Pages

Friday, 2 December 2016

آدمشماري ڪڏهن ٿيندي؟

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيو اچون ته آدمشماري تمام جلد ڪرائي ويندي پر ان جو حتمي فيصلو اڄ تائين نه ڏنو ويو آهي جنهن سبب سمورن صوبن کي خدشا آهن پر ان باوجود وفاقي حڪومت هن حساس معاملي تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي جنهن مان لڳي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت آدمشماري ڪرائڻ ۾ سنجيده نظر نه اچي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو مختلف وقتن تي مختلف سياسي پارٽيون احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ ئي نه چري رهي آهي، خبر نه آهي ته آخر حڪومت کي اهڙيون ڪهڙيون ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن جو آدمشماري ڪرائڻ حڪومت جي وس ۾ نه آهي ۽ آدمشماري لاءِ به فوج کان مدد وٺڻ جو چيو پيو وڃي، اڳ به جيترا ڀيرا آدمشاري ٿي آهي ان ۾ به  ڪجهه صوبن خدشا ظاهر ڪيا هئا پر ان باوجود وفاقي حڪومت انهن جي دانهن نه ورنائي هئي، پر حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت سنڌ سميت ٻين صوبن م ڌارين جي لوڌ کي ترسائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڌارين جي لوڌ کان جهڙي ريت سنڌ متاثر ٿيو آهي، شايد ئي ڪو ٻيو صوبو ٿيو هجي، هونءَ ته سنڌ ۾ مختلف وقتن تي قومپرست ڌرين طرفان احتجاج به شروع ڪيا ويا هئا ۽ اي پي سي به ڪوٺائي وئي آهي ۽ پنهنجا مطالبا به رکيا ويا هئا پر نه ته پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ آدمشماري ڪرائي ۽ نه ئي نواز سرڪار آدمشماري  ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي رهي آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪجهه ته عوام کان لڪائي رهي آهي جنهن سبب آدمشماري نه پئي ڪرائي وڃي ۽ بهانو بڻائي پيو وڃي ته فوج کانسواءِ آدمشاري نه ٿي سگهندي، بهرحال پيپلزپارٽي کان ويندي نواز سرڪار تائين ڪنهن به پارٽي هن  اهم مسئلي جي حل لاءِ هڪ وک به نه وڌائي آهي. جنهن سبب خدشا وڌندا پيا وڃن، سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ دانشور به  آدمشماري ڪرائڻ تي زور ڀري رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته سنڌ ۾ افغانين سميت ٻيا ڪيترائي پناهگير ترسايا ويا آهن جن کي هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ به ڏنا ويا آهن، جنهن سبب وڌڻ هڪ حقيقي روپ اختيار ڪرڻ لڳو آهي، جيڪڏهن هن وقت به وفاقي حڪومت ان معاملي جي حل لاءِ اهم قدم نه کنيا ته سنڌ طرفان اهڙن خدشن جو اظهار ٿيندو رهندو، هڪ ٻه ڏينهن اڳ به اخبارن ۾ اهي خبرون ڇاپيون ويون هيون ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي روينيو کاتي جي رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ وارو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ شهري رڪارڊ جي ڊيٽا انٽريز جو رڪارڊ به ڪونهي، ڪمپيوٽرائزڊ روينيو رڪارڊ ۾ به هيرا ڦيري  ڪئي وئي ۽ چيو ويو هو ته ڪمپيوٽرائزڊ رڪارڊ جي شعبي جو سربراهه ناڪام ٿي چڪو آهي، بهر حال هي ته صرف روينيو رڪارڊ بابت ڳاهيون هلي رهيون آهن، ان کان اڳ نادرا بابت به اهڙيون خبرون نشر ٿيون هيون ۽ چيو ويو هو ته نادرا جو عملو پئسن عيوض افغانين ۽ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏئي رهيا آهن.جنهن بابت وفاقي ڪنهن خاص ڪارروائي جو حڪم ڏيڻ بدران جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو  هو، جيڪڏهن ان وقت نادرا جي ڪرپٽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته ۽ انهن کي سخت سزا ڏني وڃي ها ته اڄ نادرا جهڙي اداري ته آڱريون نه کڻجن ها، بهرحال وفاقي حڪومت ڪهڙيون به دعوائون کڻي ڪري پر هن ملڪ ۾ ڌارين جي لوڌ حڪومت هٿ وٺي ڀري آهي ۽ هاڻ انهن وٽ اهي اختيار نه رهيا آهن جو انهن ڌارين کي هتان ڪڍي سگهي، ان جا به ڪيترائي سبب آهن، ڪجهه افغانين هتي پنهنجو ڪاروبار ۽ گهر ٺاهي ورتا آهن ۽ انهن وٽ سرٽيفڪيٽن کان ويندي نادرا جا ڪارڊ به موجود آهن، جن کي پٺاڻ طور ڄاڻايو وڃي ٿو، ڪجهه افغانين جا ته ڪي پي جي ماڻهن سان  رشتا ٿيل آهن ۽ هتان جا مقامي  ڪي پي جا ماڻهو انهن افغان شهرين کي هتان جا ڪارڊ ٺهرائڻ ڏيڻ ۾ ملوث رهيا آهن ۽ اهڙيون خبرون روزاني رپورٽ به ٿينديون رهيون آهن. ڪجهه عرصو اڳ پيپلزپارٽي جي ميزباني هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس 12 نقاطي ٺهراءُ منظورڪيو هو، ۽ ان ڪانفرنس جي صدارت اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪئي هئي، جنهن فنڪشنل ليگ سميت مختلف اڳواڻن به شرڪت ڪئي هئي. اي پي سي ۾ تحريڪ انصاف طرفان ڊاڪٽر عارف علوي، جماعت اسلامي جو اسد الله ڀٽو، حافظ نعيم الرحمان، محمد حسين محنتي، جي يو آءِ جو راشد محمود سومرو شريڪ ٿيا هئا.آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ 12 نقاطي ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو هو، ان ال پارٽيز ڪانفرنس ۾ پرڏيهين جي سنڌ آمد تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو، آل پارٽيز ڪانفرنس جي ٺهراءُ ۾ مرڪزي آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي گورننگ ڪائونسل ۾ هر صوبي کي نمائندگي ڏيڻ جي گھر ڪئي هئي. اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو هو ته 1998ع جي آدمشماري ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو هو، ان وقت جي حڪمرانن سندن نه ٻڌي هئي، پر هن ڀيري کين وزيراعظم خاطري ڪرائي ته آدمشماري جلد ٿيندي ۽ کين پنهنجو حق ملندو، بهرحال سيد قائم علي شاهه ته هليو ويو  ۽ وڏ وزارت سيد مراد علي شاهه وٽ هلي وئي ۽  وزيراعظم جي خاطري صرف خاطري ئي رهجي وئي، جڏهن به ملڪ ۾ آدمشماريون جون ڳالهيون شروع ٿيون ته ان وقت سڀ کان اڳ خدشن جو اظهار سنڌ ئي ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته واحد سنڌ ئي آهي جتي ڌارين جي لوڌ تمام گهڻي  آهي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون شازشون هن وقت به ٿي رهيون آهن جنهن جو مثال افغان مهاجرن کي هتان نه ڪڍڻ مان به ملي ٿو، بهرحال هي ته صرف افغان مهاجر ئي آهي پر جڏهن سوات ۾ آپريشن شروع ٿيو ته اتان به لڏ پلاڻ ڪندڙ سمورن ماڻهن کي سنڌ ۾ ترسايو ويو جنهن تي قومپرست ڌرين آواز اٿاريو هو پر اڄڪلهه قومپرستن  جي آواز کي دٻايو ويو آهي ۽ انهن کي احتجاج ڪرڻ  به نه پيو ڏني، جيڪڏهن ڏٺو وڃي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان حڪومت کان قومپرست ڌريون اهو ئي مطالبو ڪري رهيون آهن صاف شفاف آدمشماري ڪري سنڌ کي جائز حق ڏنا وڃن ، جيڪڏهن آدمشماري نه ڪرائي  وئي ته سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن ڌارين جي لوڌ وڌندي ويندي ۽ صوبائي حڪومت کي به قدم کڻڻا پوندا ۽ جيڪي به مهاجر هتي ترسيل آهن، ڀلي انهن جو ڪهڙي به ملڪ سان واسطو آهي، انهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق کسيو وڃي ۽ ٻين صوبن کان هتي ڪمائڻ لاءِ ماڻهن لاءِ فارم ۾ الڳ خانو ٺاهيو وڃي ۽ انهن جي آدمشماري ۾ الڳ ڳڻپ ڪئي وڃي جن کي سنڌ جو رهواسي تسليم نه ڪيو وڃي،  جيڪڏهن ڌارين جي لوڌ کي هتان جو شهري ڄاڻايو ويو ته سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو ئي ٿيندو، هونءَ ته هڪ ٻه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي مارچ ۾ آدم شماري ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ عدالت سڳوري طرفان چيو ويو هو ته حڪومت 15 مارچ کان 15 مئي تائين آدمشماري ڪرائي، جيڪڏهن لکت ۾ جواب تي وزيراعظم جي صحيح نه هوندي ته وزيراعظم کي گهرايو ويندو.جڏهن ته شماريات کاتي طرفان چيو ويو آهي  مارچ ۾ فوج دستياب هوندي، تڏهن ئي آدمشماري ڪرائي ويندي، فوج جي نگراني ۾ آدمشماري سي سي آءِ جو فيصلو آهي جنهن ۾ هو ڦير ڦار نه ٿا ڪري سگهن، هڪ طرف عدالت سڳوري آدمشماري جو حڪم ڏنو آهي ته ٻي طرف سنڌ سميت سمورا صوبا به آدمشماري جو مطالبو ڪري رهيا آهن، هونءَ ته هر ملڪ ۾ 10 سالن اندر آدمشماري ڪرائي ويندي آهي پر افسوس جو هن ملڪ ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان آدمشماري ناهي ڪرائي وئي، جيڪڏهن ڪا آدمشماري ڪرائي به وئي ته ان تي به خدشن جو اظهار ڪيو هو. هاڻ ته صرف سپريم ڪورٽ مان ئي اميد رکي سگهجي ٿي ته جيڪو سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ان تي وفاقي سرڪار جلد کان جلد عمل ڪندي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم کي مان ڏيندي ۽ فوج جو بهانو بڻائڻ بدران آدمشماري ڪرائي ويندي.

 03213631398

No comments:

Post a Comment