صاحب خان ڀٽي
نئين چونڊجي آيل آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ مختلف ملڪن جي
سربراهن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز،
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، پاڪستان جي وزيراعظم نوازشريف، روسي صدر ولادين پير
پيوٽن سميت مختلف جي سربراهن سان ڊونالڊ ٽرمپ ٽيليفونڪ رابطا ڪيا آهن ۽ پنهنجي
مختلف بيانن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ اهو واضع ڪندو رهيو آهي ته هو آمريڪا ۾ پناهگيرن کي ڪڍي
ڇڏيندي، هڪ طرف آمريڪا ۾ ڪاري نسل جا
ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن ته ٻي طرف آمريڪا جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ فائرنگ جا
واقعا به پيش اچي رهيا آهن، جنهن سبب نه ته آمريڪي پاڻ دهشتگردي کان بچي سگهيا آهن
۽ نه ئي وري مسلم ڪميونٽي کي ڪو خاص تحفظ ملي رهيو آهي، ڪجهه ڏيهن کان اهي خبرون
به گردش ڪري رهيون آهن ته آمريڪا ۾ مسلم ڪميونٽي کي حراسان به ڪيو پيو وڃي پر ان
باوجود آمريڪا ۾ مسلم ڪميونٽي جي تحفظ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن
هڪ مسلم نقاب پهريل ڇوڪري کي به تشدد جو نشانو بڻايوويو هو جنهن جون خبرون مختلف
ٽي وي چينلن تي نشر به ڪيون ويون هيون،
بهرحال هن وقت آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جهڙي ريت بيان
بازي ڪري رهيوآهي تنهن مان لڳي رهيو آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ صدارت جون واڳون سنڀالڻ
کان تڪراري بڻجي ويندو، جنهن جو مثال آمريڪا ۾ هلندڙ سندس خلاف احتجاج آهن، هن وقت
آمريڪا ۾ جيڪي به احتجاج ٿي رهيا آهن اهي سمورا احتجاج ڊونالڊ ٽرمپ خلاف ئي ٿي
رهيا آهن جنهن بابت بارڪ اوباما چيو آهي ته هو احتجاج ڪندڙن کي روڪي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ
ته احتجاج انهن جو حق آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اليڪشن کان آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽
اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن چيو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ سان ملڪ جون حالتون
خراب ٿي وينديون ۽ اهو به چيو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ نااهل شخص آهي جيڪو ان عهدي جي
اهل ناهي، هاڻ ته ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي صدر ۽ نائب صدر مائيڪ پينس بڻجي ويو آهي، جن
پنهنجي ڪابينا جي جوڙ جڪ به شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا هاڻ آخري مرحلن ۾ آهي،
ڊونالڊ ٽرمپ ته پنهنجو سڄو ڪاروبار پنهنجي گهر وارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽
اهو صرف آمريڪي صدارت جون ذميواريون سنڀالڻ جي خواهش ڏيکاري رهي آهي، روس طرفان به ڊونالڊ ٽرمپ کي هڪ اهل شخص قرار ڏنو
ويو آهي، روس جي پرڏيهي وزارت طرفان چيو
ويو آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ جيڪڏهن اهل نه هجي ته اڄ هڪ ڪامياب ڪاروباري شخصيت
نه هجي ها، سندس قابليت جو اندازو سندس ڪاروبار مان به لڳائي سگهجي ٿو، روس جي ان
بيان کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ته چونڊن وقت جڏهن آمريڪي صدر بارڪ اوباما هيلري ڪلنٽن جيڪي روس بابت بيان ڏنا هئا ان ۾
به صداقت نظر اچڻ لڳي آهي، آمريڪي صدر ان وقت چيو هو ته روس آمريڪي صدارتي چونڊن ۾
مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ ويب سائيٽ هيڪ ٿيڻ واري معاملي ۾ به روس جو ئي هٿ آهي،
اهڙن الزامن کي روس مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته
اهڙن الزامن تي کين افسوس ٿيو آهي. بهرحال ڊونالڊ ٽرمپ جڏهن صدارتي چونڊ کٽي ته ان
کان پوءِ هن روس سان به رابطو ڪيو ۽ ڪيوبا سان معاهدو ختم ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي،
وائيٽ هائوس جي ترجمان جاش ارنيسٽ ۾ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڊونالڊ
ٽرمپ جلد مختلف ملڪن جا دورا ڪندو، جڏهن ته اهو به چيو آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ پاڪستان
جو به دورو ڪندو. جاش ارنيسٽ وڌيڪ چيو هو ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما پاڪستان جي
دوري تي وڃڻ چاهي پيو پر ڪجهه مصليحتن سبب هو نه وڃي سگهيو پر هاڻ تمام جلد ڊونالڊ
ٽرمپ پاڪستان جو دورو ڪندو، هاڻي صرف اهو ئي ڏسڻو آهي ته نئين چونڊجي آيل صدر
ڊونالڊ ٽرمپ جو پاڪستان بابت ڪهڙو موقف آهي ۽ هو سعودي سان ڪهڙا لاڳاپا رکندو،
سعودي جي لاڳاپن جو اندازو ته ڪانگريس ۾ پاس ٿيل ٺهراءُ مان به لڳائي سگهجي ٿو
جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته نائن اليون جي
متاثرن جا وارث سعودي عرب خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهندا، ڇاڪاڻ ته نائن اليون ۾سعودي
عرب جو هٿ هجڻ جو آمريڪا طرفان انڪشاف ڪيو ويو هو، پر آمريڪا لاءِ ڪڏهن به ممڪن نه
هوندو ته هو تڙ تڪڙ ۾ سعودي عرب جي ڪنهن شهزادي جي ڳچي ۾ هٿ وجهن، ڇاڪاڻ ته سعودي
عرب واحد ملڪ آهي جنهن جو تمام گهڻو پيسو
آمريڪي بينڪن ۾ پيو آهي ۽ سمورن عرب شهزادن جو ڪاروبار به آمريڪا ۾ پکيڙيل
آهي جنهن مان لڳي رهيو آهي ته نئين چونڊجي
آيل ڊونالڊ ٽرمپ جيڪي چونڊن دورانن ڀڀڪيون هيون اهي صرف ڀڀڪيون ئي رهجي وينديون،
جڏهن بارڪ
اوباما آمريڪا جو نئون صدر چونڊيو ويو هو ته ان وقت پاڪستان سميت مختلف ملڪن طرفان
خوشي جو اظهار ڪيو هو ۽ جنهن دوران بارڪ اوباما
چيو هو ته هو ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو آڻيندا پر افسوس جو دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندڙ
بارڪ اوباما پنهنجي ملڪ آمريڪا کي به دهشتگردي کان نه بچائي سگهيو هو، ڪڏهن آمريڪا
۾ ڪاري نسل جي نوجوانن جي قتل خلاف باهه
ٻري وئي ته ڪڏهن مذهب جي نالي تي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، آمريڪا ۾ اهڙا به
واقعا به پيش آيا جن ۾ ٻئي ڪنهن به ملڪ جو
هٿ نه هو ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ يا ڪنهن دهشتگرد تنظيم قبول ڪئي هئي، ڪڏهن آمريڪا ۾
معذورن جي سينٽر تي حملو ڪيو ويو ته ڪڏهن وري نائب ڪلبن کي نشانو بڻايو ويو، ڪڏهن
ته وري يونيورسٽين اندر فائرنگ جا واقعا به پيشا آيا، اهڙي صورتحال جي ڪنهن به ڌر
طرفان ذميواري قبول نه ڪئي وئي هئي پر ان باوجود سمورو نزلو مسلمانن تي ڪرائڻ جي
ڪوشش ضرور ڪئي وئي هئي. بهرحال آمريڪي صدر بارڪ اوباما پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف به
ڪيو هو ته آمريڪا ۾ گن ڪنٽرول قانون نه هجڻ سبب ماڻهو مارجي رهيا آهن،
آمريڪي صدر بارڪ اوباما چيو هو جيستائين آمريڪا ۾گن ڪنٽرول پروگرام تي عمل نه
ڪرايو ويندو تيستائين اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا، هاڻ وري ڊونالڊ ٽرمپ به اهو ئي
چئي رهيو آهي ته هو داعش کي پاڙ کان پٽي ڇڏيندا ۽ اهو به چيو آهي ته خطي جي سمورن
ملڪن لاءِ داعش وڏو خطرو آهي، پاڪستان ۾ جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن انهن
بابت به اخبارن ۾ اهو ئي لکيل آهي ته انهن حملن جي ذميواري داعش ئي قبول ڪئي آهي،
آمريڪا طرفان بيان ڏنو ويو آهي ته داعش افعانستان ۾ پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي. جنهن
کي هو افغان فورسز گڏجي چٿي رهيا آهن، گذريل ڏينهن نامزد ڪيل بچاءُ واري وزير جنرل
جيمز ميٽن چيو هو ته عراق جنگ ۾ شامل ٿيڻ آمريڪا جي وڏي غلطي هئي پر جنرل جيمز
ميٽن اهو نه ٻڌايو ته آمريڪا ڪنهن جي چوڻ ته عراق ۾ فوج داخل ڪئي ۽ عراقي جنگ ۾
حصو ورتو، آمريڪا اهو به نه ٻڌايو ته آخر اهو ڪهڙوو ملڪ هو جنهن جي چوڻ ته هن اهو
سمورو تماشو بڻايو. بهرحال هاڻ اهڙن بيانن مان لڳي رهيو آهي ته آمريڪا عراق مان
سمورا پنهنجا مقصد حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هو
عراق کي ڇڏڻ چاهي ٿو پر شايد ترڪي عراق مان فوج نه ڪڍي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته ترڪي جو عراق ۾ باشيقا بيس تي مڪمل ڪنٽرول آهي جنهن سبب ترڪي
ڪنهن به صورت ۾ عراق کي نه ڇڏيندو، هونءَ به عراقي حڪومت طرفان ترڪي کي بيس خالي
ڪرڻ درخواست به ڪئي آهي پر ان باوجود ترڪي جو هڪ لفظ به نه ٻڌي رهيو آهي. جيڪڏهن
شام جو جائزو وٺنداسين ته مان اهو صاف ظاهر ٿيندو ته عراق کان پوءِ شام اتحادي فوج
جي ڪاررواين سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي،
جڏهن به اتحادي فوج بمباري ڪئي آهي ان ۾ معصوم شهري مارجي ويا آهن، شام جو شهر
حلب اهو بدقسمت شهر آهي جتي هڪ طرف داعش ماڻهن کي يرغمال بڻائي رهي آهي تي ٻي طرف
وري شامي ۽ اتحادي فوج جا جهاز بماري ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ به اتحادي فوج
حلب ۾ هڪ ٻارڙن جي اسپتال کي نشانو بڻايو جنهن ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا شهيد ٿي ويا،
جڏهن ته ڪيترائي زخمي به ٿيا، جن کي محفوظ
هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، هڪ طرف گڏيل قومن اهو سختي سان هدايت ڪئي هئي ته رهائشي
عمارتن ۽ آبادي وارن علائقن تي حملو نه ڪيو ويندو پر اتحادي فوج ۽ شامي فوج اهڙي
هدايتن کي ٿڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون ڪهري ڪارروايون جاري رکيون. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته شام
جو شهر حلب شهر آهي جتي هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ڪيترائي ماڻهو لڏ پلاڻ تي
مجبور به ٿي ويا آهن پر افسوس جو گڏيل قومون صرف ڪجهه وقت لاءِ جنگ بندي ڪري متاثرن
کي ڪجهه امداد ڏيڻ ۾ پوري آهي پر شام جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا اهن ۽ نه ئي وري داعش
هٿان يرغمال بڻايل عورتن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن.جيڪڏهن گڏيل
قومون پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائن ته شام ته ڇا والاري ڪشمير ۽ فلسطين ۾ به امن جو
سج اڀري سگهي ٿو پر افسوس جو اهڙي سنجيده
مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه پيو ورتو وڃي. ڪجهه ڏينهن اهي خبرون هلي رهيون
هيون ته داعش سربراهه البغدادي مارجي ويو
آهي، پرڏيهي ميڊيا اها دعويٰ به ڪئي هئي ته داعش سربراهه البغدادي اتحادي فوج جي
بمباري ۾ ماريو ويو، بهرحال اهي افواهون ته ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون آهن هاڻ ڏسڻو
اهو آهي ته البغدادي مارجي ويو آهي، يا نه ؟ جيڪڏهن البغدادي واقعي مارجي ويو آهي
ته سندس جاءِ تي ڪهڙو اڳواڻ داعش جون واڳون سنڀاليندو، .
No comments:
Post a Comment