاڻن تي پهچي
وينديون آهن ته ڪجهه وري دارالامان ۾ وڃي پناهه وٺنديون آهن، اهي سموريون عورتون
گهرن مان نڪرنديون ته پنهنجي مرضي سان آهن پر واپس گهر وڃڻ انهن لاءِ تمام گهڻو
ڏکيو ٿي ويندو آهي، اهي عورتون گهرن مان ان ڪري ڀڄنديون آهن ته انهن کي اهو آسرو
هوندو آهي ته جيڪي حڪومت انهن لاءِ پناهه گاهون ٺاهيون آهن انهن ۾ کين تحفظ فراهم
ڪيو ويندو پر انهن کي اها خبر ئي نه هوندي
آهي ته اتي انهن کان ڪهڙو ڪم ڪرايو ويندو ۽ انهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو
ويندو، اهي سموريون ان کان اڻڄاڻ هونديون آهن، جيڪي عورتون دارالامان ۾ پناهه ورتل
هونديون آهن اهي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ ترسنديون آهن پر انهن جي واهر ڪرڻ
لاءِ به ڪير نه ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي اهڙا ادارا آهن جن کي وڏي عزت جي نگاهه
سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن سبب انهن خلاف ڪارروائي يا جاچ ڪرڻ جو ڪو به نه سوچيندو آهي
۽ نه ئي ڪو اهڙي اداري خلاف ڳالهائڻ پسند
ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهڙن ادارن خلاف ڳالهائيندو به ته سندس ڳالهه تي ڪير
اعتبار به نه ڪندو پر جيڪي عورتون دارالامان مان فرار ٿي اينديون آهن ۽ جڏهن اهي
پنهنجو داستان ٻڌائنديون آهن ته انهن جي اکڙين مان لڙڪ ڪري پوندا آهن ۽ انهن جا
سڏڪا انصاف جي فرياد ڪري رهيا هوندا آهن پر حڪومت توڙي ٻيا ادارا انهن خلاف
ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندا آهن.
ڪجهه عرصو اڳ به مختلف
اخبارن ۾ خبرون ڇاپيون ويون هيون ته حيدرآباد جي دارالامان مان 7 عورتون فرار ٿي
ويون هيون ۽ انهن سمورين عورتن ڪراچي ۾ اچي پناهه ورتي هئي، جنهن بابت برطانوي
اداري به ڇاپيو هو ته حيدرآباد دارالامان ۾ ترسيل عورتن کان ڪهڙو ڪم ورتو ويندو
آهي، ڪجهه عرصو اڳ حيدرآباد جي دارالامان
مان فرار ٿي ويل عورت سلميٰ به ميڊيا کي اهو ئي ٻڌايو هو ته سندس مڙس مٿس تمام
گهڻو تشدد ڪندو هو، جنهن سبب هن پنهنجي مائٽن ڏانهن وڃڻ بدران دارالامان ۾ پناهه
ورتي هئي پر کيس خبر نه هئي ته اتي ساڻس ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو. جڏهن سلميٰ
حيدرآباد جي دارالامان مان فرار ٿي ڪراچي جي خانگي دارالامان پهتي ته ان وقت جي
سربراهه ڊاڪٽر حبيبه به اهو ئي ٻڌايو هو ته مختلف سبب جي ڪري اهي سموريون عورتون
دارالامان ۾ هيو ۽ انهن الزام لڳايو ته دارالامان جو عملو کين غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور
ڪندو هو، جنهن سبب اهي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿيون. بهرحال حيدرآباد دارالامان
خلاف ان وقت ڪيتري ڪارروائي ٿي اهو ته هر
هڪ ڄاڻي ٿو پر ان کان پوءِ پهرين جولاءِ 2014 ۾ لاڙڪاڻي جي دارالامان مان به 3
عورتون . مسڪان شيخ، نصرت بليدي ۽ نوران چانڊيو
فرار ٿي ويون هيون.جنهن سبب پوليس اختيارين پاران نوٽيس وٺڻ بعد سڪيورٽي
لاءِ مقرر هيڊ ڪانسٽيبل محمد مٺل، ڪانسٽيبل عبدالوهاب، محمد اعظم ۽ راجا کي ڪوارٽر
گهاٽ ڪيو ويو هو، دارالامان ۾ مقرر ٻن چوڪيدارن عطا حسين بروهي ۽ الهه بخش بروهي
کي گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته فرار ٿيل عورتن بابت ٻڌايو ويو هو ته اهي ٽئي
عورتون نصرت بليدي 2013 ، نوران چانڊيو اپريل 2014 تي ڪورٽ معرفت دارالامان پهتيون
هيون، جن مان نصرت بليدي ڳڙهي خيرو ، نوران چانڊيو وارهه ۽ مسڪان شيخ خيرپور جي
رهواسڻ ٻڌائي وئي هئي.
سنڌ ۾ دارالامان ته عورتن جي غير محفوظ بڻجي ويا آهن پر ملڪ جا ٻيا صوبا به بچي نه سگهيا آهن ۽ اتي به
ساڳيو ورتاءُ عورتن سان ڪيو پيو وڃي، ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ قائم دارالامانن مان
عورتون فرار ٿي رهيون آهن ۽ اهي به اهي ساڳيا انڪشاف ڪري رهيون آهن ڪجهه عرصو اڳ
پنجاب جي شهر جهلم ۾ دارالامان مان هڪ عورت فريحا نالي فرار ٿي وئي هئي جنهن پريس
ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو هو ته دارالامان ۾ غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن
ڪا عورت غلط ڪم ڪرڻ کان منع ڪندي آهي ته ان مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويندو آهي، هن
پريس ڪانفرنس دوران اهو به ٻڌايو هو ته سندس جان کي خطرو هو جنهن سبب ايڊيشنل سيشن
جج جي حڪم تي کيس 11 جولاءِ تي دارالامان موڪليو ويو هو پر کيس خبر نه هئي ته
دارالامان ۾ ساڻس ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو. هن وڌيڪ اهو به ٻڌايو هو ته 28
جولاءِ تي جڏهن کيس اڌ رات جو اٿاري تيار
ٿيڻ جو چيو ويو ته سمجهي وئي هئي ته کيس ڪهڙي ڪم لاءِ اٿاريو ويو، جنهن سبب هو خوف
وچان فرار ٿي وئي هئي. پنجاب جي شهر حافظ آباد جي دارالامان مان به ٻن ٻارڙن واري
ماءُ ٻچن سميت فرار ٿي وئي هئي ۽ اهڙا کوڙ سارا واقعا ٻين صوبن ۾ پيش اچي چڪا آهن
جن جون خبرون ميڊيا تي نشر ٿينديون رهنديون آهن.
ڪجهه عرصو اڳ سکر جي دارالامان
۾ پناهه ورتل ناري هڪ عملدار مٿان لڄالٽ جي ڪوشش جو الزام لڳايو هو، سکر جي
دارالامان ۾ پناهه حاصل ڪندڙ عوت مسمات سبحاي عرف ساجده کوسو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾
درخواست ڏني هئي ته ساڻس دارالامان جي هڪ اسسٽنٽ منور شاهه لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي،
جنهن بعد دارالامان جي انچارج کي عدالت ۾
طلب ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ هڪ ٻي عورت به اهم انڪشاف ڪيو هو جنهن جو نوٽيس به
ورتو هو، ان عورت ٿاڻي تي پهچي دانهن ڪئي هئي ته دارالامان جي عملدارن کيس پئسن
عيوض ڪچي جي هڪ معذور شخص کي وڪرو ڪيو هو، جنهن بعد هو وجهه وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب
ٿي وئي. اهڙي انڪشاف بعد هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ موجود دارالامانن تي آڱريون کڻجڻ
لڳيون، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ جيڪي به دارالامانن بابت انڪشاف ٿيا هئا انهن ۾ عورتن جي
وڪري جو ڪو به ذڪر نه ٿيل هو ۽ نه ئي ڪو اهڙو واقعو پيش آيو هو پر ايترو ضرور ٿيو هو جو انهن دارالامانن ۾ عورتن کي غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور
ڪيو ويو هو ۽ اهڙو حال هتان جي ٿاڻن جو به آهي،
2016 ع جي آگسٽ مهيني ۾ لاڙڪاڻي ۾ به هڪ اهڙو واقعو پيش آيو هو پر ان وقت
فرق صرف ايترو هو جو ناري ته صرف آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي هئي پر وومين ٿاڻي جي
ايس ايڇ او ۽ سول لائين جي ايس ايڇ او ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جيڪي هڪ ٻئي کي ڪچيون
گاريون ڏئي رهيا هئا، جنهن ڇوڪري تان ٻنهي آفيسرن ۾ جهيڙو ٿيو هو اها قمبر جي ڳوٺ
ميان شاهل جي رهواسڻ هئي، ايس ايڇ او سول لائين محمد نواز ملڻ ايس ايڇ او وومين کي
چيو هو ته تون تحفظ لاءِ پهتل ڇوڪريون
سپلاءِ ڪندي آهي، جنهن ڪري ناري
وومين ٿاڻي تي رهڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن تي ايس ايڇ او وومين رحمت عباسي
ايس ايڇ او سول لائين محمد نواز ملڻ کي گهروڙي بجو ڏنو هو، جنهن کانپوءِ عملي وچ ۾
پئي ٻنهي ايس ايڇ اوز کي وڙهڻ کان روڪي ورتو هو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو ڏٺي ويئي هئي ۽ ايتري
قدر جو اها وڊيو به ميڊيا تي ڏيکاري وئي هئي جنهن ۾ ٻئي اهلڪار هڪ ٻئي کي گاريون
ڏئي رهيا هئا.
بهرحال هاڻ حڪومت جي ذميواري آهي ته سنڌ ۾ موجود سمورن دارالامان جي
مانيٽرنگ لاءِ خاص ٽيم جوڙي ته جئين اتي موجود عملي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪري
جيڪي عورتن کي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي
عورتن کي غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت به سنڌ حڪومت اهڙن وحشي
۽ ڪڌا ڪم ڪندڙن عنصرن خلاف ڪارروائي نه ڪندي ته
جيڪي عورتون تشدد سبب گهرن کان ڀڄي اچي دارالامان ۾ پناهه وٺنديون آهن اهي
دارالامان ڏنهن وينديون ۽ مارجي وينديون ۽ ان جي ذميوار به حڪومت ئي
هوندي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هر هڪ شخص کي تحفظ فراهم ڪري، اهڙي
طرح غيرمحفوظ بڻجي ويل دارالامانن کي به محفوظ بڻايو وڃي ته جئين عورتن جون عزتون
محفوظ رهي سگهن ۽ جانيون جانيون به بچي سگهن.
No comments:
Post a Comment