صاحب خان ڀٽي
آمريڪي رياست هوائيو ۾ 1961ع ۾ جنم وٺندڙ بارڪ اوباما
آمريڪي قومي سلامتي معاملن بابت آخري خطاب ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جي جنگ اسلام
سان نه پر دهشتگردن خلاف آهي، بارڪ اوباما پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته اسلام جي
نالي تي دهشتگردي ڪندڙ مسلمانن جا نمائندا نه آهن، سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جا
خطرا اڃا به موجود آهن، جنهن لاءِ بهتر پاليسيون جوڙڻيون پونديون. بارڪ اوباما
پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو ته هو اسلام جي نالي تي وڙهندڙ دهشتگردن سان مقابلو ڪري
رهيا آهن. هن پنهنجي آخري خطاب ۾ اهو واضع
به ڪيو ته آمريڪا ۾ هر هڪ شخص کي مذهبي عقيدي موجب زندگي گهارڻ جو مڪمل حق حاصل
آهي.
آمريڪي صدر قومي سلامتي بابت پنهنجي آخري خطاب ۾ اها
دعويٰ به ڪئي ته داعش پنهنجي قبضي هيٺ آيل علائقن کان مڪمل طور محروم ٿي چڪي آهي ۽
آمريڪا جي 8 سالن ۾حاصل ڪيل ڪاميابين تي کين فخر آهي.بارڪ اوباما جي آخري خطاب مان
لڳي رهيو هو ته هو پنهنجي ڇڏي ويل مشن کي پورو ٿيڻ ڏسڻ چاهي پيو، جنهن سبب هن ڪجهه
هدايتون به ڪيون ۽ ايتري قدر جو بارڪ اوباما کي اهو به چوڻو پيو ته جنگ بدران ترقي
تي خرچ ٿيندڙ ڊالر تمام گهڻا اهم آهن پر ماضي ۾ بارڪ اوباما پنهنجي خطاب ۾ ڪڏهن به
اهڙا قسم جا لفظ نه ورجايا آهن، جهڙي ريت هن پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو آهي، بارڪ
اوباما ته اهو به چيو ته جنگ سٽيل علائقن ۾ ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان
کان اڳ به جيڪي به بارڪ اوباما خطاب ڪيا آهن انهن ۾ به کيس عراق ۽ شام صورتحال تي
ڳالهائڻو پيو هو،
بارڪ اوباما پنهنجي خطابن ۾ داعش کي دنيا لاءِ وڏو
خطرو به قرار ڏنو هو، بارڪ اوباما آمريڪي رياست هوائي ۾ 1961ع ۾ جنم ورتو هو ۽
آمريڪا جو 44 هون صدر به ٿيو، بارڪ اوباما پنهنجي گريجوئيشن 1992ع کان 2004ع تائين
ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ هاروارڊ لا اسڪول ۾ مڪمل ڪئي، بارڪ اوباما جڏهن آمريڪي صدر
ٿيو هو ته ان وقت هن گوتامابو جيل کي بند ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو پر ان تي عمل نه
ڪري سگهيو هو ۽ مارچ 2011 ۾ گوتامابو جيل ۾ فوجي عدالتون ٻيهر قائم ڪرڻ جو اععلان
ڪيو هو، 2011ع ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي پيدائش جو سرٽيفيٽ به منظر عام تي
آندو هو، اهو صرف ان ڪري بارڪ اوباما اهڙو قدم کنيو جو هو سڀني کي ڏيکارڻ چاهي پيو
ته واقعي هو هڪ آمريڪي ئي شهري آهي ۽ هو آمريڪي صدارت جي عهدي لاءِ اهل آهي، مئي
2011 ۾ آمريڪي صدر نائن اليون جي متاثرن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو
هو آهي ۽ ان ئي مهيني ۾ هن اسماه بن لادن کي پاڪستان ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. 2011ع تائين بارڪ اوباما ڪيترن ئي جنگن ۾ مصروف
رهيو، سندس اختلاف روس سان به رهيا، ايتري قدر جو ترقي ۾ ناڪام بغاوت کان
پوءِ آمريڪا ۽ ترڪي ۾ به ويڇا وڌي ويا
هئا، بارڪ اوباما پنهنجي صدارت وقت پاڪستان ۾ ڊرون حملن ۾ به شدت آندي هئي ۽
پاڪستان ۾ ڪيترائي ڊرون حملا به ڪيا هئا، جن بابت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان،
جماعت اسلامي سميت ٻين ڪيترن ئي تنظيمن احتجاج به ڪيو هو پر سڀ کان اڳ واحد پارٽي
تحريڪ انصاف ئي هئي جنهن آمريڪي ڊرون حملن کي روڪرائڻ لاءِ روڊن تي اچڻ جو فيصلو
ڪيو هو،
بارڪ اوباما پنهنجي صدارت دوران ڪيترن ئي ملڪن جا
دورا به ڪيا ۽ ڪيوبا سان لاڳاپا به بحال ڪيا، بارڪ اوباما گوتامابو جيل مان ڪيترن
ئي قيدين کي منتقل به ڪيو هو، بارڪ اوباما مختلف وقتن تي اهي اعلان به ڪندو رهيو
ته هو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪارروائي ڪري سگهن ٿا ۽ کين ڪنهن کان
به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي، ايتري قدر جو بارڪ اوباما پاڪستان جي فوجي امداد به
بند ڪري ڇڏي هئي، هڪ طرف آمريڪا طرفان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جي
واکاڻ ڪئي ويندي آهي ته ٻي طرف وري پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو به ڪيو ويندو آهي، بهرحال آمريڪا
ته هر ڀيري پاڪستان کان حقاني نيٽ ورڪ سميت ٻين دهشتگرد گروپن خلاف بنا فرق جي
ڪارروائي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي پر جڏهن کان ڊونالڊ ٽرمپ نئون صدر ٿيو آهي ته هن
به پنهنجي اک ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ جلد
پاڪستان سميت ٻين ملڪ ۾ ڪو اهڙو قدم ضرور کڻندو جنهن سان اتان جا ماڻهو متاثر
ٿيندا،
ڇاڪاڻ ته ڊونالڊ ٽرمپ هڪ
جذباتي شخص آهي ۽ ڪاروباري به آهي، آمرڪي صدر بارڪ اوباما به ڊونالڊ ٽرپ کي
اڪيلائي ۾ گهرائي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، في الحال ته آمريڪي صدر ڊونالڊ
ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتان کي گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جي به آڇ ڪري رهيو آهي، جنهن جي
آجيان پاڪستان طرفان به ڪئي وئي آهي. ڊونالڊ
ٽرمپ طرفان چيو ويوآهي ته هو ٻنهي ملڪن ۾
ڇڪتاڻ ڏسڻ نه ٿا چاهين، بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جي اچڻ بعد حالتون
تبديل ٿي چڪيون آهن، جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما توڙي ٻيا آمريڪي عملدار اها
دعويٰ ڪري رهيا آهن ته صدارتي چونڊن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿي آهي پر ان باوجود آمريڪي
عوام روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن، جنهن بابت بارڪ اوباما به اهو ئي چئي چڪو آهي
ته هو احتجاج ڪندڙن کي روڪي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته احتجاج هر هڪ ماڻهو جو حق آهي ۽
اهو حق هو ڪنهن به صورت ۾ نه کسيندا.
جهڙي ريت بارڪ اوباما صدر ٿيو هو ته ان جو به سمورو
ڌيان عرب ملڪن سميت ڏکڻ ايشا هو ۽ هاڻ جڏهن نئون صدر ڊونالڊ ٽرمپ ٿيو آهي ته ان جو
سمورو ڌيان به انهن ملڪن ڏانهن ئي آهي، صدارتي چونڊن کان ته سعودي عرب کي به ٿورو
خوفزده ڪيو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته نائن اليون جا متاثر سعودي عرب خلاف قانون
ڪارروائي جو حق رکن ٿا پر جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ چونڊون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ان کان پوءِ ان فارمولي ۾ به ٿوري
چينجنگ آندي وئي ۽ اهو معاملو به جئين جو تئين رهجي ويو، جڏهن آمريڪا ۾نائن اليون
بابت پاس ڪيو ويو ته ان مان اهو ئي لڳي رهيو هو ته سعودي عرب خلاف آمريڪا ڪي نه ڪي
قدم ضرور کڻندو پر ائين نه ٿيو ۽ سعودي عرب ۽ ڊونالڊ ٽرمپ ۾ ڪي به اهڙيون ڳالهيون
نه ٿي سگهيون آهن جن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ته ڊونالڊ ٽرمپ سعودي عرب سان ڪي لاڳاپا
خراب ڪرڻ پسند ڪندو، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ان معاملي تي وڌي ته پوءِ سڀ کان
وڌيڪ آمريڪا جي معيشيت کي ڌڪ لڳندو، جنهن سبب آمريڪا ڪڏهن به سعودي سان تڪرار نه
چاهيندو، اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب تي نائن اليون جو الزام لڳائڻ باوجود به ان
سان لاڳاپا برقرار رکندو پيو اچي.
سعودي عرب به ڪڏهن نه چاهيندو آمريڪا جهڙي ملڪ سان
لاڳاپا ختم ڪري. بهرحال بش جي دور کان ويندي بارڪ اوباما تائين جيڪو به وقت گذريو
آهي، ان ۾ نقصان ٿيو آهي ته صرف ايشيائي ملڪن جو ٿيو آهي، نائن اليون کان پوءِ جهڙي ريت هن خطي ۾
ڪهري ڪارروايون ڪيون ويون آهن ان جو مثال شايد تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ملندو، بارڪ
اوباما جي دور ۾ به افغانستان ۽ عراق ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، هزارين معصوم ٻارڙا
اتحادي فوج جي بمباري ۾ شهيد ٿي چڪا آهن، جنهن بابت گڏيل قومن به رپورٽون به جاري
ڪيون آهن، شام جي به اهڙي ئي صورتحال آهي، جتي اتحادي فوج هوائي حملا ڪري عام
شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي. اسان ته صرف ايترو ئي چاهيون ٿا نئون آيل آمريڪي
صدر ڊونالڊ ٽرمپ ماضي جيان صدرن جهڙا قدم نه کڻي جنهن سان ماڻهن جون حياتيون داءُ
تي لڳي وڃن.
No comments:
Post a Comment